حڪومت ۽ پاڪ فوج جو ڪراچي آپريشن ختم نه ڪرڻ تي اتفاق

 

گذريل ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ آرمي چيف جنرل راهيل شريف وزير اعظم نواز شري سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي  اڳواڻن آپريشن ضرب عضب تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو، قومي ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم نواز شريف دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ وڙهڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عوام فوج جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندو جڏهن ته آرمي چيف ۽ وزيراعظم ڪراچي ۾ جاري آپريشن ڪنهن به صورت ۾ ختم نه ڪرڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته شهر کي ٻيهر دهشتگردن جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي، عوام فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي جوانن ۽ آفيسرن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي، ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ اڌ ۾ نه ڇڏيو ويندو.  جڏهن ته نويڪلائي ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته روشنين جي شهر ڪراچي کي ٻيهر اونداهي ۾ نٿو ڌڪي سگهجي، امن امان برقرار رکڻ لاءِ ڪراچي آپريشن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ شهر کي دهشتگردن جي رحم ۽ ڪرم تي نه ڇڏيو ويندو. هوڏانهن وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، گهرو وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه، وزيراعظم جي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۽ افغانستان جي صدر اشرف غني جي ايندڙ دوري بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، افغان صدر هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. قومي سلامتي واري صلاحڪار ناصر جنجوعه اجلاس کي بئنڪاڪ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي قومي سلامتي جي صلاحڪارن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *