سيد صبغت الله شاهه شهيد سورهيه بادشاهه ۽ سنڌ جو عوام: تحرير: اسد ڏاهري

پاڳارا خاندان سنڌ جو عظيم ۽ محسن خاندان آهي هن خاندان هميشه اسلام ، وطن ۽ قوم خاطر عظيم قربانيون ڏنيون آهن، هن خاندان جي ڇهين پڳدار امام انقلاب شهيد اعظم حضرت پيرسيد صبغت الله شاهه راشدي ثاني ”سورهيه بادشاهه“ وطن يا ڪفن جو نعرو هڻي ان وقت جي انگريز سامراج سان گوريلا جنگ جوٽي ، ٻارنهن سالن جي عمر گادي نشين ٿيڻ ۽ ڪافر ۽ ظالم انگريز خلاف جهاد جو اعلان ڪري حر مجاهد تيار ڪري انگريز سامراج جي حرڪتن ۽ ناپاڪ ارادن کي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ بهادرانه ڪارنامه سرانجام ڏنا ۽ انگريز سنڌ جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ پالتو ڇاڙتن جي معرفت شيطاني چالون هلڻ لڳو ليڪن پاڳارا خاندان جي سورهيه بادشاهه ۾ حسينيت سمايل هئي جهڪڻ بجاءِ آزادي سان جيئڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏني، اهڙي هيبتناڪ ماحول ۾ انگريز ڪجهه زميندارن، جاگيردارن ۽ سرڪاري آفيسرن معرفت ڪوڙيون شاهديون وٺي سورهيه بادشاهه لاءِ سزا مقرر ڪئي، ۽ 1935ع ڌاري سورهيه بادشاهه کي رتنا گر جي جيل ۾ رکيو ويو ۽ ٻاهر حر پنهنجيون ڪاروايون ڪندا رهيا، رتناگريءَ جي جيل ۾ سورهيه بادشاهه پيرسائين محمد راشد روضي ڌڻي جي ملفوظات شريف پڙهندا هئي ۽ پنهنجي نصيحتن جو مجموعو ” تنبيهه الفقراءُ “ پڻ تيار ڪيو، ان دوران پاڻ جيل مان حرجماعت جي خليفن ڏانهن سلام ، پيغام موڪليندا هئا سورهيه بادشاهه کي ڪوڙن ڪيسن مان 1938ع ڌاري آزادي ملي ۽ پاڻ ڪلڪتي کان واپس پنهنجي وطن سنڌ پهتا ، پيرجوڳوٺ وارن کان حال احوال وٺي جلد گڙنگ بنگلو سانگهڙ پهچي حرجماعت لاءِ ترڪيبي هدايتون ۽ نصيحتون جاري ڪيائون ۽ انگريز سامراج سان اکيون اکين ۾ ملائي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو، چغل خورن اها ڳالهه انگريز کي ٻڌائي سورهيه بادشاهه کي ٻيهر 1943ع ڌاري گرفتار ڪرائي هزارين حرن کي لوڙهن ۾ بند ڪيو، هر ايراضي ۾ مارشل لا لاڳو ڪري حرن مٿان قهري ڪاروايون ڪيون ويون ليڪن حرن پنهنجي روحاني مرشد رهبر سورهيه بادشاهه جي آزادي لاءِ پنهنجي حڪمت عملي سان وڙهندا رهيا ۽ انگريز حرجماعت خلاف غلط پروپيگنڊا ۽ افواهه پکيڙيندا رهيا انگريزجي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ جاگيردار پڏيرا وڏاوڏا لقب ۽ انعام حاصل ڪري رهيا آهن ۽ اخبارون انگريز جي دهشت دٻائڻ لاءِ غلط خبرون شايع ڪري هيسائڻ ۾ پوريون هيون، ليڪن سنڌ جي پاڳارا خاندان جي هن بهادر هيرو سورهيه بادشاهه انگريز جي هٿ تي بيعت ڪرڻ کان شهادت کي قبول ڪري حرجماعت کي فرمايو ته فقيرو گهٻرايو نه ! اوهان مان جيڪي هوندا اهي رنگ ڏسندا، نيٺ ظالم انگريز سورهيه بادشاهه جي لاءِ سزا جي تاريخ مقرر ڪئي، جنهن رات سورهيه بادشاهه کي ڦاسي اچي رهي هئي ان رات انگريز سوچيو ته اڄ وقت آهي پيرصاحب پنهنجي موت جي مدنظر ذهني ڇڪتاڻ ۾ مبتلا هوندو ان ڪري اڄ پير صاحب کان آساني سان شطرنج راند جي بازي کٽي ويندس، ليڪن ان جي اميدن تي ان ڏينهن به پاڻي پئجي ويو جڏهن سورهيه بادشاهه انگريز ڪارگل کي ڏاڍي سڪون ۽ آرام سان شڪست ڏني، هو اهڙي سڪون ۽ اٽل ارادي کي ڏسي حيران ٿي ويو، پيرسائين سورهيه بادشاهه ان کي جواب ڏنو ته اسان غلام بنجڻ لاءِ پيدا نه ٿيا آهيون پر غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ اسان جي زندگي جو مقصد آهي ظالم گوري جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌيون ته هن جو منهن ڀت سان لڳو هن کي اها ڪهڙي خبر ته هي اها جرئت مند هستي آهي جنهن جي رڳن ۾ ڪربلا جي حسين جو رت ڊوڙي رهيو آهي جنهن ڏينهن سورهيه بادشاهه کي شهيد ڪري رهيا هئا ان ڏينهن سورهيه بادشاهه جي آخري خواهش لاءِ ڪرسي تي ويهاريو ويو جڏهن لئمبرڪ سامهون آيو ته ڏٺائين سورهيه بادشاهه جهڙي تشبيهه رکندڙ نوراني هڪ سئو تصويرون ان جي اڳيان اچي ويون ۽ هو فيصلو نه ڪري سگهيو ته ڪنهن کان پڇان ۽ نوراني چهري جو جلوو رکندڙ سورهيه بادشاهه جي خوف کان واپس هليو ويو، پيرسائين سورهيه بادشاهه روحاني پيشوا هئا الله سائين جي امر کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئا 18 مارچ 1943ع تي فريڊرڪ ينگ آيو ۽ سورهيه بادشاهه کي چيائين ته 20 مارچ تي اوهان کي شهادت جو جام نوش فرمائڻو آهي ليڪن سورهيه بادشاهه جي چهري تي ڪوبه گهنج نه آيو بلڪه پاڻ مرڪي فرمايائون ته شهادت اسان جو تاج آهي اڳتي وڌي ان کي پائڻ عبادت آهي، اسلام وطن ۽ قوم جي آزادي جي انهي ويڙهه ۾ سورهيه بادشاهه کي 20 مارچ 1943ع تي انگريز سامراج سان وڙهندي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ جام شهادت نوش فرمايائون سورهيه بادشاهه کان پوءِ تقريبن 50 حرن کي به شهيد ڪيو ويو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ حر ايڪٽ پاس ڪري ۽ حرن خلاف ڪاغذي ڪاروايون ڪري انهن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي، ان کانپوءِ سندس جسد خاڪي کان به انگريز ڊنا ٿي ان ڪري رات جي تاريخي اونداهي ۾ ڪنهن نامعلوم هنڌ ڏانهن نيو ويو،   امام انقلاب سورهيه بادشاهه جي شهادت کان پوءِ انگريز جي سلطنت کي چئن سالن جي به مهلت نه ملي ۽ انگريز جو اهڙو زوال اچي ويو جو لئمبرڪ جا پوئينر به ياد ڪندا، اڄ سورهيه بادشاهه جي شهادت کي 73 سال گذري چڪا آهن سنڌ جا اديب دانشور اڄ به خاموش آهن، سورهيه بادشاهه جي شهادت تي سنڌ اسيمبلي ۾ اڄ به خاموشي آهي جيڪا حر تحريڪ دوران هئي سورهيه بادشاهه جي عظيم قرباني جي ڏهاڙي 20مارچ تي سنڌ اسيمبلي ۾ عام موڪل جو قرارداد پاس نٿي ڪئي وڃي سنڌ اندر سورهيه بادشاهه جي نالي ڪو تحقيقي ادارو يا يونيورسٽي قائم نه ڪري سگهيا آهيون، حر تحريڪ جي اڳواڻ امام انقلاب شهيد اعظم پيرسائين سورهيه بادشاهه جي شخصيت ۽ حر تحريڪ تي عملي ڪم نه ڪري سگهيا آهيون، پاڳارا خاندان جي عظيم سورهيه سپوت سورهيه بادشاهه جي عظيم قرباني جو مثال ملڻ مشڪل آهي، سورهيه بادشاهه جي حريت پسندي جي جيڪا شمع ٻاري انهيءَ جي شعائن پاڳارا خاندان کي ويتر اهڙو ته بهادر ۽ دلير بنائي ڇڏيو جو اڄ اعليٰ حضرت پيرسائين پاڳارا ظلم ۽ ڏاڍ خلاف حق ۽ سچ وارو ڪلمو چوندا پيا اچن ، اسلام ، وطن ۽ قوم خاطر جنگ وڙهندڙ پيرسائين سورهيه بادشاهه جي شهادت واري ڏهاڙي کي نظرانداز ڪري رهيا آهيون ، اڄوڪي ڏهاڙي تي سيمينار ڪرائي سورهيه بادشاهه ۽ تحريڪ بابت نوجوان نسل کي آگاهه ڪرڻ گهرجي سورهيه بادشاهه جي قرباني جي ڪري هي وطن آزاد ٿيو ۽ سنڌ جي عوام کي انگريز ظالم جي ظلمن کان نجات ملي،

سورهيه بادشاهه جي قرباني تي سنڌ جي سڄاڻ حلقن ايترو ڪم نه ڪيو آهي جيترو کين ڪرڻ گهرجي اچو عهد ڪريون ته اڄ کان سورهيه بادشاهه ۽ حر تحريڪ بابت جديد تحقيقي ڪري نوجوان نسل کي آگاهه ڪريون…

 

Email: asaddahri92@yahoo.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *