نيب جو خاتمو ۽ سنڌ احتساب ايڪٽ جو قيام…

سنڌ حڪومت قومي احتساب آرڊيننس 1999ع جي منسوخي بعد سنڌ اسيمبلي سنڌ احتساب بل جي اڪثريت سان منظوري ڏئي ڇڏي، هي نئون قانون ”سنڌ احتساب ايڪٽ“ چورائيندو، گذريل اربع ڏينهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ قومي احتسابي آرڊيننس 1999ع جي منسوخي بعد سنڌ احتساب ايڪٽ بل جي اڪثريت سان منظوري ڏني وئي. اهڙي منظوري دوران مخالف ڌر ايوان جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو. سنڌ احتساب ايڪٽ بل جي منظوري تحت صوبي ۾ احتساب ايجنسي قائم ڪئي ويندي ۽ صوبي جي پنهنجي احتساب ڪميشن به جوڙي ويندي، صوبي ۾ احتساب عدالتون به قائم ڪيون وينديون ان ايڪٽ جي منظوري بعد قومي احتساب بيورو (نيب) يا ڪو ٻيو ادارو سنڌ ۾ ٿيندڙ مالياتي ڪرپشن ۽ ڏوهن خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهندو، اهڙي طرح صوبي ۾ قومي احتساب آرڊننس 1999ع غير موثر ٿي ويندو، سنڌ انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ کي ختم ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان سنڌ انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن ايڪٽ 1991ع به منسوخ ڪيو ويندو. اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ جا سڀ ڪيس اسٽاف ۽ اثاثا سنڌ احتساب ايجنسي کي منتقل ٿي ويندا، اسيمبلي پاران پاس ڪيل احتساب ايڪٽ تحت احتساب ايجنسي ڪرپشن ۽ بدعنواني خلاف شڪايتون ۽ الزام وصول ڪندي ۽ ان جي تحقيقات به ڪندي. چيئرمين جي نامزدگي سنڌ اسيمبلي جي 6 رڪني پارلياماني ڪميٽي ڪندي، اهڙي ڪميٽي ۾ ٽن ميمبرن جو تعلق حڪومتي ڌر سان ۽ ٽن جو مخالف ڌر سان هوندو، ٻنهي طرفن کان قائد ايوان ۽ قائد حزب اختلاف پارلياماني ڪميٽي جا نالا ڏيندا جڏهن ته اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ڪميٽي جو سربراهه هوندو. پارلياماني ڪميٽي چيئرمين جي چونڊ يڪراءِ يا اڪثريت سان ڪري سگهندي جيڪڏهن ٻن نالن تي هڪ جيترا ووٽ هوندا ته اسپيڪر جو ووٽ حتمي هوندو. چيئرمين جي مقرري ٽن سالن جي مدت لاءِ ڪئي ويندي. پارلياماني ڪميٽي وڌيڪ ٽن سالن لاءِ چيئرمين جي مدي ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي، احتساب ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل جي مقرري لاءِ چيئرمين حڪومت کي 3 نالا تجويز ڪندو ان مان ڪنهن به هڪ کي سنڌ حڪومت ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪري سگهندي. احتساب ايجنسي ۾ ڊائريڪٽر انويسٽيگيشن، ڊائريڪٽر انٽرنل مانيٽرنگ ۽ ڊائريڪٽر انٽرنل ڪنٽرول به هوندا. ڊپٽي ڊائريڪٽرز ريجنل هيڊز طور مقرر ٿيندا جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز ۽ انسپيڪٽرز به مقرر ڪيا ويندا. احتساب ايجنسي جي پراسيڪيوٽر جنرل جي مقرري لاءِ به چيئرمين طرفان 3 نالا سنڌ حڪومت کي پيش ڪيا ويندا انهن مان حڪومت ڪنهن هڪ جي مقرري ڪندي. وڏو وزير ان مان ڪنهن هڪ کي مقرر ڪندو. سنڌ حڪومت ضرورت تحت صوبي ۾ احتساب عدالتون قائم ڪري سگهندي جن جو سربراهه ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هوندو يا اهڙو ماڻهو هوندو جيڪو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بڻجڻ جو اهل هجي. احتساب جج جي ملازمت جو مدو 3 سال هوندو. سنڌ انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن ايڪٽ 1991ع تحت قائم ڪيل عدالتن کي احتساب عدالتون تصور ڪيو ويندو، سنڌ احتساب ايڪٽ تحت ٿيندڙ ڪارروائي تي قانون هڪ شهادت آرڊر 1984ع جون شقون به لاڳو هونديون. صوبي جي مالياتي معاملن بابت ڏوهن ۽ ڪرپشن تي ڪو ٻيو ادارو يا قومي احتساب بيورو ڪارروائي نه ڪري سگهندو. احتساب عدالتن کي اهو اختيار هوندو ته بدعنواني ذريعي حاصل ڪيل رقم جيڪڏهن ڏوهاري واپس ڪري ٿو ته ان جي سزا ۾ ڪمي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *