ڪيترن ئي مسئلن ۾ گهيريل سنڌ جو عوام:دادو محمد رفيق چنه

سنڌ ڌرتي هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ آهي صوفين جي سرزمين سنڌ جي سونهن ۽ ثقافت مهمان نوازي هنرن ۾ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي سنڌ  بهادرن ڏاهن دانشورن اديبن عالمن اوليائن جي ڌرتي آهي، قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ پنهنجن سان پيار ڪندڙن جو ديس آهي پيرن فقيرن اوليائن جي سڏجندڙ سنڌ ڌرتي جنهن جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ الله پاڪ جي ولين، برزگن جا روضا موجود آهن جيڪي انسان ذات جي ڀلائي خدمت جو سبق ڏيندا رهيا آهن  سنڌ جو عوام  ڪيترن ئي مسئلن ۾ گهيريل آهي سنڌ ۾ ڪو هڪ مسئلو نه آهي بلڪي سڄي سنڌ  مسئلن جي ور چڙهيل آهي قدرتي  وسلين  تيل گئس ۽ ٻين وسيلن سان  مالا مال  آهي جيڪا  ڪنهن  به  تعارف جي  محتاج  نه  آهي  سنڌ  ۾  حالات   عوام کي  ايترو ته  مجبور  ڪن  ٿا  جو  عوام  پنهنجي جائز حقن  جي  حاصلات  لاءِ  سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن جي پريس ڪلبن شهر جي مک چوراهن ٽي احتجاج ڪرڻ   تي مجبور ٿي  وڃي  ٿي  هر  وقت  جي  سرڪار  سدائين  عوام  جي  حقي  حقن جي حاصلات لاءِ ٿيندڙ احتجاجن کي  ڀلي  ٻڌو  اڻ  ٻڌو ڪري  پر  احتجاج  ڪندڙ عوام  سرڪاري  ملازمن  کي  اهو  يقين  هوندو  آهي ته سندن جائز مسئلن لاءِ ٿيندڙ احتجاجن  کي  ملڪ جي آئين ۾ايتري  اهميت  ضرور مليل  آهي جو هر وقت جي سرڪار  جائز  مسئلي  جي  حل  لاءِ  ضرور  ڪوشش وٺندي  سنڌ  حڪومت  نوٽيفڪيشن  جاري  ڪري  باضابطا  طور  نوڪرين  تان  پابندي  هٽائي  ڇڏي  آهي ۽ جاري ٿيل  نوٽيفڪيشن  موجب  سنڌ سرڪار جي ماتحت سمورن کاتن کي  لکيو   ويو  آهي  ته  ٽن  مهينن اندر تعليم، صحت،  زراعت،  زڪوات،  گهرو، روينيو،  رٿابندي، ٽرانسپورٽ،  ۽  ثقافت   کاتي  سميت  ٻين  کاتن  ۾   خالي  پيل  جايون   ڀرڻ  وارو  عمل  مڪمل  ڪيو  وڃي  ته سنڌ جي تعليم يافته نوجوانن کي روزگار ملي سگهي ملڪ جي وڏي پارٽي پاڪستان پيپلز  پارٽي  اقتدار  دوران   هميشه  بيروزگاري  گهٽ  ڪرڻ  لاءِ بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون  فراهم  ڪرڻ  واري  روايت  کي  تاحال برقرار رکندي آئي  آهي  ماضي  ۾  سياسي  انتقامي  نشانو بڻجندڙ  هزارين  ماڻهن  کي  ٻيهر  نوڪرين  تي  بحال  ڪرڻ  سميت  ٻاهرين  ملڪن   ۾  پڻ  پنهنجي اقتدار جي مختلف  دورن ۾  هزارين   ماڻهن  کي  روزگار  جا  ذريعا  مهيا  ڪيا  آهن پاڪستان   پيپلز  پارٽي  جي  حڪومت  جيڪي  ملڪ  ۽  سنڌ جي   عوام  سان  واعدا  ڪيا  هئا  انهن  ۾  هڪ  واعدو  تعليم يافته بيروزگار نوجوانن کي پڪي  روزگار  وارو  به  واعدو هو  جيڪو  گهڻي  حد  تائين  ڪامياب ڪرائي  سگهي  آهي  پر  ساڳي  جاءِ تي  اڃا تائين  ڪجهه  اهڙا  سرڪاري کاتن جا سرڪاري ملازم  جيڪي   پڪا  ٿي  نه  سگهيا  آهن  جن ۾ سنڌ زڪوات عشر کاتي ۾ ڪانٽريٽ تي ڀرتي ٿيل ملازم جيڪي  گذريل  28  سالن  کان  وٺي   احتجاج  مظاهره ڌرڻا هڻندا  اچن  ٿا  ته کين پڪو روزگار ڏئي سندن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ڪانٽريڪٽي سرڪاري ملازمن وقت به وقت بينر پلي ڪارڊ کڻي شهيد  محترم بينظر پٽو   جي  مزار  اڳيان  سراپا احتجاج  ڪرڻ  سيمت  ايم پي  اي  ايم  اين اي،  وزيرن  مشيرن  جي  اڳيا  وڃي  پڪي  روزگار  لاءِ  منٿون  ايلاز  ڪري  سدائون  هڻندا  رهن  ٿا  1988 واري  پ پ جي حڪومت   ۾  سنڌ  جي عظيم  ليڊر اهي شهيد محترمه  بينظر  ڀٽو  جي  حڪومت  ۾ عشر زڪوات  کاتي  جي  830 ملازم جن ۾  آڊيٽ آفيسر  آڊيٽر اسٽسٽ آڊيٽر عامل  ڪلارڪ  جيڪي سنڌ  جي  مختلف  ضلعن  دادو  لاڙڪاڻو  سانگهڙ  بدين  نوشهرو  فيروز جيڪب آباد ڪراچي  ڪنڌڪوٽ  حيدرآباد  سکر  ۽  ٻين سنڌ جي شهرن  ۾  ڪانٽريڪٽي ملازمن جي سنڌ جي  اڳواڻ يونس  باقري  سيڪريٽري  جنرل  در محمد  ٽانوري،  قاضي   منصور،  عبدالمجيد پنهور،  پپو ٿهيم،  عبدالحميد چارڻ ،رمضان  پنهور، زاهد  لغاري،  علام محمد  عباسي،  حفيظ  شيخ  ۽  ٻيا  سوين  ملازم   مسلسل  احتجاج  ڪري   مطالبو   ڪري  رهيا  آهن عشر زڪوات کاتي جي ڪانٽريڪٽي ملازم  جيڪي  830  خاندانن  جي   پيٽ جي  بک  اجهائڻ  جا   واحد  ذريعا آهن  جن  مٿان   لٽڪندڙ   ڪانٽريڪٽي   تلوار  هٽائڻ  لاءِ   ٻاڪاريندا  رهن ٿا   پر  افسوس  جو سنڌ ۾ عوامي  حڪومت  ۾  به  عشر زڪوات  کاتي جي 830  ڪانٽريڪٽي ملازمن سان  هن وقت تائين انصاف   نٿو  ڪيو   وڃي جيڪا  سنڌ جي ڪانٽريڪٽي ملازمن سان سراسر  زيادتي ۽ ناانصافي آهي  هنن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اڳيان وقت به وقت احتجاج  ڪري  شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فرزند پ پ  چيئرمين   بلاول ڀٽو  زرداري کي عرض  ڪندي  دانهيو آهي ته منهنجا  سائين  توهان  جي  پاڪستان پيپلز پارٽي  شهيدن  جي  پارٽي  آهي  شهيد محترمه  بينظر  ڀٽو جا  توهان  فرزند  آهيو  جنهن  عوام  جي حقن لاءِ  پنهنجي  جان قربان  ڪري ڇڏي  اسان  جو  اوهان  کان  مطالبو  آهي  ته   عشره  زڪوات  کاتي  جي  830 ملازمن  جيڪي  28  سالن  کان   ڪانٽريڪٽي  تي  آهن جن  کي  شهيد  راڻي  جي   صدقي  ريگيولر  ڪرڻ  جو بنا دير  اعلان  ڪري  سندن  خاندانن  مان  بيچيني  ۽  خوف  واري  ڪيفيت  ختم  ڪئي  وڃي ته  830 ملازم  ڪو  سک  جو ساهه  کڻي  سگهن ته جيئن پ.پ.پ سرڪار جي کنيل عوامي ڀلائي بهتري واري قدمن جي هميشه لاءِ ساراهه ٿي سگهي

*******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *