سراپا احتجاج بڻيل آبادگار ۽ بيوس بڻيل سسٽم…

ڪراچي ۾ بک هڙتال تي ويٺل  آبادگارن ڪمند جا اگھه مناسب نه ملڻ ۽ پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ تائين بُک هڙتال جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي 5 آبادگار تنظيمن سارڪ، ايف او سي، سنڌ آبادگار ايسوسيئيشن، سنڌ آبادگار هاري اتحاد ۽ آبادگار ايسوسيئيشن پاران جاويد جوڻيجو، جمال محمود کهڙو، شڪيل پلهه ۽ طارق محمود آرائين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي بُک هڙتال جاري رکي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ٻن ڏينهن کان بُک هڙتال تي ويٺل سنڌ جا آبادگار ۽ هاري حڪومتي ناڪامي جو ثبوت آهن. عدالتي حڪم باوجود سنڌ سرڪار ڪمند جو مناسب اگھه ڏيارڻ ۽ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ناهي ڪرائي سگھي. سنڌ يونائيٽد پارٽي آبادگارن ۽ هارين سان هر موڙ تي گڏ آهي. ڏهرڪي ڀرسان الائنس شوگر ملز انتظاميا ڪورٽ جي حڪمن کي ٿڏيندي آبادگارن سان زيادتون جاري رکيو پئي اچي، آبادگارن کي 172 روپيا اگهه ڏيڻ بدارن 160 روپيا ڏيڻ توڙي في ٽرالي تي 50 کان 100 مڻ جي ڪٽوتي پڻ جاري رکيو پئي اچي انتظاميا طرفان آبادگارن جون ٻن مهينن جون ڪروڙين روپين جون رهتون روڪي ڇڏيون آهن، انتظاميا طرفان آبادگارن سان ٿيل زيادتين خلاف گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف اڳواڻ سردار شهريار خان شر جي اڳواڻي ۾ آبادگارن، زميندارن ۽ ڊرائيورن ڪمند جي لوڊنگ بند ڪري پلانٽ اندر احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، سندن چوڻ آهي ته  الائنس شوگر ملز جي انتظاميا مسلسل آبادگارن سان زيادتيون ڪري رهي آهي، جنهن سبب آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي، انتظاميا 172 روپيا اگهه ڏيڻ بدارن 160 روپي ڪمند جو اگهه ڏئي رهي آهي جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان 172 روپيا ڪمند جو اگهه مقرر ڪيو ويو آهي، ان جي باوجود انتظاميا ڪورٽ جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو آهي، انتظاميا آبادگارن کي سي پي آر ۾ 172 روپيا اگهه ڄاڻايو وڃي ٿو پر آبادگارن کي وري 160 روپين جي حساب سان اگهه ڏيئي رهي آهي، هن کان علاوه في ٽرالي تي 50 کان 100 مڻ ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، ڪمند جو ٽراليون 10 ڏينهن تائين روڊ تي بيهي پلانٽ اندر وڃڻ جو انتظار ڪن ٿا جنهن ڪري ڪمند سڪي وڃي ٿو ۽ آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي، انتظاميه شروع کان وٺي صرف دلاسا ڏئي رهي آهي، موٽروي پوليس، اوٻاوڙو پوليس ۽ انتظاميا جا سيڪيورٽي في ٽرالي کان هڪ هزار روپيا رشوت وٺي بعد ۾ اندر وڃڻ جي اجازت ڏين ٿا، ٽريڪٽر ٽراليون نيشنل هاءِ وي تي ترتيب سان بيٺل هونديون آهن، پر موٽروي پوليس ۽ اوٻاوڙو پوليس ڊرائيورن کان رشوت وٺي تربيت سان بيٺل ٽريڪٽر ٽرالين جي لائين بي ترتيب ڪري ڇڏن ٿا جنهن سان ٽريفڪ معطل ٿي وڃي ٿي ۽ موٽروي پوليس الزام ڊرائيورن تي لڳائيندي آهي، انتظاميه آبادگارن جي ٻن مهينن جون ڪروڙين روپين جون رهتون به روڪي ڇڏيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *