اوکا پنڌ پيار جا؛حسين مسرت

اعتبار جي ڌاڳي جي سهاري تي، رشتن جون سرحدون اورانگهڻ ته صفا سولو آهي، پيار جي چند ٻولن جي ڇانوَ ۾ مائٽن جي در جي چانئٽ ٽپڻ به اوکو نه آهي، پر دنيا جي وسيع صحرا ۾ پکڙيل سماجي روين جي تپشن کان زندگيءَ کي سڙڻ کان بچائڻ ناممڪن ٿي پئي ٿو.

پسند جي شادي ۽ موت اڄ ڪلهه عام آهي. حالتون ڪهڙيون به هجن موڙ ڪيترا به هجن پر پيار جو انجام ساڳيو ئي هجي ٿو. پيار ڏانهن کڄندڙ هر قدم حياتيءَ کي سوڙهو ڪندو ٿو وڃي ۽ پيار جي هر رستي جي منزل موت جي راهه هجي ٿي. ڪيتريون ئي معصوم ڇوڪريون جيڪي پوپٽ جي پرن جيان نازڪ نفيس خواب ڏسن ٿيون، خوشين جا ارمان دل ۾ وسائين ٿيون، محبت ۽ سک جي چاهنا ڪن ٿيون، پوءِ ظالم سماجي رويا انهن کان زندگي گذارڻ جو حق به ڦري ٿا ڇڏين.

گهر هڪ ننڍڙي پناهگاهه جتي رشتن ناتن جا خوبصورت احساس به گڏ هجن ٿا، گهرجو تصور تڏهن مڪمل ٿئي ٿو، جڏهن ان ۾ محبتن ۽ شفقتن جا رويا به موجود هجن، ڇوڪرين لاءِ گهر ۽ مائٽن جون شفقتون مضبوط سهارو هونديون آهن، پر جڏهن به ڪا ڇوڪري پنهنجي پيار جو اظهار ڪري ٿي، پنهنجي زندگي پنهنجي مرضيءَ جي ساٿيءَ سنگ گهارڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿي ته ان جي اُن حق کي ڏوهه بنايو ٿو وڃي، عورت جي پيار کي پاپ ۽ غلطي سمجهي ان کي سزا ڏني ٿي وڃي، هڪ مهيني اندر تقريباً 10 کان مٿي پسند جي شاديءَ جون رپورٽس ميڊيا وسيلي ظاهر ٿين ٿيون، ڪن ۾ تحفظ جي اپيل هوندي آهي ته ڪن ۾ وري مرڻ جي خبر به شامل هوندي آهي. گهر کان نڪري ڪورٽ تائين پهچندي پهچندي ڪي ڇوڪريون رستي تي مارجي وينديون آهن ڪي وري جرڳن وسيلي مارجي وينديون آهن، ڪي ڪورٽ ۾ به گولين جو کاڄ بڻجي وينديون آهن. سياسي قبيلائي وسيلا قاتلن کي پناهه ڏيندا آهن ۽ نڌڻڪيون ناريون ڪسجي وينديون آهن.

عورت لاءِ تحفظ واريون جايون ڄڻ ته ڪوس گهر هجن، هڪڙي دل ڌڙڪي ٿي ته سؤ ڪهاڙيون کڄن ٿيون، هزارين گوليون وسن ٿيون، نفرتن ۾ تبديل ٿيندڙ شفقتون صرف موت ورهائينديون نظر ٿيون اچن. يقينن قانون موجود آهي، عورت لاءِ وڏو سهارو قانون آهي، جيڪو پسند جي شاديءَ جو حق ڏئي ٿو، ڇوڪريون سمجهنديون آهن ته پوليس ۽ ڪورٽ ۾ پهچي هو رياست جي پناهه ۾ اچي وينديون، زندگي هنن لاءِ سهل بڻجندي، پر ائين ٿو محسوس ٿئي ته هن تحفظ جا سڀ قانون ڪتابن تائين محدود ٿي ويا آهن، جتي سياسي ۽ قبيلائي دٻاءُ وڌو ويندو آهي ته پوليس به مجبور ٿي ويندي آهي.

جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ مهرين لاشاري جو ڪيس رپورٽ ٿيو هو، اخباري اطلاعات مطابق مهرين پسند جي شادي ڪئي، پر اها مائٽن پاران قبول نه ڪئي وئي، ٻنهي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي مائٽن پاران دٻاءُ جي تحت ۽ پوليس جي مداخلت ذريعي ٻنهي کي بازياب ڪري الڳ ڪيو ويو، ڇوڪري کي 3 ڏينهن ٿاڻي تي بند رکيو ويو ۽ ڇوڪري مهرين مائٽن جي حوالي ڪئي وئي. سنڌ ۾ موجود قبائلي ۽ ذاتن، قومن جو نظام تمام سگهارو آهي، جڏهن به مختلف قومن ۽ ذاتن جا ڇوڪرا ڇوڪريون شاديون ڪندا آهن ته انهن کي ناڪام بنائڻ جون ڪوششون ورتيون وينديون آهن، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ طاقت جي مظاهري جي جنگ شروع ٿي ويندي آهي. هڪڙي پسند جي شاديءَ جي پويان ڏوهن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، گهڻيون جانيون ضايع ٿينديون آهن، بي ڏوهه گرفتار ٿيندا آهن، جرڳن وسيلي فيصلا ڪرائي ان ڇوڪريءَ جي بدلي ۾ سڱ چٽيءَ ۾ ٻين ڇوڪرين جي زندگيءَ جي برباديءَ جا فيصلا ڪيا ويندا آهن، افسوس ان ڳالهه جو ٿيندو آهي ته انهن گهڻن واقعن ۾ پوليس به ملوث هوندي آهي، پوليس قبائلي ۽ سياسي دٻاءُ ۾ اچي ڏوهن کي تحفظ فراهم ڪندي نظر ايندي آهي. پسند جي شادي ڪندڙن کي الڳ ڪري مائيٽ پنهنجي مرضيءَ سان نڪاح به ڪرائي ڇڏيندا آهن ته اهڙن معاملن ۾ مذهبي رسمن ۽ پابندين جو خيال به نه ڪيو ويندو آهي. نڪاح مٿان نڪاح ڪرائڻ يا زوري شادي ڪرائڻ به عام واقعا آهن، گهڻو احتجاج ڪندڙن کي زندگي وڃائڻي پئجي ويندي آهي. خانداني عزت، پنهنجي انا ۽ ضد جي اڳيان هزارين معصوم ڇوڪريون قربان ٿي رهيون آهن. ڇوڪريءَ جي بي گناهه قتل کي پنهنجي ذات پات جي نظام کي فوقيت ڏيڻ وارو دستور تمام مضبوط ٿيندو ٿو وڃي، ان قسم جي قتل جي مذمت به نه ٿي ڪئي وڃي. غيرت جا ميڊل ۽ لقب حاصل ڪندڙ قاتل ڪنڌ مٿي ڪري قتل جو ڏوهه قبول ڪري وٺندا آهن. عورت جي مقدر ۾ صرف اڪيلايون ۽ الزام ئي بچندا آهن. جيڪڏهن سندس ساٿي، ساٿ ڏي ته ٻئي مرن ٿا ۽ جي ساٿ ڇڏي وڃي ته پاڻ مصيبتن کي اڪيلي منهن ڏيندي ٿي رهي.

18 سالن جي انيلا ڌرپالي ۽ اڪرم کوسو ٻه مختلف ذاتين سان تعلق رکندڙ، انهن به اهو ئي اوکو پنڌ منتخب ڪيو، جنهن جي منزل خون رنگ هئي. گڏ جيون گهارڻ جا ارمان دل ۾ سانڍي هو روايتي رسمن کي ٽوڙڻ لاءِ نڪتا، پر ڪنهن منزل تي پهچڻ کان اڳ پنهنجي قبيلي جي ماڻهن هٿان کنڀجي ويا ۽ پوليس اسٽيشن آندا ويا. انيلا پوليس کي تحفظ جي اپيل ڪئي ۽ کين چيو ته کين دارالازمان موڪليو وڃي. انيلا کي خبر نه آهي ته ڇو يقين هو ته دارالامان ۾ سندس جان بچي ويندي ۽ اڪرم اتي پهچي کيس وٺي ويندو. هو عدالت ۾ ويندا ۽ پنهنجي نئين زندگي شروع ڪندا، پر ڀلا اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته ڇوڪري پنهنجي رت ۽ قوم کان ٻاهر جو ڪو جيون ساٿي چونڊي ۽ انهن کي گڏ جيون گهارڻ لاءِ زنده ڇڏيو وڃي. پيار جي ڏوهه جي ڏوهارڻ انيلا جنهن جي زندگي 70 هزارن ۾ وڪامجي وئي. انيلا عدالت تائين نه پهچي سگهي، هو مائٽن جي عدالت ۾ پهچي وئي ۽ وري ڪنهن کي به خبر نه پئي ته ڪيڏانهن وئي. مائٽن جيڪب آباد شهر ڇڏي ويا. ڪن ذريعن مطابق ته سي آءِ اي پوليس ان معاملي جي جاچ ڪرائي پئي ته انيلا ڌرپالي ڪيڏانهن گم ٿي وئي؟ پر جڏهن مائيٽ، مالڪ نه ٿين ويري بڻجي وڃن ته پوءِ مقتول جي مالڪي ڪير ڪندو؟ ڪجهه ذريعن مطابق انيلا کي زهر ڏئي ماريو ويو، هن پنهنجي ماءُ پيءُ جي اڳيان تڙپي تڙپي ساهه ڏنو ۽ لاش کي گم ڪيو ويو. ڪابه ڳالهه ان واقعي کانپوءِ ظاهر نه ٿي، هر ڳالهه شڪ جي پردي ۾ لڪل رهي. انيلا جو موت ۽ زندگي ٻئي گم شده رهيا. پوليس ٻه ماڻهو به گرفتار ڪيا، پر هي شيءِ هر واقعو شڪ جي پردي ۾ لڪل ئي رهيو.

وڏو الميو اهو هوندو آهي ته خاندان جي نالي، عزت ۽ وقار جو خاص خيال رکيو ويندو آهي، پر عورت جي زندگيءَ جي ڪابه حيثيت تسليم نه ٿي ڪئي وڃي. انيلا به پنهنجن مائٽن اڳيان دم ڏنو ۽ ماءُ پي جي چپ چاپ پنهنجي جگر جي ٽڪر کي تڙپيندي مرندي ڏسندا رهيا، انهن جي دلين ۾ موجود محتبن ۽ شفقتن جو به موت ٿي ويو، شفقتن جي مٿان سماجي رويا غالب بڻجي ويا، اهي سماجي رويا جيڪي چون ٿا ته عورت کي پنهنجي زندگي جيئڻ جو ڪوبه اختيار نه آهي، زندگي ۽ موت جو اختيار صرف قومن ۽ قبيلن جي ٺيڪيدارن وٽ آهي، جيڪي مدي خارج رسمن کي زنده رکندا ٿا اچن ۽ ڇوڪرين کي ماريندا ٿا رهن….!

رحمت به کلندڙ ڪڏندڙ ڇوڪري هئي، ان کي به پيار جي ڏوهه جي سزا ۾ گوليون هڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان جو لاش جهڙو وجود ڄامشوري جي قبرستان مان مليو، ڪجهه مزدورن ان کي اسپتال تائين پهچايو، مارڻ وارا سندس پنهنجا ويجها عزيز هئا، جن پنهنجي ڀرپور نفرت جو ثبوت ڏنو، رحمت جي سڄي جسم تي گوليون وسايون ويون هيون، هن کي اڌ مئي حالت ۾ ويران جاءِ تي اڇلايو ويو هو، اتفاق هو جو هن جي زندگي بچي وئي، جڏهن ته مارڻ وارن ڪابه ڪمي ڇڏي نه هئي، رحمت جي اک ۾ فائر ڪيو ويو هو، سندس هڪ اک هميشه لاءِ ناڪاره بڻجي وئي هئي، اک ۾ لڳندڙ گوليءَ سندس دماغ کي به متاثر ڪيو، جنهن جي ڪري هڪ ٽنگ به ڪم نه ٿي ڪيو، ٻانهن ۾ لڳندڙ گولي ٻانهن جا ٽڪر ڪري ڇڏيا هئا، هوءَ ڪافي ڏينهن اسپتال جي بستري تي بي جان لاش جيان موت سان جهيڙيندي رهي، موت سندس اڌ جسم تي ته قابض ٿي چڪو هو، اهو موت جيڪو هن جي مٿان پنهنجن پيارن مسلط ڪيو هو، رحمت جا ڪجهه عزيز پوليس جي ويجهي رابطي ۾ هئا، ان واقعي جي به ڪا مناسب ڪارروائي نه ڪئي وئي.

هزارين واقعا آهن، هزارين معصوم ڇوڪريون آهن، جيڪي هن ظلم جي ٻرندڙ ڇيرن جو کاڄ بڻجن ٿيون، ڪي زندگيءَ جي جنگ هارائي ٿيون ويهن ته ڪن جي زندگيءَ کي موت کان به بدتر بڻايو ٿو وڃي. ڇوڪرا به تشدد جو شڪار ٿين ٿا، پر جيڪڏهن ”مضبوط ڌر“ جا آهن ته پوءِ بچايا ويندا آهن نه ته ڪوڙن ڪيسن ۾ قابو ڪيا ٿا وڃن. جبري طلاقون ڏيارڻ لاءِ به زور ڪيو وڃي ٿو. اهڙن واقعن لاءِ جرڳو تمام وڏو پناهه گاهه آهي، جنهن وسيلي معصوم زندگين جي ”بربادي“ جا فيصلا ڪيا وڃن ٿا. قبيلن جي نالي ۽ عزت جي بچاءَ ۾ جرڳن جو بنيادي ڪردار نظر اچي ٿو. جرڳن جي سهاري ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي الڳ ڪرڻ ۽ انهن تي ڏنڊ وجهڻ تمام عام ٿيندو ٿو وڃي. اها اهڙي مضبوط عدالت آهي، جنهن جي خلاف ڪنهن عدالت جي در کڙڪائڻ ناممڪن آهي، پٿر تي لڪير جهڙا فيصلا زندگيون وڃائيندڙ ئي هوندا آهن.

ڏٺو وڃي ته پسند جي شادين جي سلسلي ۾ ڪارو ڪاري جا جيترا به واقعا ٿين ٿا، انهن جو اهم ڪارڻ قبيلن ۽ ذاتين جو نظام آهي، انسانن لاءِ ذاتن جا مقرر ڪيل سماجي دائرا، انسانيت کي ورهائي ڇڏيندڙ هجن ٿا. انهن دائرن جي قيد مان نڪرندڙن لاءِ زندگي حرام بڻجي ٿي وڃي. ان نظام کي هٿي ڏيندڙ اسان جا قانون نافذ ڪندڙ ڪمزور ادارا آهن، رياستي قانون جي مقابلي ۾ اڀرندڙ هن علائقائي عدالتي نظام تحت تشدد جو واڌارو ٿو ٿئي ۽ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ٿي وڃي. رياستي نظام ناڪاميءَ جي حدن جي ويجهو پهچي چڪو هو.

راحيلا شيخ جو عدالت ۾ ٿيندڙ قتل ان جو ثبوت آهي. اهو کليل پيغام آهي، سڀني پسند جي شادي ڪندڙن لاءِ ته جيڪي به پيار ڪندڙ پنهنجي ذات برادريءَ کان ٻاهر جيون ساٿي ڳولهيندا انهن کي ڪٿي به تحفظ نه ملي سگهندو. راحيلا شيخ ذوالفقا سهتو سان پسند جي شادي ڪئي هئي. ان ڏينهن انهن جي پيشي هئي. راحيلا شيخ عدالت ۾ اهو ئي چيو ته هن جي جان بچائي وڃي، هن جي زندگي جي پويان موت لڳل آهي، هوءَ دانهيندي رهي، پڪاريندي رهي، جيستائين قانوني ڪارروائي مڪمل ٿئي، پر موت ان جون پڪارون ٻڌي ورتيون، بي حس بي ضمير وڪيل جاويد شيخ پنهنجي معصوم ڀيڻ مٿان فائر ڪري هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو. ان قانون پڙهڻ واري تمام سولائيءَ سان پنهنجي ضد ۽ انا مٿان پنهنجي ڀيڻ کي قربان ڪري ڇڏيو. قانون جي ڊگري به هن جي دماغ ۾ ويٺل سنياريل نظام کي نه ڪڍي سگهي. علم جي روشني ان جي وجود جي اونداهه کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. سماجي رويا ايتري قدر ته طاقتور ٿي چڪا آهن جو انهن کي رياست جو قانون بهChallenge نٿو ڪري سگهي. عورتن تي تشدد خلاف جيتري به قانون سازي ٿي آهي ۽ قانون عورتن جي حقن کي تحفظ ڏي ٿو، اوترو ئي حقن جي لتاڙ ۾ اضافو ٿيندو ٿو وڃي. ڇو ته قانون جي موجودگي ۽ قانون تي عمل ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي، اسان وٽ قانون سازي ٿئي ٿي پر رياست ان تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، اسان جا ادارا به انهن قانونن کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن. قانون جي تحفظ جي ڪمي آهي، پسند جي شادي جو حق هر ڪنهن کي آهي، ڇوڪريون اهو حق استعمال ڪن ٿيون ۽ مرن ٿيون، انهن لاءِ تحفظ ڪٿي به ڪونهي، گهر مان نڪرڻ کانپوءِ هر جاءِ تي موت سان ملاقات ٿي ٿئي، پوليس اسٽيشن، ڪورٽ، دارالامان هرپاسي موت جو راڄ آهي. ڇو ته اسان جو سماجي نظام اهڙن قانونن کي مڃتا نه ٿو ڏي، جيڪي عورت کي سگهارو ڪرڻ وارا هجن، هن جي سماج ۾ حيثيت ٺاهيندڙ هجن. عورت جو پاڻ ڀرو ٿيڻ پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪرڻ، پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ، پنهنجي زندگيءَ جو پاڻ مالڪ ٿيڻ، اڄ جي سماج لاءِ تسليم ڪرڻ تمام مشڪل ٿي پيو آهي. باشعور عورت کي نه سماج ٿو جاءِ ڏي نه وري گهر وارا ۽ نه ئي مٽ مائٽ ٿا تسليم ڪن، عورت جي نالي وٺڻ سان هڪ خودمختيار فرد نه پر هڪ ڪمزور روئيندڙ پٽيندڙ گهٽ ۽ ڪمتر فرد جو تصور جڙيل هجي ٿو. ان جي ابتڙ جهيڙيندڙ عورتون سدائين موت جي رستي جون مسافر هجن ٿيون. پنهنجي حقن جي حاصلات جي ٻولي جي آبياري پنهنجي رت سان ڪنديون رهن ٿيون. تاريخ ۾ سورمين جا امر ڪردار موجود آهن، پر اڄ ڪلهه جون روز بيگناهه شهيد ٿيندڙ معصوم ڇوڪريون به تاريخ جي ورقن ۾ زندا ٿيڻ گهرجن، انهن لاءِ به گهرن ۾ ماتم ٿئي ۽ نوحه پڙهجن، اهي سماج جي مرده ٿيڻ جا نوحه هجن ۽ لاشعوريءَ جو ماتم ٿئي. اهي مڪروهه ۽ غليظ ڪردار جيڪي ڌيئرن ۽ ڀينرن کي، مائرن، زالن کي رت سان هٿن کي رنگين ڪن ٿا، انهن جي نندا ٿيڻ جي اميد ڪجي ٿي. بي گناهه وهندڙ رت نيٺ ته ڪو انقلاب آڻيندو، جنهن ۾ سماج انهن ڏوهارين کي ڏوهاري تسليم ڪندو، جيڪي ڪنڌ جيل جي سلاخن جي پويان به مٿي هوندا آهن، اهي جهڪيل نظر ايندا. پنهنجي جگر گوشن کي ماري ڪير به غازي ڪونه بڻجندو…!

پنهنجين ڀينرن کي ماري ڪوبه فخر ڪونه ڪندو…!

پنهنجي زال کي ماري ڪير به غيرتمند ڪونه سڏائيندو….!

نيٺ ته اهڙو ڏينهن به ايندو…!

نٺ ته ٿيندي سحر……!

نيٺ ته ڪاري رات کٽندي….!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *