سانگهڙ: آئيڊيل ڪرڪيٽ ڪلب نيو فرينڊ گجري جي ٽيم کي 44 رنسن کان هارائي فائنل پهنجي نالي ڪري ورتو

سانگهڙ(اسپورٽس نيوز) آئيڊيل ڪرڪيٽ ڪلب نيو فرينڊ گجري جي ٽيم کي 44 رنسن کان هارائي فائنل پهنجي نالي ڪري ورتو ، خبر موجب؛ معذورن جي تنظيم دعا آرگنائيزيشن جي سهڪار سان يوٿ ڪرڪيٽ ڪلب راوتياڻي طرفان ڪرايل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سانگهڙ جي 16 ٽيمن حصو ورتو فائنل ميچ ۾ آئيڊيل ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٺي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرره 6 اوورن ۾ چار کلاڙين جي نقصان تي 94 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ ياسر ناقابل اننگز کيڌيندي 13 بالن تي 46 رنسون ٺاهيون جواب ۾ نيو فرينڊ گجري جي ٽيم مقرره 6 اوورن ۾ صرف 50 رنسون ٺاهي سگهي احسن مورگن 21 رنسون سگهيو آئيڊيل طرفان ياسر ۽ ڪاشف ٻن ، ٻن کلاڙين کي آئوٽ ڪيو ٽورنامينٽ جي فائينل جو مين آف دي ميڇ ياسر جڏهن مين آف دي سيريز جو انعام راشد گوري کي ڏنو ويو ٽورناميڻت ۾ شرڪت ڪندڙ ايم پي.اي سعيد خان نظاماڻي، ايڊوڪيٽ رضا محمد خاصخيلي،سماجي رهنما غلام نبي نظاماڻي شرڪت ڪئي ۽ کٺيندڙ ٽيم راندگرين کي انعام ڏنا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *