ڪراچي ۽ سنڌ الڳ الڳ چئي ويڇا وڌائڻ بند ڪيا وڃن: احسان علي جوڻيجو

هر روز اردو اخبارن ۽ اردو ميڊيا چينلن تي هڪ سازش جي تحت سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي خلاف جيڪا پروپئگنڍا ڪئي پئي وڃي اها ڪنھن کان ڳجھي ناهي ۔ هر روز ڪجھ وڪاميل اردو رپورٽرن پاران پنھنجي خبر ۾ سنڌ ۽ ڪراچي جو استعمال ڪري ڪراچي کي سنڌ کان الڳ هجڻ جو تاثر فھلايو پيو وڃي ۽ ھڪ عام ماڻھو جي وچ ۾ بي چيني پيدا ڪئي پئي وڃي ۔اردو اخبارون هجن يا اردو چينل سڀني جي اها ڪافي وقت کان ريت هلندي پئي اچي ت ڪراچي ۽ سنڌ  جو جملو استعمال ڪيو پيو وڃي اها ڳالھ ڪنھن کان ڳجھي ناهي رهي ت اردو ڳالھائينڌڙ ڪجھ رپورٽر ڪنھن جي ايما تي اهڙيون خبرون نشر ڪري رهيا آهن جنھن ۾ سنڌ ۽ ڪراچي جو لفظ استعمال ڪيو وڃي پر انھن کان شايد اهو وسري ويو آهي ت اسين دڳن جي حفاظت ڪرڻ ڪھڙي ۽ ڪيتري حد تائين ڄاڻون ٿا اھا انھن کي ڀل هوندي يا دل کي خوش ڪرڻ واري ڳالھ ئي چئبو ت اهڙا لفظ استعمال  ڪري پنھنجي آقائن کي خوش ڪن ۔ پر ڳالھ هنن جي وس کان ڳوري آ ڇو جو جيڪڏهن هنن جي ذهن ۾ ڪراچي خلاف ڪا ب ڳالھ آهي يا ڪراچي کي جيڪي پنھنجي پي جي جاگير سمجھن ٿا اهي ياد رکن ت اهو مورڙو ميربحر سنڌي ئي هيو جنھن مانگر مڇ جي پيٽ مان پنھنجي ڀائرن جا لاش ڪڍيا هئا ۽ پلاند ڪيو هيو۔ هاڻي اهو سبق انھن قوتن انھن سازش ڪنڌڙن لاء ڪافي آهي جيڪي ڪراچي مٿان واڳون جيا  نظرون رکي ويٺا آهن ۽ انھن اردو ميڊيا جي وڪاميل انھن رپورٽرن لاء ب ۔  ت جيڪڏھن هڪ مورڙو پنھنجي ڀائرن جو حساب مانگرمڇ کان وٺي سگھي ٿو ت توهان ڪھڙي مانگر جو نسل آهيو جو وري ڪراچي تي نظرون ٿا  وجھو ۔ ڪراچي جيڪو گذريل ڏھاڪي کان سياسي مرڪزبڻيو رهيو آهي جيڪو پاڪستان کي هلائي ٿو ڪراچي جيڪو ايشيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ سنڌ جو گادي جو هنڌ آھي ان ڪراچي جي آمدني رونڪون روشنيون ۽ منظر گھڻن جي ئي دل ۾ گھاو بڻجي چڀن ٿا يقين هي جيڪي ڪراچي ۽ سنڌ جو لفظ استعمال ڪن ٿا پڪ سان انھن ۽ انھن جي آقائن کي ب وڏي تڪليف هوندي پر هو لفظي انتشار کان سواء ٻيو ڪجھ ڪري ب نٿا سگھن ڇو جو هي ڪا اڳوڻي اگھور ننڊ م ستل قوم ناهي جو ظلمن تي خاموش ٿي ويھي رهي هنن کي هر ردعمل جي خبر  آهي ان ڪري ئي هي صرف لفظي استعمال ڪري سنڌ ۽ ڪراچي جو فرق پيدا ڪري رهيا آهن ڪراچي کي ڪنھن ڪڌي عمل ذريعي ڀلي ڇو ن پھچ کان دور رکيو ويو هجي پوء ڀلي پاڪستان پيپلز پارٽي جو ٻٽو قانون هجي ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي پابندي هجي ڪاروباري حساب ۾ سنڌين ۾ کي گھٽ اهميت هجي نوڪرين ۽ پرائيويٽ ڪم ڪارن ۾ ٻٽو معيار ڇو ن هجي پر سنڌين جي للڪار ۽ سنڌين جو ردعمل هر موڙ تي ڪراچي جي انھن مسئلن تي کليل سامھون آيو آهي جيتوڻيڪ ڏٺو ويو آهي ت اردو ميڊيا ت رهي شروعاتي عادي بڙياندي ڀتي آ پر هتان جي حڪمران صوبائي جماعت ب ان ڪريل حرڪت ب اردو ميڊيا سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائيندي نظر آئي آهي جڏهن ب پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪو وزير يا مشير ڪنھن فل سوٽ يا ڪاٽن جي ڊريس ۾ ايندو ت هو پنھنجي اوقات ئي ڀلجي ويندو پوء پريس ڪانفرس دوران يا ت بار بار سنڌ ۽ ڪراچي جو لفظ استعمال ڪندو يا ت سنڌ ٻھراڙي ۽ شھري جو لفظ استعمال ڪندو جيڪو ن صرف هڪ ڪريل عمل آهي پر ان سان گڏوگڏ انھن جي ڪردار ۽ اهميت جي ب عڪاسي ڪري ٿو ت هي جيڪي سنڌ ۾ ڄمي کائي پيئي وڏا ٿيا آهن هنن جو نسل در نسل هت دفن ٿيل آهي هي جيڪي سنڌي قوم جي مليل ووٽن تي اقتدار ۾ چونڍجي آيا آهن  پوء هي  ب جي سنڌ ۽ ڪراچي جو لفظ استعمال ڪن ت اها ڳالھ ناقابل برداش آ ۔ ياد رهي ت اها پيپلز پارٽي ئي هئي جنھن سنڌ ۾ ٻٽي نظام جو بل پاس ڪري سنڌي قوم ۾ هڪ ڪاوڙ جي لھر پيدا ڪئي هئي ۽ پوري قوم سراپه احتجاج هئي ۽ پوء هنن پنجاب پرستن اهو بل واپسي وٺي ڇڏيو هيو ڇو جو هنن کي خبر هئي ت ڌوڙ ڇائي سڀ ڪجھ هتان ئي حاصل ڪرڻو آ سڀاڻي ايئن ن ٿئي جو هي ماڻھو گھٽي ۾ ووٽن محل اچڻ ب نن ڏين ۔ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن تي پابندي ۾ پيپلز پارٽي برابر جي شريڪ رهي ڇو جو هنن ئي سياسي مفادن خاطر اهڙا ڪريل هربا استعمال ڪيا هيا ۽ پو۽ سياسي مفادن خاطر وري واپس وٺندا ۔ اردو ميڊيا ۽ پيپلز پارٽي جي ارڪانن طرفان ڪراچي کي مختلف طريقن مختلف طرفن کان هڪ الڳ ۽ سنڌ کان ڌار ڪري سمجھڻ جا ڪجھ آثار ڪجھ نشانيون هي ب آهن۔

سڀ کان  پھريون ت هي جيڪو اشو بڻايو ويو آهي ت ٰٰ” ڪراچي پوليس ۾ ڪراچي جي ڊوميسائل رکنڌڙن لاء ڀرتي ٰٰٰ” هي جيڪي جملا استعمال ڪيا پيا وڃن ت ڪراچي جو ڊوميسائل رکنڌڙن لا۽ ڪراچي پوليس ۾ ڀرتي ۽ سنڌ جو ڊوميسائل رکنڌڙن لاء سنڌ پوليس ۾ ڀرتي هي اهڙا ڪريل جملا فرق پيدا ڪري رهيا آهن هتي ب حڪومت طرفان سنڌ ۽ ڪراچي لفظ جو کلي عام استعمال ڪيو ويو آهي هنن بي ضمير وزيرن کان اهو سوال ٿا ڪيون ت ڇا ڪراچي سنڌ جو حصو ناهي ، ڇا ڪراچي توهان جي ابن ڏاڏن جي جاگير آهي جو جيڪو وڻيو اهو ڪندا ايندو ، ڀلا جيڪڏهن توهان ايترا ويڇا وڌائڻ چاهيو ٿا سنڌ ۽ ڪراچي وارو لفظ استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ت ڇا قومپرست جماعت جي ملين مارچ  ڪراچي ۾ اوهان کي ياد ناهي جتي لکين سنڌين گڏ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيئي تو جھڙن وزيرن ۽ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ سمجھندڙن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون ۽ سنڌ جي گادي واري شھر ۾ پنھنجي فزا قائم ڪري ڌارين ۽ اهڙين قوتن کي للڪاري ڇڏيو هو ۔هي جيڪو نوڪري جي آڙ ۾ ڪوٽا سسٽم جي آڙ ۾ يا ٻين خطن جي آڙ ۾ بار بار اهو جملو استعمال ڪيو پيو وڃي مان ن ٿو سمجھان ت ڪو غيرتمند سنڌي اهڙين سازشن خلاف چپ ٿي ويھندو۔ ضرور هي سنڌ خلاف سازشون ڪا گھري باھ ضرور ٻارينديو  جيڪا سازش ڪنڌڙن ۽ انھن جي آقائن جي گھرن کي ضرور لڳندي ۽ ڪراچي کي الڳ ڪنڌڙ جي سوچ جا جنازه ضرور نڪرندا۔ ڪراچي کي سنڌ کان لفظي ۽ عملي الڳ لکڻ ۽ سمجھڻ وارن کي اهو ضرور سوچڻ گھرجي ت هي هوشو ۽ هيمون سنڌي جي سنڌ ڪو بيڪري جو ڪيڪ ناهي جو ٽڪرا ڪري کائي ويندو ۔ حق ڏيئي ب ڏياڻيون وٺي ب ڄاڻيون ۽ پنھنجي ديس جي دڳن جي حفاظت ڪري ب ڄاڻيون۔

ان کان علاوه هي جيڪو ويڇو وڌايو ويو آهي سنڌ ۽ ڪراچي وارو ان جو اثر ڪافي ڪراچي وارن تي ب پيو آهي ڇو جو هو آهن ئي پاڻ ۾ پٽي ڀائي ۔ جڏھن ب ڪو سنڌي سکر حيدرآباد لاڙڪاڻو يا سنڌ جي ڪھڙي ب علائقي مان سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي ۾ روزگار اچي ٿو ت ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ کانپوء ان کان وک وک تي اهو ئي سوال ڪيو ويندو آهي ت آپ سنڌ سي آئي هو ن صرف عام ماڻھو پر ڪراچي جي سڀني سرڪاري توڙي پرائيويٽ ادارن ۾ جيڪڏهن ڪو سنڌي روزگار لاء وڃي ٿو ان کان پڻ انٽرويو دوران اهو سوال ڪيو وڃي ٿو ت ڪيا آپ سنڌ سي آئي هو يا ڪراچي  ۔ هي اهڙا جملا ن صرف سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي کي الڳ رکڻ جو تاصر ٿا پيدا ڪن ۔ ن صرف ايترو پر ڳوٺن مان ڪم ڪار لاء اينڌڙ سنڌي اهڙين ڳالھين اهڙين سازشن جي ور چڙهي احساس محرومي جو شڪار ٿين ٿا ۔ هڪ طرف اهڙيون ڪڌيون سازشون ۽ ٻي طرف ڪراچي جي اعلي ڪمپنين ۾ ب سنڌي ماڻھن کي نوڪري  ن جي برابر ملڻ ۽ انھن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ لوڪل ڪمپنين ۾ ماڻھن کي گھٽ معاوضي تي ڪم ڏيڻ اها سڄي ڪڙي ان ڳالھ سان ملي ٿي ت ڪراچي جو رهائشي ناهي سنڌ جو آ۔ مان پاڻ جڏهن  ايس ايم ايس سيڪيورٽي گارڊ ڪمپني ۾ اپلائي ڪرڻ لاء ويم ت اتي پڻ مونکان سنڌ ۽ ڪراچي کان اچڻ جو سوال ڪيو ويو ۽ جڏھن مون لاڙڪاڻي جو رهائشي ٻڌايو ت ،  مون کي ويريفڪيشن ن ٿيڻ جو سبب ڄاڻائي واپسي ڪيو ويو ۽ ڪراچي جو ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ تي ڪراچي جي ايڊريس لکرائي اچڻ جو چيو ويو۔ هي سڀ ڳالھيون ڪراچي  سنڌ کي هڪ الڳ الڳ رکڻ واريون سازشون آهن هڪ گھمراهي فھلائي ٿي وڃي سنڌي قوم سنڌ ۾ رهنڌڙ سنڌي ڳالھائينڌڙ ۽ اردو ڳالھائينڌڙ سنڌين جي وچ ۾ سنڌ جي باقي شھرن ۽ ڪراچي شھر ۾ رھنڌڙ ماڻھن جي وچ ۾ فرق  پيو وڃي ۔

ان کان علاوه اڪثر ٻڌو ويو آهي ت حڪومتي وزيرن جڏهن ب ڪنھن خاص اسڪيم ڪنھن بجٽ پيش ڪرڻ لاء پريس ڪانفرس ڪئي آهي يا اسيمبلي جي فورم تي بيھي ڳالھايو آهي ت خود سنڌ جي نمائندا جماعت پارٽي پيپلز پارٽي اهو تاثر پيدا ڪيو آهي ت اسين هي اسڪيم پيش ڪيون ٿا جنھن جو هيترو حصو سنڌ جي ٻھراڙي  وارن علائقن ۽ باقي حصو سنڌ شھري يعني ڪراچي حيدرآباد سکر لاء آهي هي بار بار ڪڏهن ڪھڙي ڪڏهن ڪھڙي طريقي سان سنڌ جي علائقن کي ورهائڻ جي سازش ڪئي  پئي وڃي ڪڏھن لفظي بيان بازي ڏيئي ت ڪڏهن ڪاغذي لکت ۾ ۔ پر ڪالھ ب سنڌي قوم اهڙا فرق پيدا ڪنڌڙن خلاف هئي اڄ ب آهي جيڪڏهن زبردستي هڪ وري ٻٽو قانون آندو ويو ۽ کلي طرح وري سنڌ جي علائقن کي ورهائڻ جي ڪا حرڪت ڪئي وئي تت ردعمل تاريخ ۾ گھڻا ئي اٿن ت سنڌين پنھنجي سنڌ وطن جو دفاع ڪيئن ڪيو ۔

ان کان علاوه ڪافي جڳھن تي اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ت سنڌ جي ٻين شھرن کان ڪراچي اينڌڙ سنڌين کي ڪراچي ۾ موجود تعليمي ادارن ۾ داخلا ان بنياد پئي ڏني وڃي ت هي سنڌ جو رهائشي آ تازو پڻ ڪراچي يونيورسٽي اڳلي سال جيڪي يونيورسٽي لاء سيٽون پڌريون ڪيون ان ۾ ڪراچي لاء ۽ سنڌ جو نالو استعمال ڪيو ويو هيو ۽ اهياهي سيٽون ب اٽي ۾ لوڻ برابر ئي سمجھيون وڃن پيون۔ سو هي جيڪي هيڙيون ڪريل حرڪتون اهي ناقل برداش ئي سمجھي سگھن ٿيون هي چپ ۽ صبر جو پيمانو ڪڇڻ جي ضرورت ناهي ديس اسان جو آ دڳ  ب اسان جا آهن جيڪو ايئن ان ريت ۾ پيش ايندو ت جواب ڏيڻ جي ب سگھ رکون ٿا ۔

ڪراچي جيڪو سنڌ جي گادي جو شھر آهي جيڪو سنڌين جي دل آهي جيڪو پاڪستان کي واحد پالينڌڙ شھر آهي جنھن تي وقت جي سامراجي حڪومت ڏاڍ جو ڏنڍو رکي ان کي مال غنيمت سمجھي لٽي رهيا آهن سا ڏاڍ جي ديوار ضرور ٽورينداسين ۔  ها ضرور جيڪڏهن ڪنھن پنجابي پٺاڻ يا ڪنھن ڌاريئي جي دل ۾ ڪو سنڌ لاء غير آهي جيڪو  50 سالن کان وٺي سنڌ ۾ رهي ڪري ب پاڻ کي سنڌي چورائڻ لاء تيار ناهي ۽ سنڌ سازشن ۾ ملوث آهي ضرور پوء انکي ب وقت تي جواب ضرور ڏينداسين ها جيڪڏهن اڃا ب جيڪو سنڌ جو کائي سنڌ جو کائي ۽ راڳ پيو پنھنجي ڏاڏي جو ڳائي پوء ان جا ٽپڙ ب ضرور گول ڪنداسين ها جيڪڏهن اڃا ب سنڌ ۽ ڪراچي جو نالو  استعمال ڪيو ٿو وڃي ۽ حڪومت ساٿاري وارو ڪردار ادا ڪري ٿي ت پوء ضرور ڪا نئين سوچ جنم وٺندي هونء اڌ  سنڌ جا ماڻھو هاڻي ئي سنڌ ۽ پاڪستان جو لفظ استعمال ڪن ٿا هونء 70فيصد ماڻھو پاڪستان صرف پنجاب ئي سمجھن ٿا پوء ظاهري ڳالھ آ جي سنڌ خلاف اهڙيون سازشون ڪيون ويون ت باھ ايڏي ب پھچي سگھي ٿي لھس گھڻن کي اچي سگھي ٿي ن اچايو  ن پاڻ جلايو وارو طريقو جي اپنايو ويو جيڪڏهن سنڌ ۽ پاڪستان الڳ الڳ چوڻ وارو اوهان جي نظرن ۾ غدار آهي ت اسان جي نظرن ۾ سنڌ ۽۽ ڪراچي چوڻ وارو ب سنڌ جو غدار ئي آهي پوء ان سان ب اهڙو ورتاء ڪيو ويندو جيڪو غدارن سان ڪبو آ  ۔ ڪو ماء جو پٽ ڄائو ئي ناهي جيڪو سنڌ کي حصن ۾ ورهائي يا الڳ شھر الڳ ڪراچي جي ڊمانڊ ڪري اھڙا ڪيئي آيا ڪيئي موت ماريا ويا ۔ هي جيڪي ڪراچي ۽ سنڌ جو الڳ الڳ نالو استعمال ڪري ويڇا وڌايا پيا وڃن سي هر هربا ڪنھن کان وسريا ناهن جيڪڏهن اڄ ڪنھن قوتن جي سپورٽ حاصل ڪري ڪو اهڙي ڳالھ ڪري ٿو سڀاڻي ردعمل ب نڪري سگهي ٿو پوء سڀاڻي سنڌ جا ماڻھو  ب سنڌ ۽ پاڪستان جو نالو استعمال ڪندا ۔ ان کان بھتر آهي ت هي ڪراچي ۽ سنڌ وارو جملو استعمال ڪرڻ بند ڪيو ۽ سنڌ ٻھراڙي ۽ سنڌ شھري جو فرق ب ختم ڪيو ۔ ڇو جو سنڌ ڪنھن پير مير وزير يا مشير جي جاگيردار ناهي جو هو پنھنجو حاڪميت ھلائيندو سنڌ ڪالھ ب سنڌين جي هئي اڄ ب سنڌي ان جا وارث آهن سنڌي جي جاگرافيائي حدود ڪشمور کان ڪراچي تائين چپي چپي جا سنڌي  وارث آهن ۔

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *