مڪاني چونڊون: سنڌ ۽ پنجاب ۾ حڪمران جماعتن جي اڪثريت سوڀ

گذريل 31 سيپٽمبر 2015 تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا ٻنهي صوبن جي حڪمران جماعت جي حق ۾ اچي ويا آهن، جنهن موجب سنڌ جي 8 ضلعن ۾ پيپلز پارٽي 800 کان وڌيڪ سيٽون کڻي مڪاني چونڊن جو ميدان ماري ورتو، جڏهن ته سندس مخالف جماعتن فنڪشنل ليگ هڪ سئو 15 سيٽن سان ٻئي نمبر تي اچي وئي، آزاد اميدوارن پڻ 105 سيٽون ماڻيون. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، ايم ڪيو ايم 15 ۽ تحريڪ انصاف چار جڏهن ته نون ليگ 3 سيٽون کنيون آهن. ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن جا حامي خوشيءَ وچان رستن تي نڪري آيا، مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي دهلن ۽ شرنائين تي رقص ڪيو ويو.  پنجاب ۾ به ٿيل مڪاني چونڊن جَي پهرئين مرحلي ۾ حڪمران ليگ ساڍا 8 سئو کان وڌيڪ سيٽون ماڻي واضح برتري حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته ٻئي نمبر تي آزاد اميدوارن 640 ۽ ٽئين نمبر تي پي ٽي آءِ 171 سيٽون حاصل ڪيون آهن. مڪاني چونڊن جَي پهرئين مرحلي ۾ پنجاب جَي 12 ضلعن اندر ٿيل پولنگ جا غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب 2 هزار 6 سئو 87 يونين ڪائونسلن مان هڪ هزار 5 سئو 51 يو سيز جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا پڌرا ٿي چڪا آهن، جن مان 741 سيٽون ماڻيندڙ نون ليگ اڳڀري آهي. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب، تحريڪ انصاف يونين ڪائونسلن جون 168 سيٽون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته 46 پ پ ۽ 3 قاف ليگ ۽ 546 سيٽون آزاد اميدوارن پنهنجي ناءُ ڪيون. لاهور ۾ چيئرمين جِي 274 سيٽن مان 242 جا غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا پڌرا ٿي چڪا آهن، جن ۾ پڻ ن ليگ کي 206 سيٽن سان برتري حاصل آهي. لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي 11 ۽ پي پي جي هڪ اميدوار چيئرمين چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته 24 آزاد اميدوار پڻ ڪامياب ٿيا آهن. فيصل آباد ۾ سڀ کان وڌيڪ آزاد اميدوارن 103 سيٽون ماڻيون آهن، جڏهن ته ن ليگ 71 ۽ پي ٽي آءِ 20 سيٽون حاصل ڪيون. پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير جو ڀاءُ ۽ ميئر جو اميدوار عامر شير علي راڻا ثناءُ الله جي حمايت يافته اميدوار عاشق رحماني کان هارائي ويو. اوڪاڙا مان حڪمران ليگ 60 ۽ آزاد اميدوارن 46، جڏهن پي پي پي ۽ پي ٽي آءِ 9-9 سيٽون حاصل ڪيون. بهاولنگر مان آزاد اميدوار 105 سيٽون کڻي ويا، جڏهن ته ن ليگ 34، مسلم ليگ ضياءِ 19 ۽ تحريڪ انصاف 9 سيٽون ماڻيون. پاڪپتن ۾ ن ليگ 44، پي ٽي آءِ 11 ۽ عوامي تحريڪ هڪ، جڏهن ته آزاد اميدوار 38 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب، چڪوال مان 10 سيٽون آزاد اميدوارن ۽ 9 سيٽون حڪمران ليگ حاصل ڪيون. قصور مان ن ليگ 52 سيٽون ماڻي ميدان ماري ورتو، جڏهن ته آزاد اميدوارن 23، پي ٽي آءِ 13 ۽ ق ليف 2 سيٽون ماڻيون. گجرات مان ن ليگ 50، پي ٽي آءِ، 16، قاف ليگ 13 ۽ آزاد اميدوارن 35 سيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته ننڪانه صاحب مان ن ليگ 53، آزاد اميدوار 49، پي ٽي آءِ 15۽ پي پي 2 سيٽون ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي. وهاڙي ۾ آزاد اميدوار 46 سيٽون حاصل ڪري سرفهرست آهن ۽ 32 سيٽون ماڻيندڙ ن ليگ ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ پي پي رڳو 2-2 سيٽون حاصل ڪري سگهيون.

اليڪشن کان وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ مختلف پارٽيون حڪمران جماعتن کان وڏي ليڊ سان هارائي چڪيون آهن، هاڻي ڏسجي ته ٻئي مرحلي ۾ ڪنهن جي سوڀ واضح ٿئي، ٻنهي صوبن جي سرڪار سڳوري کي عرض آهي ته هن ڀيري اهڙا اپاءَ ورتا وڃن جئين پهرين مرحلي ۾ ٿيل قتل و غارت کي نه ورجايو وڃي، ۽ عوام آزادي سان پنهنجي نمائندن جي چونڊ ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *