ڇا آءِ جي سنڌ  کي هٽائڻ وارو فيصلو درست آهي..!!: غلام مصطفيٰ جمالي

سنڌ سرڪار هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان  آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا هٽائڻ جو فيصلو ڪري روتو آهي ،جڏهن ته اي ڊي خواجه جي جاءِ تي 20گريڊ جي پي ايس پي آفيسر عبدالمجيد دستي کي نئون آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.آءِ سنڌ اي ڊي خواجه کي انهي موقت ذريعي هٽايو پيو وڃي ته سنڌ اندر 20گريڊ جي پي ايس پي آفسير موجود آهي انڪري اي خواجه کي پنهنجي سيٽ تي نه ويهڻ گهرجي بلڪه انهي آفيسر کي ويهڻ گهرجي جيڪو 20گريڊ جو آفيسر آهي.آءِ سنڌ کي هٽائڻ ۽ نئون آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ لاءِ ڇنڇر جي ڏينهن هڪ سنڌ ڪابينا جو اجلاس  ڪوٺائي ويو هوجڏهن ته چيف سيڪٽري ڪالهه آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي پنهنجي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽِيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي،انهي نوٽيس اندر اي ڊي خواجه کي ڄاڻايو ويو آهي ته تي سنڌ اندر 20گريڊ جو آفيسر موجود آهي انڪري کيس انهي عهدي تان هٽائي ڪري ان جي جاءِ تي عبدالمجيد دستي کي آءِ سنڌ مقرر ڪيو ويندو.

اهو به هن وقت هڪ  تاثر عام آهي ته هڪ سنئير آفسير جي موجودگي ۾ ان جي جاءِ تي هڪ جوئينر آفسير ڪم نه ٿو ڪري سگهي.ڇو ته اها به هڪ ڳالهه اهم آهي ته هن وقت 20 گريڊ وارو آفيسر عبدالمجيد دستي سنڌ جي موجوده آءِ سنڌ جي سيئنر آهي انڪري آءِ سنڌ جو عهدو ان وٽ هجڻ گهرجي.برحال اها به هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڪيتري عرصي کان وٺي آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي هئي پر وٺس ڪو اهڙو جواز نه هو جنهن جي ڪري هو آءِ سنڌ کي هٽائي سگهي پر هاڻ مان سمجهان ٿو ته سنڌ حڪومت وٽ هڪ تمام گهڻو سخت جواز موجود آهي جنهن جي ڪري شايد سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجه کي هٽايو وڃي.

سنڌ جي آءِ جي هٽائڻ جا وقت جيڪي سامهون آيا آهن ، تن جو تعلق نه ته سنڌ جي مفادن سان آهي نه وري ميرٽ ۽ صوبي جي ترقي پر ذاتي رنجش، پسند، ناپسند ۽ ڊڪٽيشن وٺڻ کان ڪَنَ بند ڪري  ڇڏڻ ئي اهي سبب آهن، جن جي ڪري کين هٽائڻ جو سوچيو ويو آهي، پهرين جڏهن سنڌ جي آءِ جي غلام حيدرجمالي کي هٽائي ڪري ان جي جاءِ جي اي ڊي خواجه کي مقرر ڪيو ويو هو ته ان وقت سموري جي سنڌ جي عوام اي ڊي خواجه ، جي آجيان ڪئي هئي، ته اي ڊي خواجا جو شمار ايماندار ۽ فرض شناس آفيسرن ٿئي ٿو، تنهن ڪري اهڙي پوليس عملدار جي سنڌ جي آءِ  جي طور مقرري سنڌ طرفان آجيان ڪرڻ هڪ فطري عمل هو، ٻن قسمتيءَ سان سنڌ ۾ پنهنجن توڙي پراون حڪمرانن هميشه امپورٽيد ۽ ” جي حضوري“ وارو واٽ تي هلندڙ عملدارن کي پئي سنڌ ۾ ادارن جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي روايت ئي رهي آهي، سو اتي ورهين کانپوءِ ۽ سٺي ساک رکندڙ آفيسر جي آءِ جي سنڌ طور مقرري يقيني طور آجيان جوڳو قدم هو، جنهن جي سماج جي هر طبقي آجيان ڪئي  هئي ۽ ان کي حڪومت جو سٺو قدم قرار ڏنو هو سنڌ ۾ ڏهاڪن کانپوءِ جيئن ته هي ٽيئي مقرريون ميرٽ تي ٿيون هيون، جنهن جو نتيجو وري اهو نڪتو جو سنڌ ۾ سٺي حڪمراني جا بنياد پٽجي رهيا هئا، ان ڏس ۾ سنڌ جي نوجوان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي محرڪ ڪرادر کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، پر سنڌ ۾سنڌ سرڪار بابت جيڪو ها ڪاري تصور جڙڻ شروع ٿيو آهي ، تنهن جو ڪريڊٽ هڪ عهدو نه پر پوري ٽيم ڏانهن وڃي ٿو.

سنڌ سرڪار پنهنجي عام ڪم کي بهتر بنائڻ لاءَءِ ڪنهن جاءِ تي ڪنهن کي مقررڪجي، اهو اختيار رکي ٿي پر هن مرحلي تي جڏهن سرڪار جو ناڪاري تصور جڙڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي، ان وقت سٺي ساک رکندڙ ۽ فرضن شناس عملدارن کي اهم عهدن تان هٽائڻ پنهنجي ڪئي ڪمائي تي پاڻ ڦيرڻ ۽ پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ هوندو ڪو به سماج ان وقت تائين نه ترقي ڪري سگهي ٿو نه ئي  وري ادار پنهنجي پيرن تي بيهي يا مضبوط ٿي سگهن ٿا، جيستائين ميرٽ کي محترم نه ٿو سمجهيو وڃي ، پنهنجا نوازي اقربا پروي، ميرٽ جي لتاڙ ۽ چِٺي ڪلچر ته سنڌ کي هن بند تي پڄايو آهي جو سڄو صوبو مهين جي دڙي جو  ڏيک ڏئي رهيو آهي، سنڌ سرڪار خاص ڪري سنڌ جي حڪمران جماعت کي نااهل هئُڻ جي طعنن ۽ ٺٺولن کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، بهتر سنڌ جيئن ته ميرٽ سان ئي تعمير ڪري سگهجي ٿي، آهي تنهنڪري بهتر ٿيندو ته سنڌ کي پسند ۽ ناپسند جي روين جي لتن هيٺيان لقاڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ جيڪو امن قائم ٿيو آهي، ميرٽ تي نوڪريون ملڻ جو جيڪو آسرو ۽ اميد پيدا ٿي آهي، ترقيا تي ڪمن جي جيڪا شروعات ٿي رهي آهي، سار ڪجڻ بدرا اڳتي وڌي سگهي،.پٺتي پيل سماجن ۾ ڪرپشن، جهالت، ڏاڍ مڙسي ۽ جاگيرداراڻي نظام جو ايترو داٻو رهندو آيو آهي جو ماڻهن جي سوچ ئي غلاماڻي ٿي وئي آهي. اها سوچ سندن هر پهلوءَ مان پاڻ پسائي ٿي. اهو سڄو معاملو نفسياتي طور تي عوامي زندگيءَ ۾ ايترو حاوي آهي جو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي احتجاجي معاملن کان لاتعلق رکڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي سمجهندا آهن. اها بي پرواهي ۽ اها غير ذميواري ئي سماج جا لاهه ڪڍي ڇڏيندي آهي. سماج جي اصلاح، ترقي ۽ خوشحالي جو تعلق ئي متحرڪ عوام سان هوندو آهي. جڏهن ماڻهو پنهنجي بنيادي انساني حقن کان غافل هجن ۽ ذميوار رياستي ادارن توڙي سياسي پارٽين ۽ حڪمرانن کان ڪنهن پڇاڻي جو ارادو نه رکندا هجن ته تباهيون ۽ برباديون ته اڻٽر ٿي ئي پون ٿيون پر کلي عام بدعنوانين جا دڳ به نڪري نروار ٿي پوندا آهن.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اي ڊي خواجه فرشتو ناهي، اي ڊي خواجه سنڌ پوليس ۾ توقع موجب ڪو انقلاب آڻي نه سگهيو آهي، اي ڊي خواجه نه ٿاڻا ڪلچر بدلائي سگهيو نه ئي هاف فراءِ ۽ فل فراءِ وارا ڊراما بند ڪرائي سگهيو، نه فضيلا سرڪي موٽي نه ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي نورين جو ڪو پتو پيو.ڪرپشن، ڏاڍ مڙسي ۽ لاپرواهي سنڌ پوليس ۾ جنهن آب تاب سان اي ڊي خواجه کان اڳ هئي، اها ساڳي تسلسل سان برقرار رهي، پر ان جي باوجود اي ڊي خواجه ۾ ايتري جرئت هئي جو هو حڪمرانن جي آڏو بنا ڪنهن خوف جي اهو چئي سگهندو ته سنڌ پوليس کان چونڊن کٽرائڻ وارو ۽ ماڻهن کي محڪوم ڪرڻ وارو ڪم نه وٺو، پر ان کي عوامي خدمتن لاءِ ڪتب آڻيو. اي ڊي خواجه هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندو رهيو آهي. اي ڊي خواجه پنهنجي وس ۽ وت آهر جيتوڻيڪ عملي طور تي به پردي پويان گهڻو ئي متحرڪ رهيو آهي پر هن جيڪي ”واڪا“ ڪيا آهن سا به ڪا ننڍڙي ڳالهه نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *