پرويز مشرف جي ڪهاڻي پراڻي بوتل ۾ نئون شراب…!!!!: غلام مصطفيءَ جمالي

حڪومت نيٺ سابق صدر ۽ اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف کي ٻاهر جي اجازت ڏئي به ڇڏي ۽ هوءُ دبئي روانو به ٿي ويو.پرويز مشرف خانگي جهاز اي ڪي 611جي وسيلي پنهنجي گهر واري ۽ ٻين ساٿين سميت دبئي به پهچي ويو.جتي سندس پارٽي ڪارڪنن سندس استقبال ڪيو.مشرف ٻاهر ڇو ويو کيس ايڏي وڏي اجازت ڪئين ملي.؟انهي بحٽ جي سلجهائڻ لاءِ ڪيترائي قلمڪار پنهنجي پنهنجي تخليقن سان بيان ڪري رهيا آهن.جڏهن ته مشرف جي ٻاهر وڃڻ جي سياسي پارٽي جي اڳواڻن جي بيانن ۾ پڻ تيزي اچي وئي آهي.جڏهن ته پاڪستان پي پي پي جي نوجوانن قيادت بلاول ڀٽي پنهنجي ٽيئر پيغام اندر “گو نواز گو“جو نعرو پڻ لکي ڇڏيو آهي.۽ پنهنجي هڪ بيان اندر بلاول ڀٽي چيو ته مشرف جي ايتري مهلت ڏيڻ کان پوءِ وفاق کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي.پر وفاق حڪومت پرويز مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ هو ويو به هليو پر هاڻ ته ڳاهه نانگ نڪري ويو ۽ ليڪو پيو ڪٽجي واري وڃي بچي آهي.جنهن ڳالهه تي افسوس به آهي ۽ حيرت به ڇو ته پاڪستان اندر جيڪڏهن اهڙي آمريت رکندڙ شخص آساني سان ٻاهر وڃي سگهن ٿا ته پوءِ اهين هت انصاف جو پلڙو ڀاري هجڻ جو ڪو ثبوت بچي به ٿو يا نه.اگر ڪو ثبوت بچي ٿو ته اهو ڪهڙي صورت ۾ ملڪ اندر موجود آهي.شايد حڪومت دير آيو درست آيو واري ڳالهه ڪري رهي آهي ڇو ته لڳي اهين پيو ته حڪومت ماضي مان سبق سکي ورتو آهي.اهي به کڻي چئي سگهجي ٿو ته بوتل نئي آهي جنهن اندر شراب پراڻي اچي وئي آئي.

عجيب صورتحال آهي ته حڪومت سابق صدر پرويز مشرف جي حوالي سان جيڪو به فيصلو ڪندي آهي.انهي سان ظاهري آهي ته حڪومت جي ساک تي ته ضرور اثر ڪرندو يا نه.؟انهي حوالي سان مان سمجهان ٿو ته حڪومت وٽ هن وقت مشرف جي مهلت جي حوالي جي سوال جو ڪو به جواب موجود ناهي.ڇو ته لڳي اهين پيو ته جيڪڏهن حڪومت پرويز مشرف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏي هان ته پوءِ به پريشان ٿي ها ۽ هاڻ جيڪڏهن مشرف کي اجازت ملي چڪي آهي انهي صورت ۾ به حڪومت کي تمام گهڻيون پريشانيون ٿي رهيون آهن.برحال هن وقت پرويز مشرف ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي. ۽ سندس وڪيل اهو بيان ڏئي رهيو آهي ته چار يا ڇهه هفتن اندر پرويز مشرف پنهنجي طعبيت ڏيکاري پوءِ واپس موٽي ايندو.جڏهن ته گهڻي ڀاڱي راءِ اها هلي رهي آهي ته هاڻ پرويز مشرف واپس نه ايندو.!ڇو ته مان به سمجهان ٿو ته پرويز مشرف سان تمام گهڻي تادي ٿي چڪي آهي.ان ڪري پهرين شايد کيس اهو وهم هو ته هو عوامي سطح تي تمام گهڻو مقبول آهي.پر هاڻ اهو به بلڪل ختم ٿي چڪو آهي پوءِ آخر پرويز مشرف واپس ڇو ته ايندو.۽ اها به سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته آخر واپس اچي ڪندو به ڇا.؟ڇا هن جي ڪا پارٽي مظبوط آهي يا سندس پارٽي اقتدار ۾ آهي جو هو واپس ايندو.پاڪستان اندر ته پورو نظام ئي بگڙيو پيو آهي.جيڪي اقتدار ڌڻي آهن اهي به پاڪستان قانون جي گرفت کان بچڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان ٻاهر رهيا پيا آهن جيڪي واپس اچڻ جو نالو به نه پيا وٺن.اتي پرويز مشرف پاڪستان لاءِ ايندو.ڇا هو واپس اچي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻندو ڇا.جڏهن ته کيس اها به پڪ ٿي چڪي آهي ته سندس هاڻ ڪو به ساٿ نه ڏيندو.جيڪي هن وقت سندس ساٿي هئا اهي مان سمجهان ٿو ته ڪٽي کائڻ وارا مجنا هئا. جن وري ڪڏهن به سندس حال چال جي خبر نه ورتي ان ڪري جيڪي خواب مشرف ڏٺا هئا مان سمجهان ٿو ته مشرف انهن مان ٻاهر نڪري آيو هوندو.۽ هن جيڪا پاڪستان اچي ڪري پهرين غلطي ڪئي هئي مان سمجهان ٿو ته هو وري ٻيهر اهڙي ڪا به غلطي نه ڪندو.

پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي اڃان تر جيترو به يقين آهي ته مشرف واپس وري پاڪستان ايندو ته اهي هن ڳالهه کي ياد رکن ڇو ته هنن کي ياد هوندو سابق سفير حسين حقاني جيڪو ڪيترائي يقين ڏياري ڪري ملڪ کان ٻاهر ويو هو ته هو واپس موٽي ايندو.پر هو اڄ تائين پاڪستان موٽي نه آيو آهي.جڏهن ته اهو صرف پاڪستان واپس نه آيو آهي پر انهي سان گڏ پاڪستان ۾ هلندڙ سندس ميمو گيٽ جو به همِشيه لاءِ پاڪستان جي مٽي ۾ دفن ٿي ويو آهي.هاڻ پرويز مشرف به ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي.ان ڪري هاڻ اهو به يقين ڪرڻ گهرجي ته مشرف کان ڪيس به پراڻا پنا بڻجي ڪري هيمشه هميشه لاءِ دفن ٿي ويندا.۽ آهستي آهستي سندس داستان به بند ٿي ويندو.!جڏهن ته ملڪ جي وڏي انگ ۾ سياسي توڙي تجزيه نگارن جي اها راءِ موجود آهي ته لڳل ڌرڻن جي پويان به پرويز مشرف جو وڏو هٿ هو.جڏهن ته حڪومت پرويز مشرف خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ جي پڻ پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.جڏهن ته اها به ڳالهه عام هئي ته ان وقت به حڪومت ۾ اهڙا ٻه ڌڙا پيدا ٿي ڇڪا هئا جنهن مان هڪ دڙي چاهيو پئي ته پرويز مشرف تي ڪيس ٿي ۽ هڪڙي دڙي  چاهيو ته پرويز مشرف تي ڪيس  نه ٿي.۽ وزير داخلا چوڌري نثار به انهي دڙي ۾ شامل هو جنهن چاهيو پئي ته پرويز مشرف تي ڪيس نه  ٿي.

برحال هن وقت پرويز مشرف ٻاهر هليو ويو آهي ۽ ملڪ مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪنهن جو ڪرادار آهي انهي ڳالهه ۾ حڪومت جي ڪهڙي وجهه آهي اها انهن کي ئي خبر آهي پر هاڻ مشرف جي ٻاهر وڃڻ سان حڪومت کي ضرور تنقيد جو نشانو بنجڻو پوندو.جڏهن ته اهي ڳالهيون پڻ عام هلي رهيون آهن ته حڪومت جيڪا پرويز مشرف کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.اها سڀ ڪجهه هڪ ڊيل تي تحت ٿيو آهي.حڪومت ڌرڻن کان پوءِ اسٽبلشمنٽ کان بچڻ پئي چاهيو.تنهن جي ڪري شايد حڪومت بچائڻ لاءِ حڪومت پرويز مشرف کي ٻاهر موڪلي کاري گوري مجبوري مان کاڌي آهي.هن وقت بلاول ڀٽو هڪ سوال ڪري رهيو آهي ته چوڌري نثار کيس جواب ڏئي ته پرويز مشرف ٻاهر ڇو ويو آهي.جڏهن ته چوڌري نثار به کيس جواب ڏيڻ جو ڪوشش ڪري رهيو آهي.۽ اها ڳالهه پنهنجي جڳهه تي بلڪل به درست آهي ته اسانجي حڪمرانن اندر اها ڪا نئي ڳالهه ناهي جنهن جي ڪري حڪمرانن حڪومت بجاءِ لاءِ اسٽيبلشمنٽ جي ڳالهه مڃي هجي.خد پ پ جي پنهنجي دور اندر اسٽيبلشمنٽ سان سهڪار ۾ رهي آهي.جڏهن ته نه صرف مسلم ليگ ن يا پ پ پر انهي صف ۾ جي يو آءِ جماعت اسلامي به شامل آهن.برحال پرويز مشرف جي ٻاهر وڃڻ کان پوءِ الله جو اهو ته شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته سمورين جماعتن اندر ڳالهيون ٿي چڪيون آهن جنهن جي ڪري ملڪ اندر ڪو وڏو هلءٌ هنگامو ناهي ٿيو.جڏهن ته ملڪ هڪ دفعو ڪنهن وڏي بحران کان بچي ويو آهي.ڇو ته اهڙن معاملن اندر جنهن ۾ حڪومت جي فيصلي تي عوام ناراض ته پوءِ ملڪ جي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پوندو آهي.۽ حڪومت جو عوام تان ڌيان پڻ هٽي ويندو آهي ۽ هو پنهنجي حڪومت بچائڻ ۾ لڳي ويندي آهي.هڪ وقت اسانجي ملڪ اندر پرويز مشرف جي صورت ۾ هڪ نئون ايشو آهي.جڏهن ته انهي کي ايشوز بڻائڻ هرگز حڪومت کي مفاد ۾ نه هوندو.ان ڪري توري سياسي تنقين به برداشت ڪرڻ مان سمجان ٿو ته ايتري برداشت ته حڪومت ۾ به هجڻ گهرجي.جڏهن ته حڪومت جي اڳوڻي صدر کي ملڪ مان ٻاهر ڪري جي ايتري ته جلدي هئي جو سندس نالو اي سي اي جو نوٽيفيڪشن مان ڪڍڻ دوران پاڪستان لفظ جي اسپيلنگ به غلط لکجي وئي هئي. ايڏي تڪڙ ڇو ۽ ڇا جي ڪري اها به ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي.پر مونکي اهو ضررو يقين آهي ته پرويز مشرف ٻاهر ويندي ئي صحتياب ٿي ٿيندو.۽ اهين محسوس ٿيندو ته ڄڻ کيس ڪا به بيماري نه هئي.جڏهن ته اها ڳالهه ڳالهه ناهي انهي جو ثبوت به ملڪ جي مختلف ٽي وي چيئلن وضاحيت سان بيان ڪيو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف دبئي پهچندي آل پاڪستان مسلم ليگ پارٽي جو اهم اجلاس گهرائي ورتو آهي. ۽ پارٽي جون نئي سر تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.جڏهن ته آل پاڪستان مسلم ليگ يو اي ئي جو اجلاس به ڪالهه شام جو ڪوٺايو ويو ويو.جيڪو پرويز مشرف جي گهر منقد ڪيو ويو هو.پر ڪري مان سمجهان ٿو ته مشرف جي ڪيس تي هاڻي ڪو بحث ڪري اجايو هوندو.مشرف نئي سر پارٽي ٺاهڻ لاءِ اجلاس ته جوڙي رهيو آهي ته پر کيس اهو ياد آهي ته هو پاڪستان واپس ايندو به سهي.يا کڻي اهو چئجي ته مشرف پنهنجي نئي سر جوڙيل پارٽي جو تير ٻين جي ڪلهي جي کڻي هلائي ته پوءِ اها ڳالهه ضرور مڃڻ جهڙي هوندي نه ته مشرف جي ڪهاڻي مان اهو ئي لڳي پيو ته بوتل اها ئي پراڻي آهي خالي اندر شراب نئي لڳائي پئي وڃي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *