سرڪاري بجيٽ تي راتاهو: اصغر ملاح

دنيا جي هر ملڪ جي  بقاءِ سالميت لاءِ ملڪ  جي آئين تحت قانون  جي  حڪمراني انصاف  ضروري آهي جتي  قانون  جي  حڪمراني انصاف  نه  هوندو  آهي  اتي عوام لاءَ  هزارين مسئلا  جنم وٺندا آهن قانون  جي  حڪمراني نه هوندي  اتي  ڪمزور  مٿا  ڏاڍن جو قبضو قائم هوندو  آهي.

جيڪڏهن  قانون  جي  عملداري  بهتر  آهي  ته اتي جي عوام کي  بنا فرق انصاف  ۽ تحفظ ملندو عوام کي رليف ڏيارڻ حڪومت جو اولين فرض آهي عوام دانهيو آهي ته ڪرپشن سرڪاري مختلف کاتن کي اڏهي وانگر کائي پٽي ناس ڪري کوکلو ڪري ڇڏيو آهي.جنهن جو خاتمو وقت جي اهم ضرورت آهي گذريل ڪيترن ئي سالن کان اخبارن چيئنل ۽ عوامي احتجاجن وسيلي سنڌ جي ناڻي کاتي ۽ مختلف ضلعن ۾ قائم ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس خلاف سرڪاري ملازمن جون بي پناهه شڪايتون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي منظر عام تي اچي رهيون آهن پر هن وقت تائين خبر ناهي ته  ڪهڙي سبب جي سنڌ جو عوام خاص ڪري سرڪاري طبقو جيڪو انهن ادارن تي ڀاڙي ٿو عذاب مان ٻاهر ناهي نڪري سگهيو جنهن مان ظاهر آهي ته ناڻي کاتي ۽ ضلعي اڪائونٽس آفيسن ۾ ڊوٽيون ڪندڙ ڪامورا يا ته سگهارن عوامي نمائندن جي آنڪي ڀريندڙ آهن يا  وري ڏنو پٽ ڇٽي واري رسم تحت پنهنجي زور تي کين مليل بي پناهه اختيارن جي آڌار تي جيڪو وڻين سو پيا ڪن پوءُ ڀلي سرڪاري ملازم پيا عذاب برداشت ڪن. تنهنڪري انهن سڀني ڳالهين جي تهه ۾ وڃڻو پوندو  ته آخر ڪهڙا سبب آهن. جنهن ڪري سرڪاري ملازمن کي سوين احتجاج ۽ نشاندهيون ڪرڻ باوجود صحيح انصاف نه ٿو ملي.ضلعي اڪائونٽس آفيسن جي تهه ۾ وڃبو ته ڄاڻ ملندي  ته اهي ڪنهن زماني ۾ ضلعن اندر قائم ٿيل خزانه آفيسن جي صورت ۾ سنڌ جي ناڻي کاتي جي ماتحت هيون جيڪي بعد ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس جي صورت اختيار ڪري اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي ماتحت هليون ويون جنهن جو بنيادي مقصد اهو هو ته سرڪاري ملازمن کي پنهنجي گهرن ويجهي سموريون سهولتون ميسر ٿي سگهن ۽ ان وقت مختلف کاتن جا سرڪاري ملازم پنهنجي جائز مسئلن جي حل لاءُ جيڪي سنڌ جي مختلف ضلعن مان ڪراچي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ۾ پهچندا هئا۽ پنهنجو هڙون وڙون ڏيتي ليتي وسيلي پنهنجا ڪم ڪرائي واپس ورندا هيا ته ڳرا ڀاڙا ڀري ڏينهن جا ڏينهن اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي آفيسن جا چڪر ڪاٽيندا هئا تڏهن  سندن جائز  مسئلا حل  ٿيندا  ها. جڏهن پنهنجا  جائز  مسئلا حل ڪرائي واپس ورندا هيا ته کين کي کائڻ لاءِ پوئتي ڪجهه به نه رهندو هو.

مطلب ته ملازمن جو ٻيڻو خرچ ٿيندو هو يعني ته مقامي خزانه آفيس جا به محتاج رهندا هئا ته اڪائونٽنت جنرل سنڌ ڪراچي جا به محتاج هوندا هئا جنهنڪري گهڻو ڪري ننڍا حاضر سروس ملازم ۽ رٽائرڊ ملازم سخت متاثر ٿيندا هئا. ماضي جي حڪومتن سرڪاري ملازمن جي لاڳاپيل مسئلن کي مدنظر رکندي خزاني آفيسن جي جاءِ تي ضلعي اڪائونٽس آفيسن جو قيام عمل ۾ آندو ته جيئن  حاضر سروس ملازم ۽ رٽائرڊ ملازم گهر ويٺي پنهنجا جائز مالي مسئلا حل ڪرائي سگهن پر ٿيو ايئن ڪونه ابتو سرڪاري ملازم وڌيڪ پريشاني طرف ڌڪجي ويا جنهن جو سبب انهن آفيسن ۾ اهي ڪامورا مقرر ٿي آيا جيڪي گهڻو ڪري من پسند هئا جن کي پنهنجن کي عذاب ۾ وجهڻ ۽ ڦرڻ جو وسيع تجربو حاصل هو جيڪي اهڙين آفيسن جا بي تاج بادشاهه بڻجي ننڍن سرڪاري ملازمن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تحت حل ڪرڻ بدران انهن کي پنهنجي روايتي انداز ۾ ڪچلڻ لڳا جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هر آئي ڏينهن سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر يا وسندي ۾ ضلعي اڪائونٽس آفيسن  جي رشوتخور ڪامورن  ڪلارڪن  اڪائونٽنٽن خلاف سرڪاري ملازمن جو احتجاجي مظاهرو نه ٿيندو هجي.

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سرڪاري ملازمن وقت به وقت احتجاج ڪري نشاندهي ڪندا رهيا آهن. اڪائونٽس آفيسن ۾ گذريل ڪافي سالن کان گهڻو ڪري اهي ڪامورا لاڳيتو مقرر ٿيندا رهيا آهن جيڪي يا ته انتهائي جونيئر آهن جيڪي وڏي منٿلي ادا ڪرڻ بعد مقرر ٿيندا پيا اچن يا وري ڪنهن نه ڪنهن سياسي ڌر جي وڏن جا واسطيدار آهن جن کي سياسي پٺڀرائي حاصل رهي ٿي. انهن سرڪاري ملازمن کي عذاب ۾ آڻي ڇڏيو آهي. بغير رشوت جي  جائز ڪم ناممڪن بڻيل آهي. ننڍن سرڪاري ملازمن ۽ عوام کي وقت به وقت احتجاج ڪندي الزام هڻندي دانهيو آهي ته سنڌ جي ٻين  ضلعن جيان دادو ضلعي اڪائونٽس آفيس ۾ به سالن کان اهو سلسلو جاري ۽ ساري رهيو ڪيترائي سفارش عيوض ڪامورا مقرر ٿيا ۽ ٿيل آهن.جيڪي  گذريل ڪيترن ئي سالن کان ضلعي اڪائونٽس آفيس جا با اختيار ڪامورو رهيا آهن اهو ئي سبب آهي  غريب سرڪاري ملازمن سان ٿيندڙ نا انصافي جو ازالو نه ٿيو آهي من پسند اڪائونٽنٽن ۽ عملي  کان خزانه آفيس ايتري قدر يرغمال بڻيل رهي آهي جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ننڍو سرڪاري ملازم بغير رشوت وصولي جي فيضاب ٿي ضلعي اڪائونٽس آفيس ٻاهر نڪتو هجي سرڪاري  ملازمن پرنٽ ۽  اليڪٽرانڪ  ميڊيا  اڳيان وقت به وقت  دانهيو آهي ته اهڙي طرح خدا نه ڪري ڪو سرڪاري ملازم رٽائرمينٽ کان اڳ خدا کي پيارو ٿي وڃي ٿو ته انجي فوتي پينشن به ڏي وٺ کانسواءِ جاري نٿي ٿئي سرڪاري ملازم دانهن ٿا ته بنا رشوت جي جائز ڪم به ناممڪن بڻيل رهيو آهي ضلعي اڪائونٽس آفيس ٻاهران بي پناهه ٿڌ هجي  يا سخت گرمي هجي ٻاهر بيٺل سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي حالت ڏسڻ جوڳي رهي ٿي پوءَ مجبور ٿي جيڪي لاڳاپيل آفيسن اندر پنهنجي ڪم ڪار لاءِ ٻاهر بيٺل ايجنٽن وسيلي ڳرا پئسا ڀري پنهنجي جائز پگهارن ، ٽي اي بلن ، تفاوت بل ۽ پينشن حاصل ڪندا نظر ايندا.آهن اهو ڏينهن خالي ڏسڻ ۾ نه ايندو جو وڏي انگ ۾ فوتي پينشن وٺڻ وارن جي لائين لڳل نه هجي ۽ بروقت رقم نه هجڻ ڪري ايجنٽن ۽ ڪامورن جا ڌڙڪا کائي واپس ورندا نه هجن. ڇا هي انصاف ۽ خدمت خلق آهي ؟.  پر ايجنٽن  وسيلي گهر وٺي مسئلا حل  ٿي وڃن ٿا. انهن ايجنٽن  لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي ايجنٽ  يا ته مختلف صوبائي ۽ وفاقي سرڪار جي ماتحت آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازم يا وري رٽائر ٿيل ملازم هوندا آهن جن جي ضلعي اڪائونٽس آفيس ۽ سندن عملي سان گهڻي قربت هوندي آهي بقول ننڍن سرڪاري ملازمن جي ته جڏهن خزانه آفيس هوندي هئي ته اهي اوترا عذاب ۾ نه هئا جيترو ضلعي اڪائونٽس آفيسن جي قيام بعد ٿي رهيا آهن. سالن کان انڌوڪار لڳو پيو آهي هر سرڪاري آفيس ۾ ڪو نه ڪو ضلعي اڪائونٽس آفيسر جو ايجنٽ مقرر ٿيل هوندو آهي جيڪي پنهنجي آفيس وڃڻ بدران سڄو ڏينهن اڪائونٽس آفيسر جي ڀر ۾ چانهن پيئندي ۽ ڀوڄن ڪندي ضرور نظر ايندا آهن جڏهن ته اهڙي حساس آفيس ۾ غيرضروري ماڻهو جو ويهڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ قانون جي خلاف ورزي آهي سرڪاري ملازم الزام هڻندي وقت به  وقت دانهيو آهي ته ضلعي اڪائونٽس آفيس مان جيڪي به سرڪاري بل پاس ٿين ٿا اهي بنا ڪنهن جاچ ۽ ڏسڻ جي ڪميشن وٺڻ بعد پاس ٿين ٿا جنهنڪري هڪ ته سرڪاري بجيٽ تي اربين رپين جو راتاهو اچي ٿو ته ٻئي طرف ترقياتي ڪم به متاثر ٿين ٿا ته پوءِ ڪهڙي ترقي ٿيندي .اها ڳالهه ته پنهنجي جاءِ تي پر روينيو ٽڪليون ۽ اسٽامپ پڻ ڳري رقم وٺي تنهن کانپوءِ اسٽامپ وينڊر کي فراهم ڪيا وڃن ٿا جيڪي وري  کوٽ جو بهانو بڻائي ماڻهن کي ڏيڍوڻ ۽ ٻيڻ وٺي پوءِ وڪرو ڪن ٿا جيڪا  سڀني کي خبر آهي جنهنڪري عوامي وهنوار بري طرح متاثر ٿئي ٿو خبر نه آهي ڪهڙا سبب آهن جو هن وقت تائين ڪنهن به عوامي نمائندي پاران ان ڳالهه جو نوٽيس ناهي ورتو ويو.

ننڍو سرڪاري ملازم اڳ ۾ ئي مهانگائي واري طوفان ۾ ڦاٿل آهي ۽ اهو اڪائونٽس آفيس جي نا مناسب رويي سبب اڃا به وڌيڪ لوڙي ته سرڪاري ملازمن جي اندر مان ڪهڙيون آهون نڪرنديون هونديون تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته ضلعي اڪائونٽس آفيسن مان ايجنٽ پرستي وارو رجحان کي ٻنجو ڏيڻ سان گڏ  انهن  خلاف  سخت قانوني ڪاروائي ڪري سرڪاري ملازمن سان  انصاف ڪيو وڃي ته اهو ئي سرڪاري ملازمن لاءِ بهتر هوندو.اهڙن ادارن ۾ سياسي بنيادن تحت مقرريون بند ڪيون وڃن ته جيئن براين جي جڙ هنگامي بنيادن تحت ختم ٿي سگهي ننڍن سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن کي قانوني رليف ملي سگهي. جيڪو انهن جو جائز حق آهي ڪرپشن خلاف نيب ۽ انيٽي ڪرپشن کاتي جون سڄي سنڌ ۾ڪاروائيون جاري آهن تازو نيب دادو جي اڪائونٽس آفيس تعليم کاتي لائيو اسٽاڪ  کاتي ۽ ٻين سرڪاري کاتن ۾  ڇاپا هڻي رڪاڊ هٿ ڪيو آهي ڪرپشن ڪندڙ ڪامورا جڏهن پڪڙجن ٿا. ڏنو پٽ ڇٽي واري رسم تحت معاملي کي ختم ڪيو وڃي ٿو. اها اسان جي بدقسمتي آهي دادو  ۾  وطن  دوست  فورم پاران وڏي  تعداد ۾  اڳواڻڻ  ڪارڪنن ڪرپشن  خلاف پريس  ڪلب آڏو مطالبو  ڪيو ته چيف  آف  آرمي  اسٽاف  رٽائرمينٽ  واري  فيصلي  تي  نظر  ثاني  ڪري  ۽ ڪرپشن  ۾  ملوث  بااثر ماڻهن  ۽  ڪامورن  خلاف  قانوني  ڪاروائي  ڪئي وڃي لٽيل  پئسو  ڪامورن  کان  واپس  ڪرائي  افصاف ڪيو وڃي ان لاءٌ اهڙي طرح ڪا اهڙي طرح  اهل ايماندار آفيسرن جي ڪاميٽي جوڙي وڃي اها هر مهيني گڏجاڻي ڪري عوامي شڪايتن جو نه صرف جائزو وٺي پر اڪائونٽس آفيسن مٿان چيڪ بئلنس رکي ته جيئن هن قومي نوعيت جي حساس اداري کي عوامي مفادن وٽان بڻائي سگهجي. عوام ۽ سرڪار ملازمن پاڻ سان ٿيندڙ نا اناصافين جي نشاندهي وقت بوقت شهر جي چوراهن ، پريس ڪلبن ۽ چونڊيل نمائندن اڳيان ڪندا رهيا آهن پراڄ تائين وريو ڪجهه به نه آهي ساڳيا لاٽو ساڳيا چڳهه واري ڪار لڳي پئي آهي

 

ASGHAR MALLAH

03337072052

Email: mallah asghar @ yahoo . com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *