ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ سنڌ حڪومت جو فرض آهي

ٻوڏ جو پاڻي پنجاب ۾ تباهي آڻڻ کانپوءِ هاڻ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه درياء جي بندن جي حفاظت جو پنهنجي سر جائزو وٺڻ لاءِ مختلف هنڌن تي پهچي بند مضبوط هجڻ ۽ ٻوڏ جو پاڻي خير سان لنگهي وڃڻ بابت سنڌو درياء جي ڪنارن تي ويٺل ماڻهن کي آٿٿ ڏيندو رهيو آهي ٻوڏ جو ايندڙ متوقع پاڻي سنڌ ۾ تباهي آڻيندو يا خير سان مَٽي ويندو تنهن جي خبر تڏهن پوندي جڏهن پاڻي سنڌ مان لنگهندو ۽ بنا ڪنهن نقصان پهچائڻ جي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو پر جيڪڏهن ڪٿان ڪو بند ڀڄي پيو يا ڪنهن علائقي کي بچائڻ لاءِ درياء جي بند ۾ هٿ سان ڪٽ هڻڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ جيڪا تباهي ايندي اها به ڏسڻ وٽان هوندي ماضي ۾ سال 2010 ۾ آيل ٻوڏ سنڌ واسين کي هڪ وڏو سبق ڏئي چڪي آهي جن ماڻهن کي وهم ۽ گمان به نه هو ته انهن جي ڳوٺن ۽ شهرن وٽان ٻوڏ جو پاڻي لنگهندو تن ڳوٺن ۾ اوچتو سنڌو جو پاڻي گهرن جي ڇتين کي ڇهڻ لڳو ته هر طرف زاري مچي وئي ته ٻئي  طرف حڪومت به وائڙي ٿي وئي ڇاڪاڻ ته هڪ  طرف ٻوڏ جو پاڻي ”آدم بوءِ آدم بوءِ“ ڪندو سنڌ جي وسندين کي لتاڙيندو چيڀاٽيندو اڳتي وڌي رهيو هو ته ٻئي طرف حڪومت کي ميڊيا، اين جي اوز ۽ متاثرين هاءِ گهوڙا مچائي ٻين لفظن ۾ ڇتو ڪري ڇڏيو هو. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن هن ڀيري به ساڳئي صورتحال پيدا ٿي ته پوءِ ڇا ٿيندو، اڳ ۾ مرڪزي سرڪار به پ پ  وٽ هئي جڏهن ته هاڻ سنڌ سرڪار کي ئي سڀ ڪجهه ڪرڻو آهي. هن ڀيري جيڪڏهن سنڌ سرڪار ٻوڏ سٽيلن جي ڪا واهر ڪري نه سگهي ته پوءِ عوام ۾حڪومت خلاف جيڪا ڪاوڙ وڌندي يا انهي ڪاوڙ مان ٽانگا پارٽيون ۽ اين جي اوز جيڪو فائدو وٺنديون تنهن جي شايد اڃا حڪومت کي خبر ئي نه هجي. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي آمد جو ٻڌي اين جي اوز وارن ۾ ته خوشي جي لهر ڊوڙي چڪي آهي ۽ اهي گذريل هڪ مهيني کان ڪمپيوٽرن تي ڊونر ايجنسين کي اڳوڻي ٻوڏ واريون تصويرون ڏيکاري اها ڪوشش ڪرڻ ۾ رڌل آهن ته هن ڀيري سنڌ وڌيڪ تباهه ٿيندي ان ڪري اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ امداد ڏني وڃي. چيو وڃي ٿو ته ڊونر ايجنسين ۽ ڊونر ملڪن کي اڳ اهو وهم ويٺل هوندو هو ته حڪومت کي جيڪا امداد ڏني وڃي ٿي اهي ڪامورا 30 کان 40 سيڪڙو تائين هڙپ ڪري وڃن ٿا ان ڪري انهن اهو فيصلو ڪيو ته هاڻ اهي ترقياتي ڪم غير سرڪاري تنظيمن کان ڪرايا وڃن ليڪن جڏهن ڪروڙين رپين جا فنڊ ڪاغذي اين جي اوز يا ليپ ٽاپ کي آڱرين سان نچائيندڙ ماهرن کي مليا ته انهن اهي فنڊ ٻئي مٿا چٽ ڪري ڊونر ايجنسين ۽ حڪومتن کي ”مٿي تي هٿ“ ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ڊونر ايجنسين ۽ ملڪن،  اين جي اوز کي سڌي ريت فنڊ ڏيڻ بجاءِ اطلاع آهن ته اهي ملڪ هاڻ خود ئي انهن ڏوڪڙن کي استعمال ڪرڻ گهرن ٿا انڪري اين جي اوز وارن کي اهي مهانگيون آفيسون، اعليٰ قيمتي گاڏيون ۽ انهن جو پئٽرول ۽ پنهنجن يارن دوستن کي وڏين پگهارن تي رکڻ وارو سڄو عمل ڳچي ۾ پئجي چڪو آهي ان ڪري اهي سخت پريشان آهن پر هاڻ جيڪا ٻوڏ اچي رهي آهي تنهن ۾ انهن کي روشني جا ڪجهه ڪرڻا نظر اچڻ لڳا آهن ۽ اهي دعا ڪري رهيا آهن ته سنڌو جو بند نه ٽٽو ته پوءِ  اسان رلي وينداسين. هڪ طرف اها صورتحال آهي ته ٻئي طرف جن قوتن جا انهي ۾ مفاد آهن ته سنڌو جي بندن کي گهارا لڳڻ گهرجن ته جيئن انهن جا مفاد پورا ٿي سگهن ۽ انهن جي روزي روٽي جو به بندوبست ٿي سگهي.اسان هڪ طرف متوقع صورتحال کي اونهي نظر سان ڏسي چڪا آهيون ته ٻئي طرف اسان اهو منظر به اڳواٽ ئي ڏسي رهيا آهيون ته جيڪڏهن ڪو بند ٽٽو يا ٻوڏ متاثرين جي ڪئمپن ڏانهن آمد شروع ٿي ته پوءِ انهن کي سرڪاري اسڪولن ۾ ئي ترسايو ويندو. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته پوءِ هڪ طرف ٻارڙن جي تعليم هڪ ٻن مهينن لاءِ متاثر ٿيندي ته ٻئي طرف اهي متاثرين اسڪولن جي عمارتن ۽ فرنيچرن سان جيڪو حشر ڪندا اهو به ڪنهن کان لڪل ناهي گذريل ٻوڏ ۾ جن متاثرين کي اسڪولن ۾ رهايو ويو هو تن اسڪولن جا بورڊ، بئنچون ۽ ڪرسيون ڀڃي انهن تي يا ته هٿ سيڪيا يا ٽن وقتن جي چانهه ٺاهي پيتي جڏهن ته اها ڳالهه به رڪارڊ تي آهي ته انهن ٻوڏ متاثرين سائنس ليبارٽرين جا تالا ڀڃي ليب ۾ استعمال ٿيندڙ ”بيڪرن“ کي ذاتي استعمال ۾ آندو ۽ ايتري تائين جو اڪثر ماين ته مختلف دٻن ۽ شيشين کي سرمو، تيل ۽ ناس رکڻ لاءِ پڻ کڻي ورتو. هتي سوال اهو آهي ته ڇا اهڙا ٻوڏ متاثرين ڪنهن همدردي جا مستحق آهن؟ يا انهن کي وري به اسڪولن جي عمارتن ۾ ٽڪايو وڃي؟ بهرحال اهو هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو وڏو بحث ڇيڙي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اڃا تائين شهري شعور ايڏو پختو نه ٿيو آهي ۽ سرڪاري ملڪيتن تي عوام جي ۽ پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهڻ وارو تصور پيدا ئي نه ٿيو آهي ۽ جيستائين اهو شعور پيدا نه ٿيندو تيستائين اهو مسئلو حل نه ٿيندو هونئن به اسان جو ملڪ جاپان ته هر گز ناهي جتي جڏهن سونامي آيو هو ته سونامي کان متاثر ٿيل ماڻهن کي ترسا ئڻ لاءِ فائيو اسٽار هوٽلن کي خالي ڪرايو ويو هو ۽ انهن کي وي آءِ پي سهوليتون ڏنيون ويون هيون. ظاهر آهي ته اسان ٻوڏ متاثرين کي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ترسائي نه ٿا سگهون پر ايترو ضرور ڪري سگهجي ٿو ته ٻوڏ متاثرين جي جوڳي سار سنڀال ڪئي وڃي ان لاءِ پهريائين ته ان ڳالهه جو بندوبست ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ته ٻوڏ متاثرين ۾ ورهائڻ لاءِ آيل امداد کي ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ واري افراتفري جو شڪار ٿيڻ کان بچائن لاءِ بندوبست ڪيا وڃن جيڪڏهن ڪا ٽرڪ امداد ورهائڻ لاءِ اچي ته ان کي ائين رستي تي بيهاري متاثرين طرفان ڦر ٿيڻ لاءِ  ڪڏهن به نه ڇڏڻ گهرجي ائين ڪرڻ سان امدادي ٽرڪ ته خالي ٿي وڃي ٿي پر پوءِ جيڪو ڏاڍو آهي اهو مال ميڙيو وڃي جنهن جا گهر ڀاتي وڌيڪ آهن اهو وڌيڪ ڦر ڪريو وڃي جيڪو ڪمزور آهي ان کي ڌڪا ۽ ٿاٻا ملن ٿا، ڪنهن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿين ٿا  ڪٿي ٻار ۽ عورتون لتاڙجن ٿيون جيڪي ماڻهو ڳوٺ ۾ ته پنهنجي گهٽيءَ مان سئوٽ ماسات جي لنگهڻ تي کيس ڪهاڙي مان ڪڍندي دير ئي نه ٿا ڪن پر امداد ورهائڻ واري ڇڪتاڻ ۾ کين ڪنهن کي به اهو ياد نه ٿو رهي ته ڪنهن جي ننگ سان ڪهڙو حشر ٿي رهيو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيترو ممڪن ٿي سگهي هڪ منظم بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن حقدارن کي سڪون سان نه رڳو امداد ملي سگهي پر حڪومت کي به ثواب ملڻ بدران پٽون ۽ پاراتا ملڻ شروع نه ٿي وڃن ۽ پوءِ اهڙي صورتحال مان انهن ٽانگا پارٽين کي سگهه ملي جيڪي اڳ ئي ڦرن، ڀتا خوري ۽ ٻين ڏوهن ذريعي نه رڳو پنهنجون پارٽيون هلائين ٿا پر عوام جا همدرد به بڻجي عوام سان ئي ظلم ڪندا رهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *