پنجاب جي ن ليگ ۽ سنڌ جي پ پ جا ڪارناما : مسرور سيال

لوڌرا ۾ پي ٽي آءِ جي سيٽ تان ن ليگ جو غير معروف اُميداور کٽي عمران خان  کي وڏو لوڏ ڏنويو آهي ۽ اُن لوڏي هن جي پت به وائکي ڪري ڇڏي آهي عمران خان جي تقريرن مان ائين لڳي رهيو هو ته ن ليگ کان ڪيتريون ئي سيٽون کسي وٺندو پر ائين ٿيندي نظر نٿو اچي نوازشريف جا لاڳيتو عوامي مهم وارا جلسا کيس هڪ دفعو ٻيهر عوام ۾ مقبوليت ڏئي رهيا آهن هن خلاف آيل عدالتي فيصلو جيتوڻيڪ سندس شخصيت کي ڪرپٽ ماڻهن جي لسٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ کيس نااهلن ۾ شمار ڪيو پيو وڃي پر هن پاڻ کي عوام وٽ آڻي عوامي حمايت جو شاندار مظاهرو ڪيو آهي جنهن مان کيس اِهو موقعو ضرور مليو آهي ته هو پنهنجو دفاع ڪري ۽ عوام ۾ پاڻ کي زنده رکي سگھي ڏسجي ته سندس هي عمل عدالت سان ٽڪراءُ وارو ضرور آهي پر آهستي آهستي عدالت کي تڪراري بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو پيو وڃي . هن وقت صورتحال اِها آهي ته جيترو به نوازشريف کي سوڙهو ڪيو ويندو اوترو هو عوام کي ويجھو ٿيندو ويندو . ٿيڻ ته ائين گھرجي آ ته نااهلي واري فيصلي کان پوءِ عوام کي موٽ نه ڏئي آ نه وري کيس ئي عوام وٽ وڃڻ گھرجي ها پر هن ته نه رڳو عوام وٽ اچي پاڻ کي مظلوم بڻائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي پر عدالتي فيصلي ۽ ججن خلاف به هڪ مهم هلائي آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته نوازشريف خلاف ڀل ته ڪا ڳجھي طاقت به هجي ۽ کيس نااهل به ڪرائي ڇڏي پر هن جي به طاقت ڪمزوري ۾ تبديل نه ٿي آهي جو دليري سان عوامي مهم ۾ نه رڳو پاڻ پر پنهنجي ڌي مريم نواز سان گڏ ميدان تي لٿل آهي اڳ رڳو نوازشريف هو ۽ ان جو ئي آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو هاڻ مريم نوازجي صورت ۾ به ن ليگ کي قيادت ملي آهي جيڪا پڻ جارحاڻي ڪردار سان سامهون آئي آهي شهباز شريف ته پنجاب تائين جو ڪردار نڀائيندو رهيو آهي ان هوندي به ڏسجي ته پنجاب تائين جو ڪردار ئي اصل ۾ ن ليگ جي زندگي آهي اهو ئي سبب هو جو ن ليگ پنهنجي 5 سالن واري دور ۾ پنجاب کي ئي تبديل ڪرڻ ۾ سمورا وسيلا استعمال پئي ڪيا ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پنجاب ڪو تبديل نه ٿيو آهي بلڪل تبديلي نظر اچي رهي آهي جڏهن ته سنڌ جيڪا پ پ پ جي حوالي ٿيل آهي جنهن جي حڪمراني پ پ پ جي هٿن ۾ گذريل 10 سالن کان آهي اتي ڪهڙي ترقي ٿي آهي سنڌ ۾ ڪهڙي تبديلي آئي آهي اُهو پڻ هڪ بحث آهي جيتوڻيڪ پنجاب ۾ ترقي جي باوجود ن ليگ جي مقابلي ۾ ڀرپور طاقت سان پي ٽي آءِ موجود آهي پر سنڌ ۾ پ پ پ جي مقابلي ۾ ڪو مضبوط سياسي فورم ڪونهي …… سنڌ جي صورتحال اِها آهي ته حڪمرانن وٽ ٻڌائڻ جي لاءِ ڪا اهڙي ڪارڪردگي ناهي جنهن کي پنهنجي اهليت لاءِ ڪليم ڪري سگھن ، وٽن ڀل ته ڪارڪردگي نه به هجي پر ووٽ وري کين ملڻ جي پڪ ضرور آهي ان ڪري ته ڀوتارن جو وڏو حلقو ساڻن گڏ آهي ء۽ کين وڏو فائدو اِهو آهي ته ڪابه سياسي ڌر مقابلي واري سگھه رکندڙ ناهي . گرينڊ ڊيموڪريٽڪالائنس پاڻ کي پ پ مخالف اتحاد ضرور سڏائي رهيو آهي پر وٽن پوري سنڌ ۾ مضبوط اميدوار نه آهن سواءِ انهن تڪن جي جتان فنڪشنل ليگ ڪامياب ٿيندي رهندي آهي تازو مورو ۾ طاقت جو مظاهرو ڪرڻ باوجود به گرينڊ ڊيموڪريٽڪ  الائنس ڪي خاص نتيجا نه ڏئي سگھيا آهن ان ڪري ته جلسي ۾ اڪثريت ۾ پير پاڳاري جا مريد ئي نظر آيا جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گھرايا ويا هئا ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته پنجاب جيان سنڌ ۾ به  اتحاد نه پر مضبوط پارٽي هئڻ گھرجي ها جيڪا پ پ سان سمورين سيٽن تان  ڀرپور مقابلو ڪيو وڃي ها جيتوڻيڪ اهڙي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته هُو مقابلو ڪندا پر صورتحال ائين نه پئي ٻڌائي بحرحال ايترو ضرور آهي ته پنجاب ۾ ن ليگ جي پوزيشن ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائڻ جي باوجود توڙي  مضبوط مخالف ڌر هئڻ جي سبب به مضبوط آهي ته وري سنڌ م پ پ پ کي ڪمزور مخالف ڌر جي باوجود ۽ سنڌ کي کنڊرات ۾ تبديل ڪرڻ باوجود به مضبوط آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پنجاب ۾ ن ليگ ۽ سنڌ ۾ پ پ پ پوزيشن ۾ نظر اچي رهيون آهن سندن مضبوط پوزيشن جا سبب به هڪجھڙا ناهن پر ان ڳالھه جي هڪجھڙائي ضرور آهي ته پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ پير ڄمايل آهن ڀل ته مهانگائي ، بيروزگاري ، پوليس گردي ، ادارن جي تباهي ڪري عوام جي پيرن هيٺان زمين نڪتل ڇونه هجي ……! عوام بک بدحالي جو شڪار ڇونه هجي ، ان ڪري ته بک بدحالي جو علاج پڻ حڪمرانن ڏئي ڇڏيو آهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هيٺ عورتن کي هڪ هزار کان ٽي هزارتائين ڏنا پيا وڃن ۽ عورتن جي جيڪا سينٽرن تي تذليل ڪئي وڃي ٿي ان کي ميڊيا رپورٽ ڪندو رهيو آهي پر ان جا اثر عوام مٿان ڪڏهن پوندا ۽ عوام ڪڏهن سجاڳ ٿيندي ، ووٽ جو صحيح استعمال ڪڏهن ڪيو ويندو ….. ؟  خبر ناهي …..! پر ايتري خبر ضرور آهي ته جڏهن به عوام جاڳيو ۽ پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻ لڳندو ته تبديلي طرف وڌنڌڙ قدم مثالي ثابت ٿيندا ………….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *