ڇا قطر جو شهزادو شاهدي لاءِ پاڪستان ايندو..؟:غلام مصطفيٰ جمالي

تحريڪ انصاف ڌاندلين واري معاملي کان پوءِ پاناما ليڪس واري معاملي تي پاڪستان جي سياست اندر چڱيون خاصيون رڪاوٽون وڌيون آهن ۽ پاناما ليڪس ڪيس پڻ پاڪستان جي اعليٰ عدالت ۾ هلندڙ آهي.۽ عدالتن اندر حڪمرانن سميت سڀني سياستدانن تي ڪرپشن جا لڳل الزام به سئو فيصد سياسي معاملو آهن.جتي سياستدانن کي نااهل قرار به ڏئي سگهجي ٿو.جنهن جي ڪري شايد حڪمران ۽ سياستدان پنهنجي پنهنجي ساک بچائڻ خاطر پارليامينٽ اندر نه پر عدالتن اندر ڊوڙ ڊڪ رهي رهيا آهن.انهي پاناما ليڪس معاملي کي وٺِي ڪري هڪ طرف ته پاڪستان جي لولي لنگهڙي جهموريت لوڏن ۾ آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هلندڙ سي پيڪ منصوبي به مونجهاري ۾ آهي. سي پيڪ منصوبي جي ڪري ڪجهه ڏينهن انهي پاناما ليڪس معاملي ۾ ماٺار ضرور آئي پر هاڻ سي پيڪ منصوبي جو افتتاح به ٿي چڪو آهي.جنهن کان پوءِ وري به پاناما لڪيس وارو ريگنٽ شروع ٿي چڪو آهي.پاناما ليڪس معاملي تي اصل جن ڌرين ۾ جهِيڙو هلي رهيو آهي اهي صرف ٻه ڌريون آهن هڪ ڌر جيڪا هن وقت پاڪستان جي اقتدار جي ڪرسي سنڀاليو ويٺِي آهي يعني حڪومت ڌر ميان نواز شريف.. ۽ ٻئي ڌر جيڪا اقتدار ۾ اچڻ تي چاهي يعني پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي عمران خان صاحب.پاناما لڪيس معاملي تي ڪالهه جيڪو عدالت اندر فيصلو هليو جن ۾ ميان نواز شريف جي خاندان پنهنجي ملڪيت وارا دستاويز جمع ڪرايا جنهن اندر الثاني رئيل اسٽيسٽ مان ٿيل مالي فائدي مان لنڊن وارو فليٽ خريد ڪرڻ جي دعوي ڪئي وئي آهي.

اهڙِي دستايز پيش ٿيڻ ته انهن دستاويزن کي سپريم ڪورٽ حساس قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ انهي مليل خط جنهن ۾ قطر جي اڳوڻي وزيراعظم جو ذڪر ڄاڻايو ويو آهي.انهي مليل جوابي خط کان پوءِ سپريم ڪورٽ انهي خط جي متعلق اهو به چيو ته جيڪڏهن انهي ڳالهه کي مڃي به وٺجي ته مليل خط اندر جيڪو موقف ڄاڻايو ويو آهي اهو سموري سچ آهي ته ڇا عدالت جي سڏ ٿي قطر جو شهزادو پنهنجي خط جي بابت وضاحيت ۽ گواهي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ايندو.انهي ڪري مان اهو به سمجهان ٿو ته شايد پاڪستان جي تاريخ جو ڪو اهڙو به ڪيس هجي جنهن جي شاهدي ڏيڻ لاءِ اسلامي ملڪن سميت ڪنهن به ٻئي ملڪ جو موجوده توڙي سابق وزيراعظم پنهنجي گواهي ڏيڻ لاءِ پاڪستان آيو هجي.پر ائين به ناهي پاڪستان جي سياست اندر هن وقت جهڙي ريت پاناما لڪيس معاملي جي شطرنج کيڏي پئي وڃي مان سمجهان ٿو ته مُهرا به اوهڙائي هلايا پيا وڃن.

جيڪڏهن ميان نواز شريف جي خاندان جي ٻارن پاناما لڪيس معاملي اندر قطر جي شهزادي جو خط گواهي طور پيش  ڪيو آهي ته انکان پهرين انهي خط جي تعلق قطر جي شهزادي کي آگاهه ضرور ڪيو ويو هوندو.شايد انهي ڪري قطر جي شهزادي پنهنجي بيان ۾ اهو به واضع چيو آهي ته شريف خاندان اسانجي ڪاروباري حصيداري مان لنڊن اندر فليٽ خريد ڪيو هوُ.جڏهن ته قطر جي شهزادي اهو به چيو ته سندس والد ۽ ميان نواز شريف جي وچ ۾ تمام گهڻي ويجهڙائپ واري دوستي هئي انهي ڪري هنن ملي ڪري ڪاروبار ڪيو ۽ لنڊن اندر خريد ڪيل فليٽ الثاني سيڙپڪاڪري مان ملندڙ فائدي مان لنڊن فليٽ خريد ڪيو ويو، جنهن جا دستاويز قطر ۾ موجود هئا جيڪي بعد ۾ 2006ع اندر شريف خاندان جي حوالي ڪيا ويا هئا.هڪ طرف پاناما لڪيس معاملي جي سموري ڪڙي اچي قطر جي شهزادي تي ٻيٺِي آهي جنهن مان اهو به صاف ظاهر ٿي ٿو ته نواز خاندان کي بچائڻ ۽ شريف خاندان جي حق ۾ بيان ڏيڻ لاءِ قطر جي شهزادي کي جيڪڏهن پاڪستان اچڻو پيو ته هوُ پاڪستان ضرور ايندو ۽ انهي سان گڏ پاناما لڪيس معاملو به دفن ٿي ويندو.پر اها به اوهان جي ڳالهه ذهن ۾ هجڻ گهرجهي ته جنهن قطر جي شهزادي جو سهارو وٺِي ڪري ميان نواز شريف پنهنجي خاندان جي صفائي بابت جيڪو خط عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي انهي قطر جي شهرزادي “حمد بن جاسم “ جو نالو پڻ پاناما لڪيس ۾ شامل آهي شايد انهي ڪري هاڻ هڪ اهم سوال اهو به اڀري ٿو ته ڇا پاڪستان اندر قطر جي شهزادي جي گواهي کي قبول ڪيو ويندو؟.پاڪستان جي سياستدانن ۽ قانوندان جو گهڻي ڀاڱو انهي ڳالهه کي تسليم نه پيو ڪري جڏهن ته اعتراز احسن پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن قطر جو شهزادو پاڪستان آيو به ۽ عدالت اندر ميان نواز شريف جي خاندان جي حق ۾ بيان ڏنو ته عدالتي ڪٽهڙي ۾ سندس ڄنهگون رڦنديون.هڪ پاسي ميان نواز شريف جي خاندان پنهنجي بچاءُ خاطر قطر جي شهزادي جو سهارو ته وٺِي ڇڏيو آهي جيڪو شايد ڪامياب به وڃي پر ٻئي پاسي عمران خان صاحب ميان نواز شريف جي خاندان جي احساسن جي بابت ڄاڻ لاءِ پنهنجي ويجهي دوست زلفي بخاري کي وزيراعظم ميان نواز ۽ حسن نواز تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ تهلڪه مچائيندڙ شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ لنڊن اندر هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.

انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان صاحب به پاناما لڪيس معاملي بابت تمام ڄاڻو قانوندانن جو سهارو وٺِي رهيو آهي.پر اتي عمران خان صاحب تي به ڪيترائي سوال اٿن ٿا ته جيڪڏهن عمران خان صاحب سچو آهي ته سندس لڳايل الزام به سچا آهن ته پوءِ عمران خان آخر پارليامينٽ ۾ ٿيڻ واري اجلاس اندر ڇو ڪون پيو جڏهن اڄ ٿيڻ واري پارميامينٽ واري اجلاس ۾ پڻ عمران خان صاحب اچڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.اهڙي ماحول ۾ اهو به چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن جيڪا معاملا عمران خان صاحب پاڪستان جي اعليٰ عدالت اندر هلائي رهيو آهي جيڪڏهن اهوئي مسئلو اچي پارليامنيٽ اندر اٿاري ته ان سان ميان نواز شريف جي تمام گهڻو دٻاءُ پوندو. ڇو ته اتي ميان نواز شريف کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ عوام  جي سامهون عمران خان جي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا پر عمران خان صاحب ائين نه ڪري رهيو آهي ڇو نه ڪري رهيو آهي ۽ انهي جي وجهه ڪهڙي آهي اها عمران خان صاحب ئي ڄاڻي ٿو پر جيڪڏهن عمران خان صاحب پاليامينٽ اندر اچي ويهي مسئلا اٿاري ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ،

 

 

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *