آرمي چيف جا داعش بابت خدشا…….

حقيقت آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ رڳو پاڙيسري ملڪ طور نه پر ٻنهي ۾ خوني ناتو به آهي، پر بدقسمتي سان دشمن عنصر افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪِريل حرڪتن ۽ سازشن ۾ مصروفِ عمل آهن، پاڪستان گذريل وڏي عرصي کان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ هر سطح تي ڀرپور ڪوششون ڪندو رهيو آهي، ڇوته امن عمل ئي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ جو واحد رستو آهي، ان لاءِ سرحدن تي نگراني واري نظام کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ عالمي برادري جو سهڪار به لازمي آهي، جنهن کانسواءِ پاڪستان اڪيلي سر امن جي قيام واري مقصد ۾ ترت ڪاميابي حاصل نٿو ڪري سگهي. جنرل راحيل شريف پنهنجي برطانوي دوري دوران خطي ۾ امن جي قيام لاءِ جن حقيقتن ۽ گهُرجن جي نشاندهي ڪئي، ڪو به حقيقت پسند شخص ان کان انڪار نٿو ڪري سگهي، پاڪ فوج جي سربراهه اهڙا خيال پيش ڪري پوري پاڪستاني قوم، پارليامينٽ ۽ حڪومت جي درست ترجماني ڪئي آهي، هُن پاڪ افغان لاڳاپن ۽ افغان امن عمل جي معاملي تي مڪمل خلوص سان پاڪستان جو موقف واضح ڪيو آهي، انهن ڳالهين جو مقصد پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا بحال ڪرڻ ۽ الزام بازين جي سلسلي کي بند ڪرڻ به آهي، ڇوته الزام بازين سان ئي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي رهي آهي، پاڪستان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن خلاف ضرب عضب ۽ خيبر ون ۽ ٽو جهڙا آپريشن ڪري سندن نيٽ ورڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد هاڻي پاڪستان تي ڪنهن به قسم جو الزام لڳائڻ جي گنجائش باقي ناهي رهي، ڏسڻو اهو به آهي ته افغان حڪومت پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن خلاف ڪيتريون اثرائتيون ڪارروايون عمل ۾ آنديون آهن؟ اهو سوال افغانستان کي حل ڪرڻو پوندو، افغانستان جي حدن ۾ دهشتگردي جي ٿيندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ افغان عملدارن کي پاڻ موثر ڪارروائي ڪرڻي پوندي، جيستائين امن عمل ۾ پاڪستان جي سهڪار جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ان لاءِ مڪمل اخلاص سان تيار آهي، ان ڪري افغانستان حڪومت ۽ عالمي برادري کي پاڪستان جي ان آڇ کان فائدو حاصل ڪندي ڳالهين وسيلي امن عمل کي نئين سر بحال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ گهرجي. اسين داعش جي ڳالهه ڪريون ته واقعي اها نه رڳو وچ اوڀر پر سڄي دنيا کي پنهنجي ڪارروائين جي گهيري ۾ آڻي سگهي ٿي، ڇوته ٿورڙي ئي عرصي ۾ داعش شام ۽ عراق جي اهم هنڌن جو ڪنٽرول سنڀالي دنيا کي نئين چئلينج جو پيغام ڏنو آهي، دولت اسلاميه شام ۽ عراق ۾ تيل جي کوهن تي به وڏي پئماني تي قبضو ڪري ورتو آهي، جنهن کي هوءَ پنهنجو معاشي ذريعو ۽ مالي قوت جو وسيلو بڻائي رهي آهي، اهو عمل دنيا لاءِ تمام گهڻا ڀيانڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف داعش جي حوالي سان جيڪي خدشا ۽ خطرا ظاهر ڪيا آهن، انهن کي ٻُڌي ڪري هوا ۾ نٿو اڏائي سگهجي، جيڪڏهن داعش ڏکڻ ايشيا ۾ داخل ٿيندي به ته پهرين اها افغانستان جو رستو اختيار ڪري سگهي ٿي، جنهن بعد شدت پسند تنظيم جا ويڙهاڪ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ به داخل ٿي سگهن ٿا، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته خطي جي تحفظ لاءِ افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت کي گڏجي هلڻو پوندو، ٻي صورت ۾ ڪٿي ائين نه ٿئي جو پاڪستان جي خدشن تي اڳتي هلي افغانستان ۽ ڀارت کي پڇتاءُ کانسواءِ ٻيو ڪجهه حاصل نه ٿئي…!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *