اقليتن ۽ سندن عبادتگاهن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي….؟

 

ملڪ دشمن دهشتگردن پنهنجين ڪاررواين وسيلي هاڻ اقليتن کي به نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڏنو آهي، پاڻ کي اسلام جا نام نهاد ٺيڪيدار سڏائيندڙ دهشتگرد مسلمانن جي عبادتگاهن جا ته ويري آهن ئي آهن ۽ مختلف وقتن تي مسجدن، امام بارگاهن کي نشانو بڻائي ان جو عملي ثبوت به ڏنو ويو آهي پر هاڻ بندوقن جو رخ اقليتن ۽ انهن جي عبادتگاهن ڏانهن ڪيو ويو آهي،لاهور جي يوحنا آباد ۾ ڪرائسٽ چرچ ۽ ڪيٿولڪ چرچ ۾ آپگهاتي ڌماڪن وسيلي 14 بيگناهه انساني جانيون ورتيون ويون، جڏهن ته 75 کان مٿي زخمي آهن، جن مان گهڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وئي، ان ڪري ئي فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. ڪافي وقت کان اهي خبرون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون ته دهشتگرد هڪ دفعو ٻيهر وارداتن جي رٿابندي ڪري رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڪارروايون ڪري سندن ڪافي ارادن کي مليا ميٽ ڪيو ويو،بارود، آپگهاتي جيڪٽ وغيره به هٿ ڪيا ويا پر بدقسمتيءَ سان ڪالهه لاهور جي يوحنا آباد واري علائقي ۾ وڏي تباهي جي منصوبابندي تحت آپگهاتي حملا عين ان وقت تي ڪيا ويا جڏهن آچر وارو ڏينهن هئڻ ڪري مسيحي برادري عبادتگاهن ۾ عبادت ۾ مصروف هئي.اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبارن مان هڪ چرچ جي دروازي تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو ۽ ٻئي بمبار چرچ اندر ڌماڪي وسيلي پاڻ سان گڏ ٻين زندگين جو به خاتمو آندو، البته هن وحشياڻي ڪارروائي کان پهريان فائرنگ به ڪئي وئي.ڌماڪن وقت مسيحي عبادتگاهن ۾ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو، ڇاڪاڻ جو مسيحي برادري لاءِ هي عبادت جي حوالي سان انتهائي اهم ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان ڏينهن مسيحي عبادتگاهن ۾ عبادت لاءِ ايندڙ وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيندا آهن ان قسم جي اجتماعن ۽ سرگرمين کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي جا انتهائي غير معمولي انتظام ٿيندا آهن ته جيئن ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي پر بدقسمتيءَ سان يوحنا آباد ۾ دهشتگردن تباهي ۽ بربادي ڦهلائي ڇڏي.هڪ بمبار جو چرچ جي دروازي تي اچي بيهڻ ۽ ٻئي جو اندر وڃي داخل ٿيڻ بعد پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائڻ ان ڳالهه جي نشاني آهي ته سوين تعداد ۾ آيل ماڻهن جي حفاظت لاءِ مناسب سيڪيورٽي انتظام نه هئا ڇاڪاڻ جو هي غير معمولي اجتماع هو، ان لاءِ ٿيڻ ته ائين کپندو هو جو مختلف جاين تي واڪ ٿرو گيٽ لڳائي ايندڙ ماڻهن جي تلاشي ورتي وڃي ها ۽ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ به هجڻ گهرجي ها پر شايد گهربل حفاظتي انتظام نه هئا جو هي وڏو واقعو پيش آيو. دهشتگردي جي خطري واري ماحول ۾ جتي هر ادارو، هر آفيس، هر طبقي سان لاڳاپيل ماڻهو پاڻ کي ان ئي خطري جي ڪري غير محفوظ سمجهي ٿو اتي جيڪڏهن انتهائي اهم اجتماع هجي ۽ خطرن کي نظر ۾ نه رکجي ته اها يقينن لاپرواهي چئبي. هينئر جڏهن سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري آهي خاص طور تي وزيرستان آپريشن کانپوءِ هر وقت دهشتگردن جي رد عمل جو خطرو رهي ٿو ان صورتحال ۾ به ڪن لاٽار جو مظاهرو ڪرڻ ڪنهن به ريت معافي جوڳو ناهي. پنجاب سرڪار کي گهرجي ته اها ان معاملي جي گهرائي سان جاچ ڪرائي ته آخر ڪيئن دهشتگرد چرچ تائين پهچي ويا ۽ گڏوگڏ اها به گذارش آهي ته اقليتن جي عبادتگاهن ۽ اقليتن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن، هي واقعو نه رڳو ڏيهه ۾ پر پرڏيهه ۾ به بدنامي جو سبب بڻيو آهي ان ڪري جاچ ڪري غفلت جو مظاهرو ڪندڙن کي سبق سيکاريو وڃي ۽ ان ۾ ملوث دهشتگرد عناصرن جو پتو لڳائي کين انجام تي پهچايو وڃي. اسان جي اپيل آهي ته هر حوالي سان سيڪيورٽي اپائن تي نظرثاني ڪئي وڃي ڇاڪاڻ جو دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن جي تڪميل لاءِ اٽڪل بازي سان وڙهي رهيا آهن، ڪڏهن امام بارگاهن ته ڪڏهن وري اسڪولن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ هاڻ وري اقليتن کي ٽارگيٽ بڻايو ويو آهي، تنهنڪري دشمن جي چالاڪي کي سمجهي ان کي سندس ئي انداز ۾ جواب ڏيڻ گهرجي.اسين هتي مسيحي برادري پاران صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي کين ساراهيون ٿا ۽ سندن ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *