سنڌ ۾ خون سان چٽيل مڪاني ادارن جو پهريون روپ!!: ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ

درازا شريف، خيرپورجي وي سي پريو واهڻ جي پولنگ اسٽيشن جي حدن ۾  مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 11 انساني جانيون ضايع ٿيڻ سنڌ ۾ اليڪشن ۽ حڪومت جي ناتظامن کي جٿي داغدار بڻائي ڇڏيو آهي اتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ، وزير اعظم پاڪستان ، صدر پاڪستان ، گورنر سنڏ ۽ ٻي اعلي سياسي يا حڪمراني قيادت طرفان مذمتي بيان نه اچڻ ۽ انهيء ڏهڪاء واري سانحي جي جوڊيشنل انڪوائري جو حڪم نه ڏيڻ سراسر ملڪي تاريخ ۾ هڪ ڪارو انصاف چئي سگھجي ٿو  .

انهن معتبرن ۽ ذميوارن جي خاموشي پڻ ذو معني لڳي رهي آهي ۽ اتي موجود سيڪيورٽيء جي هوندي به کلي عام اهڙي واقعي کان پوء به سيڪيورٽي ادارن جي لاتعلقي جا سبب ڪير ٻڌائيندو؟.

مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ اندر پاڪستان پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي هڪ اهڙو بحث آهي جنهن کي ڇيڙڻ فلحال وقت جي نزاڪت سان مذاق ڪرڻ جي مترادف آهي ، هاڻي جڏهن پ پ پ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو کٽي آئي آهي ته بظاهر پ پ پ ۽ دنيا سموري انهيء کي پ پ پ جي ڪاميابي سمجھي رهي آهي ، جڏهن ته انهن علائقن جي اڪثر قيادت ” لوٽن “ تي مبني ضرور آهي ۽ اهو ووٽ سياسي طرح گھٽ باقي ذاتي ، قبائلي ، جاگيرداري ووٽ وڍيڪ رهيو آهي ۽ جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي انهن علائقن جي ماڻهن کي ڪيئن ته ذاتي چنبن ۾ قابو رکي سياسي ميدان واري شعور کان ٻاهر رکيو ويٺا آهن.

هاڻي جڏهن 19 نومبر تي ٻيو مرحلو ٿي رهيو آهي ، جيڪو يقينن ڪنهن نه ڪنهن، ڪٿي نه ڪٿي درازا جهڙا واقعا انهيء ڪري به ممڪن آهن جو سانگهڙ ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جو مظبوط ڳڙه هجڻ سان گڏ اتي 19 نومبر تي اليڪشن هجڻ ڪري امن امان بحال رکڻ ۽ اهڙي واقعي کان بچڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي.

جيئن ته هاڻي پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جي کٽڻ تي گد گد آهي ، جڏهن ته ٻئي مرحلي جا نتيجا انهيء جي ابتڙ نڪرڻ جي توقع ڪئي پئي وڃي . ٻئي مرحلي جي چونڊن ۾ نوابشاه ضلعي کانسواء ٻين ضلعن ۾ پ پ پ جو ايئن کٽڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي جيئن هن پهرين مرحلي ۾ کٽيو آهي.

نوشهروفيروز ، سانگھڙ ، ميرپورخاص ، ٺٽو ۽ بدين ضلعا پ پ پ جي هٿان نڪري سگھن ٿا .۽ اهڙيء طرح مڪاني ادارن جي ٽئين مرحلي ۾ پ پ پ جو ڪو خاص رول ، ڪردار يا اليڪشن کٽڻ جو جواز ڏسڻ ۾ نٿو اچي ، ڇا پ پ پ جي ٽئين مرحلي ڪراچيء ۾ ايتري ڪارگردگي ڏسڻ ۾ ايندي جيتري هن پهرين مرحلي ۾ اتر سنڌ ۾ حاصل ڪئي آهي ؟

ڪالھ سنڌ جي 8 ضلعن جي پ پ پ جي غرور يافته ڪاميابي 2018 جي چونڊن ۾ ممڪن آهي ته بحال نه رهي سگهي ، ممڪن آهي ته پ پ پ جي موجوده قيادت 2018 جي اليڪشن ۾ اڏامي ڪنهن ٻئي آکيري ۾ وڃي ساه پٽي سگھڻ جي سياسي پيشنگوئي ڪري سگھجي ٿي .

هاڻي جڏهن پ پ پ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ شاندار ڪاميابي پنهنجي نااهليت ۽ ڪرپشن جي ڪهاڻين کانپوء به حاصل ڪرڻ کان پوء سنڌ جا باشعور ، انقلابي ، مزاحمتي ، تبديلي پسندن جي مٿان بظاهر پاڻي هارجي ويو آهي ، مگر انهن کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته سندن سياسي ۽ سماجي ڪردار به اهڙو ناهي رهيو جو هو پ پ پ جو متبادل سنڌ ۾ پيدا ڪري ناهن سگھيا .

اچانڪ اڏامندي اڏامندي انقلاب ته ناممڪن آهي ته پوء هن موجوده حالتن ۽ حالتن جي تبديليء تي نظر رکي مستقبل جي لاء ڊگهي دور انديشي سان ڪجھ ممڪن ڪري سگھجي ٿو . اهڙي مقابلي جي طاقت تڏهن پيدا ڪري سگھجي ٿي جڏهن توهان هڪ سياسي سگھ هجڻ سان گڏ قرباني ڏيندڙ قيادت اندر ۾ موجود هجي ، جنهن سان هڪ سياسي صحتمندانه ماحول پيدا پڻ ٿي سگھي ٿو ، باقي وقت جي وهڪرن ۾ چڙهڻ وري ڪري پوڻ جي پرئڪٽس تي مايوس ٿيڻ جو مقصد مستقل مزاجي جي کوٽ ئي چئي سگھجي ٿي. باقي هن دنيا ۾ لالچ سان گذارڻ جو مقصد ايئن آهي ته لالچ سان  نه ڪنهن جو پيٽ ڀرجندو نه ئي ڪنهن جي اکين جو ڍئو ٿي سگھندوآهي.

هاڻي جڏهن ڀاڳ ناڙي ، جيڪب آباد ، درازا خيرپور جهڙن واقعن جي سنڌ ۾ سيريز شروع ٿي چڪي آهي ته يقين سمجڻ گھرجي ته اهڙا حادٿا اڳتي به ٿيڻ وارا آهن ، ڇو ته هن رياست لاء دهشتگردي هڪ وڏو چئيليج آهي جنهن سان رياستي ادارا جنگ جوٽيندي نظر اچي رهيا آهن ، مگر پوء به اڃان بزدلانه دهشتگردي جاري آهي ۽ محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ته ضرب عضب کانپوء پاڪستان ۾ دهشتگرديء جو محور سنڌ ، بلوچستان ۽ پنجاب جا ڪجھ حصا  جا پڻ اهڙن واقعن سان متاثر ٿي رهيا آهن .

ضرورت انهيء ڳالھ جي آهي ته کٽڻ ۽ هارائڻ اليڪشن جو هڪ حصو ۽ جمهوريت جو هڪ حسن هوندو آهي ، انهيء کي دلي طور تسليم ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۾ پ پ پ ۽ پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي ڪاميابيء تي کين دلي طور مبارڪ باد پيش ڪجي  ۽ سموري سنڌ جي ماڻهن کي گذارش عرض ڪجي ٿي ته پاڻ ۾ سياسي سجاڳي سان گڏ سياسي مزاجن کي بحال ڪريو ۽ سياست کي هڪ عبادت جو فريضو سمجھڻ ۾ ئي اسان سڀني جي بهتري ۽ فلاح آهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *