ڪاپي ڪلچر ۽ خوف ۾ ورتل شاگرد: صاحب خان ڀٽي

جڏهن کان سنڌ ۾ نائين ڏهين جا امتحان شروع ٿيا آهن تڏهن کان مختلف آفيسر مختلف شهرن ۾ امتحاني سينٽرن تي ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڪجهه ماڻهو ته تعليمي بورڊز جي ٽيمن سان گڏجي به امتحاني سينٽرن جو جائزو وٺي رهيا آهن، هر طرف صرف اهي خبرون آهن ته سڄي سنڌ ۾ ڪاپي ٿي رهي آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي ڪيترن ئي شاگردن کي ڪاپي ڪيس به ڪيو ويو آهي، سکر، حيدرآباد، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن مان ڪاپي ڪرائيندڙن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا به صرف اهي ئي خبرون آهن ته امتحانن جي وقت فوٽو اسٽيٽ کليل رهيا آهن جنهن سبب ڪارتوسن جو به وڪرو عام آهي، نائين ۽ ڏهين جي پهرين ڏينهن واري پيپر دوران پرچو آئوٽ ٿيڻ جون به خبرون رپورٽ ٿيون پر اتان جي انتظاميه اهڙن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته شاگردن وٽ موبائل فون آهن جيڪي سواليه پيپر جي تصوير ٻين ڏانهن موڪلي ڇڏين ٿا، جنهن کي وقت کان اڳ پيپر آئوٽ نه ٿو چئي سگهجي اها انتظاميه جي لاپرواهي نه پر امتحاني سينٽرن جي ذميواري آهي، گهوٽڪي، گڊو ۽ سيٺارجا ۾ به ڪيترن ئي شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ جون خبرون ٻڌڻ ۾ آيون آهن، ايتري قدر جو گذريل ڏينهن به گڊو ۾ پوليس اهلڪارن ۽ ڪاپي ڪرائيندڙن وچ ۾ ڏند چڪ جون خبرون ميڊيا ۾ هليون هيون،
مطلب ته هر طرف صرف ڪاپي بابت ئي بحث هلي رهيو آهي، اردو ميڊيا ۽ سنڌي ميڊيا تي صرف اهو تاثر بيهارڻ جي ڀرپور ڪوشش ٿي رهي آهي ته ٻين صوبن جي ڀيٽ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقل ٿي رهي آهي، هاڻ خبر نه ٿي پئي ته آخر انتظاميه ڪاٿي آهي، جيڪڏهن واقعي سنڌ ۾ سمورا شاگرد ڪاپي ڪري رهيا آهن ته پوءِ ان جي ذميواري ڪنهن جي آهي، پوليس جي يا وري بورڊز انتظاميه يا وري شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين جي آهي، جيڪي پنهنجي ٻارن کي نقل کان نه روڪي رهيا آهن، جيڪڏهن واقعي اڄ شاگرد ڪاپي جهڙي بيماري ۾ ورتل آهن ته ان بيماري جو علاج ڪنهن وٽ آهي؟ سنڌ سرڪار وٽ آهي يا وري ان جو علاج هتان جي پوليس وٽ آهي؟ هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر جو بحث تمام گهڻو پراڻو آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي شاگردن کي ڪاپي ڪندي سوگهو به ڪيو ويو آهي جنهن جا فوٽيجز مختلف ٽي وي چينلن تي ڏسندا به رهيا آهيون، جڏهن سنڌ ۾ نقل ڪرڻ واريون خبرون ميڊيا تي آيون ته سڀ کان پهرين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس ورتو ۽ انتظاميه کي هدايت ڪئي ته فوري طور نقل روڪرائي وڃي، اهڙي اعلان کانپوءِ ته جيڪو به گهرا ڪاوڙجي پيو ته اهو آفيسر امتحاني سينٽرن جو رخ پيو ڪري پر اهي ٽيمون غائب هيون جيڪي خاص طور تي امتحاني سينٽرن جو جائزو وٺڻ لاءِ جوڙيون ويون هيون،
ڪجهه هنڌن تي ڊي سي، ڪمشنر ۽ ڪامورا به سڪيورٽي گارڊ وٺي امتحانن جو دورو ڪري رهيا پر انهن امتحاني مرڪزن ۾ صحافين کي ڇڏڻ جي اجازت نه پئي ڏني وئي، پر جڏهن ڪو وڏو عملدار اچي رهيو ته اهو صحافين کي ساڻ ڪري اچي رهيو هو، اهو صرف ڪاپي روڪرائڻ نه هو صرف پنهنجي پبلسٽي ڪرائڻ لاءِ انهن سينٽرن جو دورو ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين تي پنهنجو دٻ دٻو بيهارڻ اچي رهيو هو، افسوس جو وڏي وزير انهن ماڻهن خلاف ڪو به نوٽيس نه ورتو، جيڪي سڪيورٽي گارڊن کي ساڻ کي هٿيارن سان ليس ٿي امتحاني مرڪزن جا دورا ڪري رهيا هئا، حيدرآباد ۾ هڪ عورت پوليس آفيسر به هڪ امتحاني سينٽرن تي ڇاپو هنيو ۽ اتي شاگردن کان چيڪنگ ورتي جنهن جون ويڊيوز به ميڊيا تي ڏيکاريون ويون هيون، سياسي سماجي تنظيمن طرفان ته ان تي ڪو به احتجاج نه ڪيو ويو پر هڪ خوف شاگردن ۾ ضرور ويهي رهيو ڇاڪاڻ ته جتي امن جو درس ڏنو ويندو آهي اتي هٿيار ساڻ ڪري اچڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي پر افسوس جو حيدرآباد ۾ هڪ عورت پوليس آفيسر امتحاني سينٽر تي اهڙي ريت ڇاپو هو جئين هو ڪنهن ڪاپي ڪندڙ شاگرد کي نه پر دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وئي هجي، ڪجهه ماڻهن ته انهي عمل جي تمام گهڻي واکاڻ به ڪري رهيا هئا، جيڪڏهن اها عورت پوليس آفيسر انهن استادن خلاف به ڪارروائي ڪري ها جيڪي اسڪول نه ويندا آهن جن کي اسين گوسڙو ماسترن جو لقب به ڏئي چڪا آهن پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو ڪم پوليس جو نه آهي ته ڪير شاگرد اچن ٿا يا نه ٿا اچن،
اها ذميواري ته تعليم کاتي جي آهي پر خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر تعليم کاتي جا عملدار ڪٿي آهن، صرف ڪمشنر، ڊي سي ۽ پوليس آفيسر امتحانن دوران امتحاني سينٽرن تي ڇاپا هڻي رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جيڪي سنڌ ۾ڪاپي ڪلچر جون اڄ ڳالهيون ٿي رهيون آهن ان جو سڀ کان وڏو سبب استادن جي کوٽ آهي ۽ جتي استاد مقرر ٿيل آهن اتي اهي استاد اسڪول وڃن ئي نه ٿا، جيڪڏهن ڪٿي استاد وڃن به ٿا ته اهي به پگهارون نه ملڻ جون شڪايتون ڪن ٿا، ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي ۾ استادن مظاهرو به ڪيو هو ۽ انهن مٿان لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال به ڪيو ويو هو، ڪجهه استادن کي جعلي ڀرتين جو بهانو ڪري نوڪرين کان ڪڍيو ويو ۽ ڪجهه استاد ته اڄ به پگهارون نه ملڻ سبب پريشان حال بڻيل آهي، جنهن صوبي ۾ سرڪار وٽ استادن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ هجن، جتي حڪمرانن تي اربين کربين روپين جي ڪرپشن جا الزام هجن ان صوبي ۾ تعليمي نظام ڪهڙي ريت بهتر ٿي سگهي ٿو، ماضي ۾ ته تعليم کاتي جي عملدارن تي به ڪرپشن جا الزام لڳا هئا پر افسوس جو هن ملڪ ۾ اربين کربين ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪندڙن جي ڳچين ۾ هٿ وجهڻ وارو ڪير به نه آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي اڳواڻ جي ڳچي ڪرپشن رسو ڦاسجي به پئي ٿو ته ان جا پٽي کيس بچائي وٺن ٿا، بهرحال ڪرپشن روڪرائڻ ته رياست جو ڪم آهي ۽ روڪرائي يا نه روڪرايي گهٽ ۾ گهٽ درسگاهن ۾ اهڙن ماڻهن کي نه ڇڏيو وڃي جن جو ڪم دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ آهي نه ڪي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ خوف ۽ حراس پکڙڻ آهي، جيڪڏهن تعليم جي سڌارو جو ٺيڪو به پوليس کي کڻڻو آهي ته اڳ ۾ انهن وزيرن جي ڳچين ۾ هٿ وڌو وڃي جيڪي اربين ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهن جيڪي پلي بارگيننگ تحت آزاد گهمي رهيا آهن يا وري انهن ٽيمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي تعليمي کاتي طرفان جوڙيون ويون آهن باقي رهي ڳالهه هٿيارن سان گڏ سڪيورٽي گارڊ کڻي فوٽو سيشن جي ته ان کي فوري طور روڪرايو وڃي ته جئين شاگردن ۾ خوف نه پکڙجي سگهي، ان کان ڪوبه انڪاري نه آهي ته سنڌ ۾ نقل جو رجحان وڌندو پيو وڃي پر ان جو سبب ڪهڙو آهي ان طرف حڪمران ڌيان ئي نه ڏئي رهيا آهن، صرف تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ واري اعلان سان ڪو به فرق نه پوندو، جيڪڏهن تعليم ۾ بهتري آڻڻي آهي ته عملي طور قدم کنيو وڃي.
sahibalisindhi@gmail.com

Author: Tariq Sandilo