شرمين عبيد چناءِ  ۽ سوشل ميڊيا تي هيسائڻ وارو مامرو: صاحب خان ڀٽي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چئي ٿو ته سوشل ميڊيا نه هجي ها ته هو آمريڪا جو صدر نه ٿي سگها ها،  هن اهو بيان ان وقت ڏنو، جڏهن سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا تي پابنديون لڳائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، ڪيترن ئي ملڪن ۾ ته سوشل ميڊيا تي رياست مخالف يا پنهنجي حقن بابت آواز اٿاريندڙن کي گرفتار  به ڪيو ويو آهي، پر ان باوجود ماڻهن جو سوشل ميڊيا تي آواز اٿارڻ جو سلسلو بند ٿي سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي عوامي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ ۽ عوامي خبرون هلائڻ ايترو آسان نه آهي، ان بابت ناليواري صحافي حامد مير به سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ چيو هو ته ڪهڙيون خبرون هلائڻون  آهن، ڪهڙيون نه هلائڻون آهن، ان جو فيصلو ٻيو ڪير ڪندو آهي. بهرحال سوشل ميڊيا هن وقت هر هڪ ماڻهو لاءِ هڪ وڏو ۽ مضبوط هٿيار بڻجي چڪو آهي، جتي هو پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري رهيو آهي. جيڪو ڪجهه ماڻهن کي پسند نه آهي، جنهن سبب پابنديون لڳائڻ  واريون تياريون جاري ۽ ساري آهن.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا جو درست استعمال ڪندا آهن ته ڪجهه وري ان جو استعمال صرف وقت گذارڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن، مطلب ته سوشل ميڊيا هر هڪ ماڻهو کي مصروف ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪو به ماڻهو واندو ۽ بور نه ٿو ٿي سگهي، پر ڪجهه ماڻهن ته سوشل ميڊيا کي روزگار  جو به ذريعي بڻايو ڇڏيو آهي، جيڪي گهر ويٺي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجو روزگار ڪري رهيا آهن، جتي سوشل ميڊيا ڪيتريون سولايون پيدا ڪيون آهن، اتي وري ڪجهه ڏکيائون به پيش اچي رهيون آهن، جنهن جو مثال “ بلو وهيل گيم” مان به ملي سگهي ٿو، جنهن شخص ان گيم کي ٺاهيو هو، ان جو چوڻ هو ته هن اها گيم ان جي ڪري ٺاهي آهي، جيڪي واندا ماڻهو آهن، سڄو ڏينهن انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿا، انهن کي هن دنيا مان ختم ڪري سگهي.  جيڪڏهن اسان فيس بڪ، ٽوئيٽر، واٽس ايپ، گوگل پلس ۽ ٻيون  سوشل ويب سائٽس جي ڳالهه ڪنداسين ته انهن ويب سائٽس سان ماڻهن کي فائدو به ٿي  رهيو  آهي، ڇاڪاڻ ته اڳ رابطو ڪرڻ تمام ڏکيو هو ۽ ڪنهن ماڻهو اهو به نه سوچيو هو ته ڪڏهن هڪ ٻئي جي تصوير  به ڏسي سگهبي پر اڄ سوشل  ميڊيا ذريعي اسان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رهندڙ ڪنهن به شخص سان رابطو ڪري سگهون ٿا، ان سان ڳالهائي سگهون ۽ ان شخص  کي ڏسي به سگهون ٿا، مطلب ته سوشل ميڊيا تمام گهڻو فائد مند آهي،

جيڪڏهن اسان فيس بڪ جي ڳالهه ڪنداسين ته ان سوشل ويب سائٽ جا به ڪيترائي فيچرز آهن، جن جي  استعمال سان وقت جي خبر ئي نه پوندي، فيس بڪ ته اسان فلم به ڏسي سگهون، ٿا، گانا به ٻڌي سگهون ٿا، ايتري قدر جو  ڪنهن به پروگرام کي لائيو ڪوريج به ڏئي سگهجي ٿي، هڪ ٻئي سان ويڊيو ڪچهري به ڪري سگهجي ٿي. فيس بڪ ته اسان پنهنجيون تصويرون، ويڊيوز ۽ پنهنجو رڪارد به جمع ڪري سگهون ٿا.  دنيا جي مختلف ملڪن جي ماڻهن سان دوستي به ڪري سگهون ٿا. مطلب ته سوشل ميڊيا جا نقصان جي ڀيٽ ڪيترائي فائدا آهن. پر ڪجهه ڏينهن کان شرمين عبيد چناءِ ۽ سندس ڀيڻ جو مامرو سوشل ميڊيا تي باهه جيان ڀڙڪي اٿيو آهي، هر طرف سوشل ميڊيا تي جنسي طور هيسائڻ وارو معاملو هلي رهيو آهي، سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ جيڪي به ماڻهو آهن، انهن مان گهڻو انگ شرمين عبيد تي سخت تنقيد ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته شرمين عبيد ٽوئيٽر تي هڪ پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هن لکيو ته پاڪستان ۾ جنسي طور هيسائڻ جي ڪا به حد نه آهي، ايتري قدر جو ٻه ڀيرا آڪسر ايوار ماڻيندڙ عبيد شرمين چناءِ پنهنجي ٽوئٽ ۾ اهو به چيو ته فيس بڪ تي “ فرينڊ رڪيسٽ ” موڪلڻ به  جنسي طو هيسائڻ جي برابر آهي. هن اها پوسٽ ان ڪري شيئر ڪئي جو سندس ڀيڻ کي ڪنهن ڊاڪٽر فيس بڪ تي فرينڊ رڪيسٽ موڪلي جيڪا ڳالهه کيس پسند نه آئي ۽ هن ڪاوڙ ۾ اچي اسپتال انتظاميا کي شڪايت ڪئي، جنهن کانپوءِ ان اسپتال جي انتظاميا دير ئي نه ڪئي ۽ خبرون آهن ته ان ڊاڪٽر کي اسپتال انتظاميا نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن شرمين عبيد  چناءِ جي جاءِ تي ڪا ٻي عورت هجي ها ته فرينڊ رڪيسٽ موڪلڻ واري شڪايت تي ڪنهن جي به نوڪري نه وڃي ها.

جيئن ته شرمين عبيد هن ملڪ جي مظلوم عورتن تي فلمون ٺاهي آڪسر ايوارڊ ماڻيا آهن ۽ سندس نالو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهو آهي، ان جي ڪري اسپتال انتظاميا سوچيو هوندو ته ان عورت جا تعلق دنيا ۾ الائي ڪٿي ڪٿي هوندا، متان اسپتال ئي کي تالو لڳي وڃي، ان کان سٺو آهي ته ڊاڪٽر کي نوڪري تان ڪڍي ڇڏجي ته بهتر آهي. هن وقت سوشل ميڊيا تي ڊاڪٽر ۽ شرمين عبيد جي ٽوئيٽ تي ئي بحث هلي رهيو آهي ۽ سمورا ماڻهو ڊاڪٽر جي سپورٽ ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ شرمين عبيد هڪ عورتن لاءِ آواز اٿاريندڙ شخصيت آهي پر ان باوجود سوشل ميڊيا تي عورتون به سندس ٽوئيٽ جي مخالفت ڪري رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا جو مطلب ئي اهو ئي  هوندو آهي  ته ماڻهو دنيا  جي مختلف ملڪن سان رابطا وڌائي، جيڪڏهن ڪنهن بئي سان رابطو ناهي رکڻو ته پوءِ آخر ڪهڙي ضرورت آهي سوشل ميڊيا تي اچڻ جي، خاموشي پنهنجو ڪم ڪار ڪيو وڃي.

بهرحال اڄ جي جديد دور موبائل فون هڪ ننڍڙو ڪمپيوٽر بڻجي ويو آهي، جنهن کي اسين ويڊيو، آڊيو ۽ انٽرنيٽ فون ڪالز جي لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ اڄ جي جديد موبائل فونز ۾  اهڙو سسٽم آهي جو جيڪو به  اوهان کي هڪ ڀيرو ڪال ڪري يا وري مس ڪال ڏئي ته ان نمبر تي ٺهيل واٽس ايپ، فيس بڪ اڪائونٽ ۽ٽوئيٽر اڪائونٽ ظاهر ٿي پوندو آهي ۽ اسان آساني سان ان کي سڃاڻي ويندا آهيون ۽ ان کي فرينڊ رڪيسٽ موڪلي سگهون ٿا يا ان کي فالو ڪري سگهون ٿا. جيئن ته شرمين عبيد ترقي يافته ملڪن ۾ رهي ٿي ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستان جي مظلوم عورتن تي ٿيندڙ ظلم جون فلمون ٺاهي ناڻو ڪمائي رهي آهي، جنهن سبب کيس هر هڪ آزاد خيال ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ عورت سمجهندا هئا پر جڏهن هن پنهنجي ڀيڻ بابت جيڪا سوشل ميڊيا تي پوسٽ شير ڪئي، تنهن کان پوءِ سندس اصليت دنيا آڏو اچي وئي آهي، ڇاڪاڻ  ته هو چاهي ٿي ته سوشل ميڊيا تي ڪو به مرد عورت سان دوستي نه ڪري ۽ نه ئي وري ڪا عورت مرد کي پنهنجو دوست بڻائي،

جيڪڏهن شرمين عبيد کي هڪ مرد پاران عورت کي فيس بڪ فرينڊ رڪيسٽ موڪلڻ جنسي طور هيسائڻ لڳي ٿو ته پوءِ سندس ويڊيوز جيڪي انٽرنيٽ تي گردش ڪري رهيون آهن، اهي جنسي طور هيسائڻ نه آهن، بهرحال سوشل ميڊيا تي کيس هڪ شخص تمام سٺو جواب  ڏيندي چيو آهي ته شرمميل عبيد جو خيال آهي ته پاڪستان ۾ جنسي طور هيسائڻ جي ڪا به حد نه آهي، جيڪڏهن واقعي ايئن آهي ته هوءَ هن ملڪ اچي رات جو يانهن کان 12 وڳي تائين روڊن رستن تي گهمي سگهي ٿي، کيس سڀ ڪجهه خبر پئجي ويندي، جيڪڏهن شرمين عبيد واقعي ايڏي بهادر آهي ته هوءَ نيويارڪ جي روڊن تي رات جو اٺين يا نائين وڳي روڊن تي اڪيلي گهمي ڏيکاري ته کيس خبر پئجي ويندي ته جنسي طور هيسائڻ جي زيرو حد ڪٿي آهي؟

شرمين عبيد چناءِ هڪ ڊاڪٽر جي نوڪري وڃائڻ سان گڏ سوشل ميڊيا  کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پاڻ سوشل ميڊيا تي هزارين فرينڊ ايڊ ڪري ويٺي آهي، ٽوئيٽر تي به سندس هزارين فالو ورس آهن، پر ان باوجود شرمين عبيد چناءِ جو اهو چوڻ ته فيس بڪ تي هڪ مرد پاران فرينڊ رڪيسٽ موڪلڻ غلط آهي ته پوءِ جيڪي عورتون فرينڊ رڪيسٽ موڪلينديون آهن، اهي ڇا آهن، ڇا اسان به عبيد شرمين چناءِ  وانگر انهن تي اهو ئي الزام لڳايون، مون کي ته افسوس ٿو ٿي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ ۽ آزاد خيال جي عورت هڪ ننڍڙي ذهنيت جي مالڪ به ٿي سگهي ٿي، اهڙي عورت کي مظلوم عورتن جي حقن جي باري ۾ ڪهڙي خبر هوندي جيڪي انهن مظلوم عورتن تي ٿيندڙ ظلم کي پنهنجو ڪاروبار سمجهنديون هجن.

بهرحال اهو معاملو اتي ختم نه ٿيندو، هن وقت سوشل ميڊيا تي شرمين عببد چناءِ جي اصليت سڀني جي سامهون اچي چڪي آهي، جيڪا عورت ٻين عورتن کي حق وٺي ڏيڻ لاءِ  جدوجهد ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي آهي، ان جي سوچ بس ايتري آهي ته جيڪڏهن ڪو فيس بڪ تي فرينڊ رڪيسٽ موڪلي ته اهو به جنسي طور هيسائڻ جي برابر آهي، هاڻ ناليواري آڪسر ايوارڊ يافته شرمين عبيد کي گهرجي ته فيس بڪ استعمال ڪرڻ لاءِ  پنهنجي ڀيڻ کي ڪو استاد مقرر ڪري ته جيئن اهو استاد سندس ڀيڻ کي سيکاري ته فيس بڪ ۾ ڪيترئي اپشن آهن، جن استعمال سان نه ته ڪو اوهان کي آساني سان فيس بڪ تي ڳولي سگهي ٿو نه ئي وري اوهان کي اوهان جي اجازت کانسواءِ فرينڊ رڪيسٽ موڪلي سگهي ٿو، ايتري قدر جو جيستائڻ فيس بڪ استعمال ڪندڙ شخص پاڻ اجازت نه ٿو ڏئي ڪو ماڻهو تصوير به ٽيگ نٿو ڪري سگهي. ان کان علاه ٻيا به کوڙ سارا اپشن آهن، جيڪي استعمال ڪري سگهجن ٿا پر الائي ڇو  آڪسر ايوارڊ يافته شرمين عبيد ۽ سندس ڀيڻ کي خبر نه هئي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *