مودي سرڪار نيٺ پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جي منظوري ڏئي ڇڏي

نريندر مودي جي سرڪار آخرڪار سريلنڪا ۾ پاڪ-ڀارت سيريز جي باضابطا منظور ڏئي ڇڏي آهي ۽ بي سي سي آءِ پاران پي سي بي کي ان فيصلي جو اطلاع ڏئي ڏئي ڇڏيو آهي، ميڊيا رپورٽ مطابق پيرس ۾ پاڪ-ڀارت جي وزيراعظمن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ ڪنهن حد تائين بهتري آئي آهي، نريندر مودي حڪومت پاران ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ ڏينهن واري ٽي 20 سيريز تي به حامي ڀري ورتي آهي، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پاران پي سي بي کي پنهنجي حڪومت جي فيصلي جو اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي، پر هن جو باضابطا اعلان پرڏيهي وزير سشما سوراج جي اسلام آباد دوري تي يا ان کانپوءِ جلد ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *