مڪاني چونڊن جو ٽيون مرحلو- فوج جي مقرري جي درخواست

ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن دوران 3 ضلعا مڪمل طور حساس قرار، سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن دوران فوج مقرر ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي باضابطا درخواست ڏئي ڇڏي.اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جَي ٽئين مرحلي دوران فوج مقرر ڪرڻ واري تجويزن تي ويچارڻ لاءِ 28 نومبر تي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ سرڪار پاران اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن هيٺ پولنگ دوران 7400 سيڪيورٽي اهلڪار ڊيوٽيون ڪندا،تنهن ڪري شهر ۾ پاڪ فوج جون 10 ڪمپنيون مقرر ڪيون وڃن.هوڏانهن اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جَي ٽئين مرحلي دوران فوج مقرر ڪرڻ واري تجويزن تي ويچارڻ لاءِ 28 نومبر تي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ هر مثبت قدم کنيا ويندا.اليڪشن ڪميشن 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ فوج جي مقرري وارين تجويزن تي ويچارڻ لاءِ 28 نومبر تي اجلاس طلب ڪيو آهي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جا عملدار شرڪت ڪندا. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڊي آر او پاران مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي ۾ فوج مقرر ڪرڻ واري تجويزن تي ويچاريو ويندو.سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب چيو آهي ته ڪراچي ۾ بلدياتي اليڪشن دوران امن امان برقرار رکڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، چونڊ ضابطن جي ڀـڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ اسڪيم جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب 70 لک 65 هزار 284 ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پولنگ اسڪيم موجب 70 لک 65 هزار 284 ووٽرز پنهنجا مڪاني نمائندا چونڊيندا. رجسٽرڊ ووٽرن مان 40 لک 65 هزار 284 مرد ۽ 30 لک 17 هزار 35 عورتون شامل آهن. ڪراچي جي ضلعي اوڀر، اولهه، سينٽرل، ڏکڻ، ملير ۽ ڪورنگي ۾ مجموعي طور 4 هزار 152 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويو آهن جن مان 505 مردن، 471 ۽ 3 هزار 162 پولنگ اسٽيشنز گڏيل هونديون. پولنگ اسٽيشنز تي 4 هزار 152 پرزائيڊنگ آفيسر، 23 هزار 549 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر، 14 هزار 849 پولنگ آفيسر ۽ 536 پٽيوالا مقرر ٿيندا. ڪراچي اولهه، سينٽرل ۽ ڏکڻ ضلعا مڪمل حساس قرار ڏيندي شهر جون 1800 پولنگون حساس قرار ڏنيون ويون آهن. جن ۾ ڪورنگي، ملير ۽ اوڀر ضلعي جون پولنگون به موجود آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *