عالمي دنيا خطي ۾ مستقبل امن چاهي ٿي ته ڪشمير مسئلو حل ڪرائي: آرمي چيف

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف آف آرمي جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪستان سيڪيورٽي صورتحال، معاشي ترقي لاءِ بهتر ٿي رهيو آهي،ڪشمير اڻپورو ايجنڊا آهي،عالمي برادري حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري،پاڪستان افغانستان ۾ مستقل امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو.تفصيل مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف رائل يونائيٽڊ سروسز انسٽيٽوٽ جو دورو ڪيو جتي ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب

ڪندي چيو ته سيڪيورٽي صورتحال سٺي ٿيڻ سان پاڪستان معاشي ترقي طرف روان دوان آهي ۽ هاڻي پاڪستان مخالف پروپيگنڊا ختم ٿيڻ کپي.پاڪ فوج سيڪيورٽي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ڪوششوون جاري رکندي.سندس چوڻ هو ته امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي ڇو ته سڀئي مسئلا ڪشمير مسئلي سان ڳنڍيل آهن ،عالمي برادري هن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري.آرمي چيف چيو ته ڀارت جي  پاڪستان خلاف اڻ سڌي ريت حڪمت عملي جا خطي تي منفي اثر پون ٿا.جنرل راحيل شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته افغانستان سان ڀائرن وارو تعلق ۽ رت جو رشتو آهي،افغانستان ۾ مستقل امن لاءِ امن خراب ڪندڙن تي ڪڙي نظر رکڻي پوندي، جڏهن ته پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ مدد ڪندو رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *