ڪانوَ کي لُڙَ ۾ مزو…!: مهتاب اڪبر راشدي

ملڪي حالتن ۾ گذريل هڪ مهيني کان جيڪو ڀونچال آيل آهي، تنهن جي پُڄاڻي اڃان ڪانه ٿي آهي. ساڳيا ڌرڻا، ڪنٽينر سياست ۽ انهن مٿان بيهي، اڌ ڀريل ۽ اَڌُ خالي ڪُرسين کي عمران خان ۽ طاهر القادري جا لاڳيتا ڀاشڻ جاري آهن.

ان وچ ۾ حڪومت ۽ ٻين پارٽين جي مشاورت سان ٺاهيل ”جرڳا“ به ڪنٽينر مٿان لهڻ چڙهڻ ۾ پورا آهن، هڪ عجيب منطق تحت هي معاملو هلي پيو مون کي مشتاق سعيد جون ڪي سٽون ياد پيون اچن، جيڪي هُن ته ڪنهن ٻي ڪيفيت ۾ لکيون هونديون، پر اِهي هن سياسي منظر نامي تي پوريون لهن ٿيون.

منهن جو تعلق به توهان سان

مثال، شمس و قمر آهي

ڇو جو رابطو به مسلسل

۽ فاصلو به مسلسل

(مشتاق سعيد)

تحريڪ انصاف کي حڪومت ڪپرائڻي به آهي. هو حڪومت کي مڃڻ کان به انڪاري آهن، سول نافرمانيءَ جي (ناڪام) تحريڪ جو به سڏ ڏئي چڪا آهن پر وري ٻئي طرف ساڳي حڪومت جي آشيرواد سان جوڙيل ڪميٽيءَ کي آڌر ڀاءُ به چون ٿا ۽ ڳالهين جو سلسلو به ڳنڍيون ٿا اچن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جو به اڃا ڪو کڙ تيل نڪرندي نظر نه ٿو اچي. ڳالهه اچي عمران خان جي ضد تي اٽڪي بيٺي آهي. جنهن ۾ نواز شريف جي استعيفيٰ کان سواءِ، هو ٻي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي.

ان حساب سان ته هي ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي پهچندي نظر نه ٿيون اچن، ڇو ته عمران خان، پاڻ کي سياستدان سڏرائڻ جي باوجود، سياست جي ان بنيادي گهرجن يا وصفن کان عاري ٿو نظر اچي. جنهن تحت ڪنهن به گهوٽالي يا مشڪل مان نڪرڻ لاءِ گفت وشنييد جو دروازو کُليو رکڻ ضروري هوندو آهي.

ان کان علاوه، جيڪڏهن توهان جي سوچ ۽ روئي ۾ لچڪ ناهي ته پوءِ ڪنهن به مسئلي جو حل نڪرڻ جيڪڏهن ناممڪن نه ته ڏکيو ضرور آهي. اسلام آباد جي ڊي چوڪ ۽ پارليامينٽ هائوس جي سامهون خيما کوڙي ۽ ڪنٽينر بيهاري، ٻن ماڻهن طرفان حڪومت جي ڪرڻ  جو انتظار ڪرڻ وارن طرفان اهو بي لچڪ طريقاڪار اختيار ڪرڻ سبب، هڪ ڳنڀير صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ائين ٿو لڳي ته، هميشه جيان، اسان بنا  سوال جواب جي جهڙين تهڙين حالتن سان سمجھوتو ڪري زندگي گهارڻ جا عادي ٿي ويا آهيون.  اسان جي زندگين ۾ ايم ڪيو ايم جي هڙتالن، ڪرفيو ۽ احتجاجن کانپوءِ هاڻي عمران ۽ طاهر القادري جا ڌرڻا به شامل ٿي چڪا آهن. بلڪه هاڻي ته ايم ڪيو ايم به ماشاءَ الله اُنهن جي نقشِ قدم تي پئي هلي. تحريڪ انصاف وارن، الطاف حسين جي ”نون انتظامي يونٽس“ جي جواب ۾ جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي، تنهن ۾ هنن، ايم ڪيو ايم جي ان گهرج کي رد ڪري ڇڏيو آهي. تنهن جي خلاف هو ڪيئن چپ ڪري ويهندا؟ کين جواب ڏيڻ لاءِ هنن به تحريڪ انصاف وارو نسخو استعمال ڪندي ڪالهه ڇنڇر تي ٽن تلوارن واري هنڌ تي ڌرڻو ڏنو، نتيجي ۾، سڄي خلقِ خدا آزار ۾ آئي، ڪلفٽن جي ان مصروف شاهراهه تي ان ڌرڻي جي نتيجي ۾ ماڻهن سان جيڪا ويڌن ٿي ان جي ڪار گذاري به توهان ڏسي چڪا هوندئو.

هن مهل اسان جي ملڪ اندر هڪ ئي وقت ۾ ٻه ٽي ڊراما پيا هلن، ڌرڻا، برساتيون ۽ سيلاب ۽ وري تازه ترين ڊرامو (هميشه وانگر) لنڊن پراڊڪشن آهي. عمران خان جي عجيب و غريب ڌرڻي ته ڪئي رخ اختيار ڪيا آهن، خان صاحب جيڪو هڪ هفتي اندر، امپائر جي آڱُر کڄڻ جو منتظر هيو، سو ماڻهن کي آسرا ڏيندي ڏيندي، هڪ مهينو گذاري چُڪو آهي. ايتري ڊگهي اِننگ کيڏڻ جي ته کيس به توقع نه هئي. پر لڳي ايئن ٿو ته، کيس ۽ مولانا کي آسرا ڏيڻ وارا (شايد) قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ ڊگهن گڏيل اجلاسن ۾ ٿيندڙ تقريرن ۽ پارٽين طرفان مشترڪه حڪمت عملي ٺهندي ڏسي. في الحال ڪنهن به مانڌاڻ ۾ واڌاري ڪرڻ کان پاسو ڪري ويا آهن. ان ڪري هاڻي طاهر القادري ڌرڻي جي ”چاليهي“ ٿيڻ تائين وري ماڻهن کي ڪنهن خوشخبري ٻڌائڻ جو اشارو ڏنو آهي. ميڊيا به آهستي آهستي، ٻنهي کي براهِ راست ڏيکارڻ جي ٽائيم ۾ ڪمي آڻيندي پئي وڃي.عالمانه تقريرون ڪندڙ، مولانا قادري کي بُشَ پٺاڻ کي پنهنجو مائيڪ هٿ ۾ ڏئي، سندس فرمايل گفتن جي ترجمي تي اچي لٿو ۽ چيائين ته هي صاحب جنهن جون ٽي شاديون اڳ ۾ ٿيل آهن سو، اڄ اسان سان هن انقلاب مارچ ۾ ان ڪري اچي شامل ٿيو آهي ته، جيئن ئي انقلاب ايندو ته هيءُ همراهه، ان جي خوشيءَ ۾ وڃي فورن چوٿين شادي ڪندو. ان مان اسان ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته هنن وٽ ڳالهائڻ لاءِ باقي ڪهڙا موضوع وڃي رهيا آهن؟

هلندڙ ڊرامن مان في الحال تازه ترين، پر هونئن گهميل پٽيل ڊرامو، ايم ڪيو ايم جي دل جو آواز سنڌ مان هڪ ٻئي صوبي ٺاهڻ جو آهي. پوئين سڄي مهيني ۾ تحريڪ انصاف جي مارچ ۽ ڌرڻي ۽ گڏوگڏ طاهر القادري جي انقلاب مارچ جي ڪري حڪومت سميت سڄي قوم جو توجهه بشمول اخبارن ۽ ٽي وي جي انهن جي طرف مرڪوز رهيو. اها صورتحال، لنڊن واري ليڊر صاحب کان هضم ٿيڻ ڏکي رهي. ان کان علاوه حڪومت طرفان جوڙيل جرڳي ۾ به هنن جو ڪو نمائندو ڪونه کنيو ويو. ان وچ ۾ اهو، حسبِ عادي، پنهنجي طرف ڪڏهن حڪومت کي ته ڪڏهن ڌرڻي وارن کي پنهنجن زرين مشورن سان نوازيندو رهيو ۽ کيس نه ٻڌڻ جي صورت ۾ دڙڪا به ڏيندو رهيو.اسان اِهو به ڏٺو آهي ته جڏهن به ايم ڪيو ايم جي اندر ڪو اندروني خلفشار پيدا ٿيندو آهي، يا کين ڪٿان ڪنهن پريشر کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ته هو ڪو اهڙو شوشو ڇوڙيندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ سڄو ملڪ هنن ڏانهن متوجهه ٿي ويندو آهي.ڪراچيءَ  ۾ جماعت اسلامي جي غير موثر ٿيڻ کانپوءِ پوئين اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف ئي هنن جي طاقت کي للڪاريو. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي مستعدي، بي خوفي ۽ ٻڌيءَ جي ڪري چار سيٽون کٽي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهتا آهن. ان ئي ڪراچي ۾ عمران خان پوئين سال، قائد اعظم جي مزار ويجھو گرائونڊ ۾ هڪ وڏو ڪامياب جلسو پڻ ڪري ويو. ۽ هاڻي هو، ڪراچي وارن کي جاڳائڻ لاءِ، پنهنجو ڌرڻو ڇڏي، ڪراچي اچي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم وارا، ان کي ڪو سولو گسُ ته نه ڏيندا، سو ڌرڻي واري جو استقبال ڌرڻي سان ئي ڪيو پيو وڃي، پر هڪ ڳالهه کي نوٽ ڪيو وڃي ٿو ته اِهو ڌرڻو ايم ڪيو ايم جي طرفان نه، بلڪه سِول سوسائٽي طرفان ڪيو پيو وڃي. جنهن جو اعلان ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم اين اي خوش بخت شجاعت ڪيو ۽ اڳواڻي به اُهائي پئي ڪري. هاڻي ان کان اِهو پڇڻو پوندو ته هوءَ ڪڏهن کان سياست ڇڏي وري ”سول سوسائٽي ۾ شامل ٿي آهي. ڪجهه عرصي کان ايم ڪيو ايم اندروني خلفشار جو شڪار رهندي پئي اچي. سندس انگلينڊ ۾ رهندڙ ليڊر جي عمران فاروق جي قتل ۾ مُلوث هئڻ، کانئس، اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پچا ڳاڇا ۽ ضمانت تي رهائي پاڻ کان علاوه، پارٽي لاءِ پڻ ڳڻتي جو سبب آهي. اهو منظر عام تان هٽي ويو ته سندس جاءِ ڪير وٺندو؟ وقت اچڻ تي انهن سڀني ڳالهين جا جواب ته ملي ويندا، پر هزارين ميل پري ويٺل بيمار ليڊر شايد پارٽيءَ مٿان پنهنجي گرفت کي ڪمزور پيو محسوس ڪري. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن به ڪا صورتحال بدلبي نظر ايندي آهي ته هن جو پهريون ڏنڊو، پنهنجي رابطا ڪميٽيءَ تي وسندو آهي. ٻي نمبر تي سندس ڌمڪي ايندي آهي ته بس! هاڻي مان قيادت تان دستبردار ٿو ٿيان. اڪثر ئي ان اعلان جو وقت هتي رات جو وچ يا پويون پهر هوندو آهي. ان اجلاس ۾ رابطي ڪميٽيءَ وارا يا ته عوام جو ڪُٽڪوڏ کائيندا آهن (جيئن پوئين دفعي، فاروق ستار ۽ ڪمال مصطفيٰ کاڌو) ۽ ملزمن وانگر ڪنڌ جھُڪائي ويٺا هوندا آهن. الطاف جا ديوانا، ليلڙائي کيس منٿون ڪندا آهن ته هو پنهنجو فيصلو واپس وٺي، ڇو ته هنن کي ”منزل“ نه (الائي ڪهڙي؟) پر رهنما کپي، پوءِ ڪلاڪ ٻه منٿون ڪرائڻ کانپوءِ هو پبلڪ جي بيحد اصرار تي، پنهنجو فيصلو واپس وٺي ”ساڳي پگهار“ تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. هن دفعي به اهو ڊرامو ٿي گذريو ِآهي. رابطا ڪميٽي معطل آهي به ناهي به. ساڳي پگهار تي اُهي به ڪم پيا ڪن. پر ان سڄي معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هن وري سنڌ ۾ ممڻ مچائڻ لاءِ پنهنجي اندر جي بدنيتيءَ کي اوڳاڇي ڪڍيو. هن دفعي هڪ ٻيو اکر استعمال ڪيو ويو آهي. بجاءِ نئين صوبي ٺاهڻ جي ”انتظامي يونٽس“ ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. انتظامي يونٽ ته ضلعو ، هڪ ڊويزن به ٿي سگهي ٿي. جيڪي وقتن فوقتن، ٺهندا، ڊهندا ۽ وڌندا، گهٽبا رهندا آهن. پوءِ هي ڇا جي تقاضا پيا ڪن؟اسان کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته هنن جي دماغ ۾ فتور ئي ٻيو آهي.  اسان کي هنن جي نيت جي خبر آهي پر هنن کي خبر هئڻ گهرجي ته (خدانخواسته) سنڌ جي تقسيم اهڙي به سولي ڪانهي. سنڌ اَڪ جي ماکي ناهي جو هر ڪو ان کي لاهي وٺندو. هونئن ڀلي سنڌي پاڻ ۾ کڻي هڪ ٻئي جون ٻوٽيون پٽي کائن، پر پنهنجي ڌرتيءَ مٿان گهور ٿيڻ جي سُتي ماءُ هنن کي ڄمندي ئي پياري آهي. واري وٽيءَ سان سنڌ جي وزيراعليٰ ٿيڻ واري رٿ ڏيڻ وقت هنن کان قانوني ۽ آئيني تقاضا وسري ٿا وڃن ته اسيمبليءَ ۾ موجود اڪثريتي پارٽي ئي پنهنجو وزيراعليٰ منتخب ڪندي آهي. جي هنن وٽ ايتريون سيٽون هونديون ته سندن اِها خواهش سنڌ ۽ وفاقي سرڪار ٺاهڻ لاءِ پوري ٿي سگهي ٿي. پر اوڏي مهل هنن جون زبانون ڇو بند آهن، جڏهن سنڌ جي گورنر جي ڳالهه ٿي ٿئي، جيڪو ٽن حڪومتن کان مسلسل  گورنريءَ تي فائز آهي. مشرف جي دور کي ڇڏيون ٿا. پر پيپلزپارٽي جي ڪهڙي مجبوري جو هو هن کي رکيون آيا؟. نواز شريف کي ڪهڙو مٿي ۾ سور پيو  آهي، جو ان جو گذارو به ”هنن“ جي گورنر کان سواءِ نٿو ٿي سگهي؟ گورنر ته وفاق جو نمائندو هوندو آهي. پر سنڌ جي گورنر هميشه هڪ  سياسي پارٽيءَ جي نمائندگي پئي ڪئي آهي. گورنر هائوس ۾ پارٽيءَ جا اجلاس ٿيندا رهيا آهن ۽ اها به سڀني کي خبر آهي ته سنڌ جو گورنر هائوس ته هلندو ئي لنڊن ٽائيم مطابق آهي. سو انتظامي تقسيم ۽ انتظامي يونٽس واري اهڙي قسم جي رِٿَ ڪهڙي بنياد تي پيش ڪئي پئي وڃي. قانوني ۽ آئيني تقاضائن مطابق ته پهرين ان صوبي مان اهڙي قرار داد اڪثريت راءِ ۽ قومي اسيمبلي مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ٿيڻ لازم آهي.ايم ڪيو ايم پهرين ايتري عددي اڪثريت ثابت ڪري، پوءِ اڳتي ڳالهائي. باقي سندن زور زبردستي ۽ ڏاڍ ۽ بليڪ ميلنگ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ته ڪارگر ٿي سگهي ٿي، باقي نئين صوبي جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ۾ کين ڏهه دفعا نه بلڪه هزار دفعن کان به وڌيڪ سوچڻو پوندو. ڪٿي ائين نه ٿئي جو سندن هڪڙي ڌرڻي جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ هنڌين ماڳين اهڙا ڌرڻا لڳي وڃن جو نئين صوبي جا خواهشمند رڳو هڪ شهر ۾ ئي محصور ٿي رهجي وڃن.سنڌ جي ڏاهي، محمد ابراهيم جوئي جي بيان تي غور ڪيو ۽ سندس وضاحت ڪيل صوبن جي هيئت ۽ وصف تي غور ڪيو.صوبن ۾ وسڻ لاءِ هڪ قوم جي ضرورت هوندي آهي. هن سياسي پارٽي هلندي هلندي، ڀلي کڻي پنهنجو پهريون نالو مهاجر قومي موومينٽ مان مٽائي، ان کي ”متحده“جي شڪل ڏني پر، اڄ وري هو پنهنجي اصليت طرف موٽيا آهن ۽ وري ڦري ”مهاجر“  ٿيا آهن. هاڻي دنيا اِهو فيصلو ڪري ته ”مهاجر“ ڪهڙي قوم آهي؟

چوندا آهن ته ”ڪانوَ کي لُڙ ۾ مزو“ اسلام آباد ۾ هلندڙ سياسي بحران تان ڌيان هٽائڻ ۽ ڪئميرائن جو رخ پنهنجي طرف ڪرڻ لاءِ هنن کي اهو ئي بهترين وقت نظر آيو آهي، پر اسان لاءِ ته لمحو لمحو جاڳڻ جو آهي. سنڌ جي حڪومت کين ڇا ٿي جواب ڏئي؟ پر هنن جي “مصلحت ۽ مفاهمت“ جي سياست جي وَرِ ان مسئلي کي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهجي؟ پر مون کي پنهنجي ڌرتيءَ جي ٻچي ٻچي تي يقين آهي ته اهو

ساهه ڏيندو، ويساهه نه ڏيندو

جان ڏيندو، وطن نه ڏيندو

وڏو ضدي آهي، ڇو ته

سنڌي آهي

اهو ئي يقين، ۽ عمل، ڌرڻن وارن جي لفظن جو جواب ٿيندو. ۽ جنهن ڪانوَ کي لُڙ ۾ مزو ايندو آهي، سو سياڻو ڪانوءُ ٻه ٽنگو به ڦاسندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *