پاڻي بحران سبب خريف جا فصل متاثر  ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو: تحرير  ربنواز  راز ڄامڙو

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو ٿي وئي آهي. 23 مارچ کان ڪوٽري تي بحران جو خدشو ظاهر ڪرڻ کانپوءِ وارا بندي لاڳو ڪندي پهرين اپريل کان گڊو بئراج جا 3 ۽ سکر جا 3 واهه بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.آبادگارن کي خريف جا آڳاٽا فصل نه پوکڻ جي صلاح ڏني وئي آهي جڏهن ته ٺٽي ضلعي ۾ ڪينجھر مان ملندڙ پيئڻ جي پاڻي کي به احتياط سان استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. اترين علائقن ۾ برساتون نه پوڻ سبب سنڌ جي ٽنهي بئراجن ۾ پاڻيءَ جي 50 سيڪڙو کوٽ پيدا ٿي وئي، پهرين اپريل کان 30 اپريل تائين سکر بئراج جا ٽئي ڪينال ۽ گڊو بئراج جا ٽئي ڪينال بند رهندا، ملڪ جي اترين علائقن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال برساتون گهٽ پوڻ سبب سنڌ جي ٽنهي بيراجن گڊو، سکر ۽ ڪوٽري بئراج وٽ پاڻيءَ جي کوٽ 50 سيڪڙو تائين پهچي وئي. پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿيڻ ڪري پهرين اپريل کان سکر بئراج جي کاٻي پاسي نڪرندڙ دادو ڪينال کيرٿر ڪينال ۽ رائيس ڪينال، جڏهن ته گڊو بئراج مان نڪرندڙ پٽ فيڊر ڪينال، گهوٽڪي ڪينال ۽ بيگاري ڪينال 30 اپريل تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آبپاشي کاتي آبادگارن کي مشورو ڏنو آهي ته خريف جا آڳاٽا فصل نه پوکين ۽ خريف جي مند شروع ٿيڻ جي 20 ڏينهن کانپوءِ فصل پوکين. جڏهن ته اهڙي صورتحال 17 سال اڳ به پيدا ٿي هئي. سنڌ جي ٽنهي بئراجن وٽ پاڻي 50 سيڪڙو کوٽ پيدا ٿي وڃڻ بعد شديد بحران جو انديشو آهي. هوڏانهن ضلعي ٺٽي اندر پاڻي جي بدترين کوٽ پيدا ٿي ويئي، ايريگيشن کاتي پاڻي جي مٿان کان کوٽ جو عذر ڄاڻائيندي گذريل هڪ هفتي کان ضلعي ٺٽي جي سمورن واهن، ڪينالن، شاخن بگھاڙ برانچ، اڏيرو برانچ، ساڪرو برانچ، ڪلري، ڄام واھ، ڄام برانچ، ٻجورا نالي، ٺٽو نالي، مسڻ شاخ، گھار ماڇي سميت ٻيا ننڍا توڙي وڏا واھ ۽ شاخون بند ڪري ڇڏيون آهن جنهن سبب انهن ۾ مٽي اڏامڻ شروع ٿي ويئي آهي. جڏهن ته ايريگيشن کاتي ضلعي جي آبادگارن کي پاڻي جي کوٽ ختم ٿيڻ تائين ڪا به آبادي ڪرڻ کان روڪيندي صرف ضلعي کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪينجھر ۾ ڪجھه عرصي لاءِ ذخيرو ڪيل پاڻي کي احتياط سان استعمال ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو آهي. ضلعي اندر پاڻي جي پيدا ٿيل سنگين کوٽ تي فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاھ ٻڌايو ته هٿرادو پاڻي کي ڊيمن ۽ ڪينالن ۾ جڪڙي سنڌ جي تاريخي ڊيلٽائي ضلعي ٺٽي کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ جي سازش شروع ڪئي ويئي آهي. هن چيو ته پاڻي جي کوٽ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳواٽ ئي پٽيشن داخل ٿيل آهي ۽ هلندڙ هفتي تنظيم جو هنگامي اجلاس سڏائي پاڻي واري پيدا ٿيل بحران واري صورتحال تي نه صرف ڀرپور نموني سان احتجاج ڪيو ويندو پر ساڳي وقت قانوني طور عدالت ۾ پڻ وڃبو. رابطي ڪرڻ تي سنڌ نيشنل تحريڪ جي چيئرمين اشرف نوناري ٻڌايو ته سنڌ 80 سيڪڙو زراعت پيدا ڪندڙ صوبو آهي پر حالت اها آهي ته ان جي پاڻي جي حق تي هٿرادو ڌاڙا هنيا پيا وڃن. سنڌ جي سمورن سنڌ دوست ڌرين سان رابطو ڪري جلد حڪمت عملي جوڙي وجود ۽ سنڌ جي زراعت کي بچائڻ لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو. جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي چيو ته سنڌ سان هر شعبي ۾ ناانصافي ڪئي پئي وڃي پر هاڻي سنڌي ماڻهن جي وجود توڙي نسلن کي اڃ وگھي تڙپائي مارڻ جي رٿا جوڙي ويئي آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ ( بشير خان ) جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري غلام نبي کٽي چيو ته وفاق ۽ پنجاب مان سنڌ کي ڪڏهن به اميد رکڻ نه گھرجي، انهن هميشه سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي آهي تنهنڪري سنڌ جي سمورن سياسي ڌرين کي جلد پاڻي کوٽ واري معاملي تي گڏ ويهي جدوجهد جو اعلان ڪرڻ گھرجي. پ پ ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي چيو آهي ته پاڻي جي جيتوڻيڪ کوٽ پيدا ٿيندي آهي پر ايتري حد تائين به نه هوندي آهي جو ماڻهن کي چيو وڃي ته هاڻي پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو. عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر صاحب خان کوسو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر امتياز سمون، شهيد دولهھ دريا خان جي ادبي فورم جي جي اين خشڪ، سنڌ ڪلچرل فورم جي الهجڙيو برفت، ننگر ادبي گھر جي حميد مهراڻوي، ملاح اتحاد تحريڪ جي چيئرمين آدم گندرو، ملهار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي رشيد جاکرو ۽ ٻين ضلعي ٺٽي اندر پاڻي جي پيدا ٿيل سنگين کوٽ تي سخت حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ طرف ضلعي جا سمورا واھ ۽ بئراج بند ڪيا ويا آهن ته ٻئي طرف ڪراچي جي اڍائي ڪروڙ انساني آبادي لاءِ ڪي فور منصوبي ذريعي ضلعي جو وڌيڪ پاڻي کڻڻ لاءِ منصوبو شروع ڪيو ويو آهي.

ڪوٽڙي بئراج تي 12 ٻارنهن سالن کان پوءِ 23 مارچ کان پاڻي جي خطرناڪ کوٽ جو امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته 2005ع کان پوءِ 2017ع جي 23 مارچ تي ڪوٽڙي بئراج ۾ سنڌو درياءُ تي صرف 1000 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي اچڻ جو امڪان آهي. پاڻي جي اهڙي خطرناڪ کوٽ واري صورتحال دوران پيئڻ جي پاڻي کان وٺي زراعت لاءِ پاڻي ملڻ مشڪل بڻجي ويندو. ملڪ جو آبپاشي کاتو روزانو جي بنياد تي پاڻي جي صورتحال بابت آبادگارن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ خبر ڏي ته جيئن شهري توڙي آبادگار پاڻي جي کوٽ کان هر وقت آگاهه رهن. ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس مرڪزي صدر ڊاڪٽر نديم قمر جي صدارت ۾ هڪ ئي وقت وڊيو لنڪ ذريعي ڪراچي، حيدرآباد،سکر،سانگھڙ ۽ گھوٽڪي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ان ڳالھ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته 23 مارچ تي سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي تمام وڏي کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، ۽ ڪوٽڙي بئراج تي هڪ هزار ڪيوسڪ پاڻي پهچندو جنهن سان زراعت کان وٺي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي خطرناڪ کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. ايوان زراعت سنڌ جي اجلاس ۾ آبادگارن حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي واڌاري لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن. سنڌ جي آبادگارن کي گھرجي ته اهي پاڻي جي صورتحال کي سامهون رکندي فصلن جي پوکائي لاءِ زمين جي تياري ڪن ۽ تڪڙ ۾ ڪو به فصل پوکڻ کان پاسو ڪن. ايوان زراعت سنڌ جي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته فوري طور آبادگارن کي بارداڻو ڏنو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي ڪڻڪ سرڪاري اگهھ 1300 رپين في مڻ تي سرڪاري خريداري مرڪزن تي وڪرو ڪري سگهن. سرڪاري سينٽر قائم ٿيڻ باوجود اڃا تائين بارداڻو نه ملي سگھيو آهي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت طرفان بارداڻي جي ورهاست دوران خوراڪ کاتي جي آفيسرن سان گڏ ايوان زراعت جي ميمبرن ۽ آبادگارن کي ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ کي بهتر قدم قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪميٽين ۾ شامل آبادگارن جي سفارشن تي عمل ڪيو ويندو. ايوان زراعت سنڌ اجلاس ۾ مير امداد علي ٽالپر، سيد اعجاز نبي شاهه، زاهد حسين ڀرڳڙي،  مير عبدالڪريم ٽالپر، محمد خان ساريجو، آغا خادم حسين شاهه، حاجي نثار ميمڻ، ڊاڪٽر نذير شاهه، غلام مجتبيٰ انڙ ۽ ٻين آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي خاص طور تي لاڙ ۾ صورتحال انتهائي سنگين آهي ۽ سنڌو درياهه۾ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد انتهائي گهٽجي 3 هزار ڪيوسڪ رهجي وئي آهي. جڏهن ته سکر ڊائون اسٽريم جو وهڪرو 3300ڪيوسڪ آهي. ارسا جي ويب سائيٽ تان وهڪرن جي معلومات غائب آهي، تربيلا، منگلا ۽ چشمه ڊيمن ۽ درياهن ۾ پاڻي جي وهڪرن جي تازي صورتحال جاري ڪئي وئي آهي. جنهن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ 20 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 19 هزار 700 ڪيوسڪ درياهه ۾ ڇڏيو پيو وڃي. ڪابل درياهه ۾ نوشهري وٽان 6300 ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو آهي، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ 19 هزار 200 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو جيڪو سمورو درياهه ۾ ڇڏيو پيو وڃي. چناب درياهه ۾ مراد وٽ 11 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 4 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي روڪيو پيو وڃي. جناح بيراج وٽ 31 هزار 600ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 29 هزار 600 ڪيوسڪ پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ وڃي رهيو آهي، بئراج تي 206 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي. 22 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. 3200 ڪيوسڪ پاڻي رڪيل آهي، تونسه بيراج تي 18800 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو جيڪو سمورو وهايو پيو وڃي. پنجند تي ايندڙ سمورو 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي روڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند آهي. گڊو بيراج تي 22 هزار 300 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 19900 ڪيوسڪ پاڻي وهايو پيو وڃي. سکر تي 17 هزار 100 ڪيوسڪ پاڻي اچي پيو ۽ 16 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي روڪي 3 هزار 300 ڪيوسڪ هيٺ ڇڏيو پيو وڃي. ڪوٽڙي تي آمد 3 هزار ڪيوسڪ اخراج زيرو آهي. تربيلا ڊيم ۾ استعمال لائق پاڻي 0.006 ايم اي ايف، منگلا ۾ 0.082 ايم اي ايف ۽ چشمه ۾ استعمال لائق پاڻي 0.013 ايم اي ايف وڃي بچيو آهي. اهي انگ اکر صبح 6 وڳي جا آهن، جڏهن ته ارسا جي ويب سائيٽ تي 23 مارچ جا انگ اکر ايڊيٽ نه ڪيا ويا آهن ۽ رڳو ڊيمن جي ڊيڊ ليول ٻڌايل آهي. حيدرآباد مان مليل تازن انگن اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي. ان سلسلي ۾ مليل انگ اکرن موجب گڊو بئراج تي مٿانهون وهڪرو 22328 ۽ هيٺاهون وهڪرو 19938، جڏهن ته سکر بئراج تي مٿانهون وهڪرو 17100 ۽ ڊائون 330 ۽ ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهون وهڪرو 3045 ۽ هيٺاهون وهڪرو زيرو رهيو. سنڌو درياهه ۾ لاڳيتو پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب سنڌ جا آبادگار خاص طور پڇڙيءَ جا آبادگار شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا، پاڻيءَ جي کوٽ سبب لکين ايڪڙن تي مشتمل فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *