”ٻن ڏهاڪن بعد ٿيندڙ ملڪي ڇهين آدمشماري ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيون“: منصور خاصخيلي

ٻن ڏهاڪن بعد مارچ ۾ ڪرايل ملڪي آدمشماري جا نتيجا شماريات کاتي پاران تازو ئي جاري ڪيا ويا آهن، جنهن موجب ملڪ جي مجموعي آبادي 20 ڪروڙ 77 لک 74 هزار 520 ماڻهن تي مشتمل ظاهر ڪئي وئي آهي، جاري ڪيل نتيجن موجب 2017 جي آدمشماري ۾ 1981ع جي مقابلي ۾ ملڪي آبادي 146 ڏهائي 6 سيڪڙو وڌي وئي، ان ڇهين آدمشماري موجب پنجاب پهرين، سنڌ ٻئي، خيبرپختونخواهه ٽئين ۽ بلوچستان چوٿين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڪجهه ملڪي علائقن جا نتيجا اڃان اچڻا آهن. تازي ٿيل ڇهين آدمشماري جي نتيجي ۾ سنڌ جي ڪل آبادي چار ڪروڙ 78 لک 86 هزار ڄاڻائي وئي آهي، ان موجب  تقريبن ٻن ڏهاڪن بعد سنڌ جي آبادي ۾ هڪ ڪروڙ 74 لک 46 هزار ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي.

بهرحال آيل آدمشماري جي نتيجن تي ملڪ جي ٻين حصن مان عمومن ۽ سنڌ مان خصوصن عوامي سطح تي آدمشماري جي نتيجن جي شفافيت تي سخت اعتراض اچي رهيا آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته  ملڪي ڇهين آدمشماري جا ابتدائي نتيجا حيرت جوڳا ۽ مينج ڪيل ٿا لڳن توڙي جو اڃان ان جاري ڪيل ڇهين آدمشماري جي نتيجن جا تفصيل  پڻ اچڻا آهن پر تازن جاري ڪيل نتيجن موجب ملڪي سسٽم ۾ پراڻو ساڳيو اسٽيٽسڪو برقرار آهي ۽ وفاق ۾ هڪ صوبي جي ساڳي بالادستي پڻ برقرار آهي. تازو ڪرايل  ملڪي ڇهين آدمشماري جي نتيجن موجب سنڌ جي ڪل آبادي  چار ڪروڙ اٺهتر لک ڇا اسي هزار ڄاڻائي وئي آهي. 1998ع جي آدمشماري تحت سنڌ جي جي شهري آبادي 48.75 سيڪڙو هئي، جيڪا هاڻ ٻن ڏهاڪن بعد تازي آدمشماري جي نتيجن موجب شهري آبادي وڌي 52.02 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته گذريل آدمشماري ۾ ٻهراڙين جي آبادي 61.25 سيڪڙو هئي، اها هاڻ گهٽجي هاڻوڪي آدمشماري جي  نتيجن موجب 47.98 سيڪڙو ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ توڙي جو اربنائيزيشن ٿي رهي آهي، سنڌي ڳوٺاڻا ڳوٺن کان شهرن ڏي تيزي سان رخ ڪري رهيا آهن، سنڌ جي شهرن ۾ اها آبادي جي  واڌ جي سطح فطري ۽ متوقع آهي، پر اها سنڌ جي شهرن ۾ آبادي جي واڌ جيڪا اڳتي تفصيلي آدمشماري جي نتيجن ۾ ظاهر ٿيڻ گهرجي ته سنڌ جي شهرن ۾ سنڌي ڳالهيندڙن جي ڪثرت ۾ واڌ جي شڪل ۾ ٿيڻ کپي. ٻي طرف سنڌ جي ٻهراڙين ۾ پڻ غير معمولي اضافو ٿيو آهي.

هڪ ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ٻارن جي  ڄم جي شرح شهرن کان وڌيڪ آهي ۽ گذريل تقريبن ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڄم پيداش جي سطح ۾ آيل  واڌ سان گهربل اضافو جاري ڪيل ڇهين آدمشماري جي انگن اکرن ۾  نظر نٿو اچي، جنهن سان سنڌ جي عمومن ۽ سنڌ جي شهرن جي خصوصن گهٽ ڄاڻايل آبادي ملڪي ڇهين آدمشماري جي آيل نتيجن جي شفافيت کي مشقوڪ قرار ڏي ٿي. اهوئي ڪارڻ آهي ته آدمشماري جي ابتدائي نتيجن تي سنڌ حڪومت سميت سمورن قومپرست سياسي ڌرين سخت اعتراض ظاهر ڪيا آهن، جيڪي اعتراض منتطقي، اصولي  ۽ انتهائي غور طلب پڻ آهن. آدمشماري هن ملڪ اندر انتهائي اهم عنصر آهي، جنهن تحت وفاق ۾ ناڻي جي صوبن ۾ وچمي ورڇ توڙي، ترقي جي بجيٽ ۽ نوڪرين جي ڪوٽا کان وٺي پارليامينٽ قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي سيٽن جو تعداد به ان تحت جڙي ٿو.

اها هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ صحيح، شفاف، اڻڌري ۽ حقيقي آدمشماري کانسواءِ وفاق ۾ سنڌين سميت محڪوم قومن سان سياسي، اقتصادي انصاف نه ٿي سگهندو نه وري حقيقي وفاق جڙي سگهندو . هڪ ته ملڪ ۾ جيستائين بنگال شامل هو ته آبادي جي بنياد تي وسيلن جي ورڇ نه ٿيندي هئي ڇاڪاڻ ته بنگال جي آبادي جي لحاظ کان ان وقت ملڪي وفاق ۾ عددي اڪثريت هئي، ان وقت جبرن ون يونٽ مڙهيو ويو، نيٺ بنگال وفاق جي مسلسل ناانصافين کان تنگ ٿيو، بلڪ  ان وقت چونڊن ۾ اڪثريتي اليڪشن کٽي ايندڙ پارٽي عوامي ليگ ۽ مجيب رحمان کي اقتدار نه ڏئي، جبرن بنگال کي ٽوڙي جدا ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو، 1971ع ۾ بنگال جي بنگلاديش بڻجڻ کانپوءِ ٻن سالن بعد 1973 جي آئين تحت  وفاق ۾ ناڻي جي مالياتي ورڇ توڙي اسيمبلين جي سيٽن جي ورڇ آبادي جي بنياد تي رکي وئي ۽ ائين هڪ صوبي پنجاب جي وفاق ۾ سياسي ۽ اقتصادي هڪهٽي قائم ٿي، جيڪا هاڻوڪي آيل آدمشماري جي نتيجن تائين قائم آهي. هڪ ته گذريل اوڻهويهه سالن کان آدمشماري نه ڪرائي وفاق صوبن خصوصن سنڌ ۽ بلوچستان سان ڏاڍائي ۽ انتهائي ناانصافي پئي ڪئي آهي ۽ هاڻ وري جڏهن ڪجهه مهينا پهرين ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ جي سخت دٻاءُ بعد عدالتي فيصلي تي حڪومت آدمشماري ته ڪرائي پر شفاف اڻڌري آدمشماري اڄ به سواليا نشان بڻيل آهي! ياد رهي ته اعلانيل آدمشماري ٿيڻ  کان پهرين ئي سنڌ جي جائز اعتراضن کي وفاقي سرڪار اڻٻڌو ڪري ڇڏيو هو ۽ جڏهن آدمشماري ٿي رهي هئي ته ان وقت به هلندڙ آدمشماري دوران سنڌ واسين سنڌ جي ڳوٺن ٿر، ڪوهستان سميت ٻهراڙين ۽ ڪراچي جي ڳوٺن ۾ ڳڻپ ڪندڙ عملي جو نه اچڻ ۽ وقت سر شناختي ڪارڊ نه ملڻ جا اعتراض اٿاريا ويا هئا پر اهي جائز شڪايتون ۽ سنڌ جا اعتراض ٻڌڻ لاءِ ان وقت به وفاق تيار ئي نه هو ۽ آدمشماري کان اڳ سنڌ واسين سنڌ ۾ رهندڙ لکين غير ملڪين افغانين، برمين، بهارين، ايرانين سميت سمورن غير قانوني رهندڙ ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ يا سنڌ ۾ غير قانوني رهندڙ ڌارين جي الڳ ڳڻپ ڪري انهن کي آدمشماري دوران ڳڻپ ۾ شامل نه ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ سان گڏ اهو به چيو ته سنڌ ۾ غير قانوني لکين ڌاريا رهن ٿا جن کي رشوت عيوض جعلي سنڌ جا شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن جيڪي آدمشماري کان اڳ رد ڪيا وڃن پر وفاقي سرڪار اسلام آباد سنڌ جي ان جائز مطالبن، اعتراضن ۽ احتجاجن کي هميشه جي دستور جيان اڻٻڌو ڪري نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ وري هلندڙ آدمشماري فارم ڀرڻ وقت به گهڻن جاين تي سنڌ ۾ پينسل  جو استعمال ڪيو ويو، جنهن تي پڻ سنڌ واسين سخت اعتراض اٿاريا پر ان جو به ڪو نوٽيس نه ورتو ويو. ٻي طرف سنڌ حڪومت آدمشماري جهڙي اهم  مسئلي  تي اڳ به ڪا به خاص سنجيده دلچسپي نه ورتي نه وري ڪا موثر حڪمت عملي جوڙي بلڪ  ويهه سال پراڻن نقشن تحت آدمشماري ڪرائي جيڪا نااهلي جي انتها هئي سنڌ حڪومت جيڪڏهن پنهنجو شماريات کاتي جي  انگن اکرن جو ڊيٽا رڪارڊ وقت سر اپ ڊيٽ رکي ها يا ڪو اهڙو موثر صوبائي سنڌ سطح تي شماريات کاتو تشڪيل ڏي ها  ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ غير قانوني ڌارين آباد ڪاري جو وقت سر نوٽيس وٺي ها،

سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين جا جعلي شناختي ڪارڊ رد ڪرائي ها يا ڌارين جي الڳ ڳڻپ ڪرائي ها  ته سنڌ سان آدمشماري ۾ ويساهه گهاتي نه ٿي سگهي ها. پر پ پ جي سنڌ سرڪار کي فقط هڪ ئي شي ۾ دلچسپي آهي اهو آهي  سنڌين کان  ووٽ وٺي اقتدار تي پهچڻ جيڪو ڪم هر اليڪشن ۾ ڀوتار ڪوڙا ڏٽا ڏئي مهارت سان ڪندا آهن ۽ اليڪشن بعد باقي پورو عرصو سنڌ جي صوبائي حڪومت هميشه جيان سنڌ جي قومي مسئلن ۽ قومي نااصافين تي مجرماڻه غفلت ڪري خاموش اختيار ڪندي آهي، هاڻ به تازو وري وفاقي سرڪار جي شماريات جي کاتي سنڌ جي آدمشماري جي اعتراضن کي بين الصوبائي اجلاس ۾ رد ڪري ڇڏيو آهي، ٿيڻ ته ائين کپندو هو جي بين الصوبائي جهڙي غير موثر پليٽ فارم بجا اهو مسئلو سنڌ حڪومت سي . سي آئي جهڙي وفاقي فورم تي کڻي ها توڙي جو ان مان به چـڱائي جي اميد گهٽ هئي بهرحال بين الصوبائي اجلاس ۾ سنڌ جي آدمشماري جي جائز اعتراضن کي جئين وفاقي شمارياتي کاتي يڪ طرفو رد ڪيو آهي ان مان صاف ظاهر آهي ته وفاق سنڌ سان امتيازي سلوڪ ختم ڪرڻ لاءِ اڃان تيار ئي نه آهي پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ان بين الصوبائي آدمشماري واري ان وفاقي سطح جي ٿيل  اجلاس جنهن ۾ ٻين ٽنهي صوبن مان وڏن وزيرن يا نمائندن شرڪت ڪئي ان ۾ سنڌ جي وڏي وزير شرڪت ڪرڻ جي تڪيلف ئي  نه ڪئي، جنهن سان سنڌ حڪومت جو آدمشماري تي سنڌ جو سنجيده موقف رکڻ ۽ سنڌ جي حقيقي نمائندگي ڪرڻ جي پت وائکي ٿي ٿئي، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته پ پ جي سنڌ حڪومت سنڌ جي عوامي، قومي حقيقي نمائندگي ڪندي سنڌ ڪيس بجاءِ فقط اقتداري سودي بازي ۾ مشغول رهي آهي ۽ اها ئي سنڌ حڪومت جي ترجيحات آهي نه ڪي سنڌ جا قومي مفاد.  اها سنڌ سان وڏي ويساهه گهاتي آهي، اها سنڌين پاران پ پ کي ڏنل ووٽن سان سنڌ حڪومت جي اها وڏي خيانت آهي، ڇا سنڌين پ پ  کي ان لاءِ ووٽ ڏنا آهن ته اهي سنڌ حڪومت ۾ اچي ڪرپشن ڪري ۽ سنڌ جي مسئلن تي اقتداري سودي بازي ڪن..؟

بدقسمتي سان پ پ سرڪار، سنڌ حڪومت جڏهن به سنڌ جو ڪو قومي  مسئلو وفاق آڏو کنيون به آهي ته اهو پنهنجي اقتداري مفادن کي طول ڏيڻ ۽ بچائڻ لاءِ اسلام آباد کي بليڪ ميلنگ ۽ بارگينگ سودي بازي طور  استعمال ڪيو آهي، ۽ هاڻ به سنڌ حڪومت آدمشماري جي نتيجن تي سنڌ سان ٿيل ويساهه گهاتي جي مسئلي کي انتهائي سنجيدگي بجاءِ سطحي طور کنيون آهي، توڙي جو عدالت ڏانهن به رجوع ڪيو آهي ۽ آدمشماري تي آل پارٽيز ڪانفرنس جي ڳالهه به ڪئي آهي پر اهو نه وسارڻ کپي ته آدمشماري سنڌ جي زندگي ۽ موت جيترو اهم سنجيده معاملو آهي. هاڻ  سنڌ حڪومت کي به پراڻا روايتي مدي خارج طريقا ڇڏي وفاق آڏو سنڌ سان آدمشماري جو مسئلو سنجيدگي ۽ ايمانداري سان رکي سنڌ سان انصاف لاءِ ڪردار ادا ڪري، ٻي صورت ۾ اها سنڌ واسين سان انتهائي وڏي ويساهه گهاتي هوندي، جنهن کي سنڌي ماڻهون ڪڏهن به نظرانداز نه ڪندا.  ٻي طرف اسلام آباد ۽ وفاقي سرڪار کي به گهرجي پنهنجون سنڌ سان امتيازي سلوڪ واريون  پاليسون ختم ڪري پر بدقسمتي سان ستر جي ڏهاڪي واريون استحصالي پالسيون ملڪ ٽٽڻ کان پو به اڄ تائين برقرار آهن ۽ اسلام آباد جا پاليسي ساز اهي استحصالي پالسيون ختم ڪرڻ لا تيار نه آهن. هاڻ ستر سالن بعد وفاق اسلام آباد کي کپي ته انهن غيرمنصافاڻا پاليسين تي نظر ثاني ڪر ااستحصالي پاليسيون ختم ڪري ۽ سنڌ واسين جي اعتراضن ۽ احتجاجن کي اڻٻڌو ڪرڻ واري روش به ختم ڪري سنڌ سان انصاف ڪرڻ گهرجي. سنڌ واسي ٻن ڏهاڪن بعد وڏي تاخير کان پو ٿيل آدمشماري جي غير شفاف نتيجن کي رد ٿا ڪن، ۽ هن ڇهين آدمشماري وسيلي غير قانوني سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کي سنڌين مٿان زور مڙهي سنڌين کي پنهجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ ڪرڻ جي سازش پڻ شامل آهي جنهن کي سنڌي قوم ڪنهن به ريت برداشت نه ڪندي اهو سنڌين جي قومي وجود ۽ بقا جو مسئلو آهي . وفاق پاران اهڙا غيرمنصفاڻا فيصلا محڪوم قومن خصوصن سنڌ جو بدترين استحصال آهي، اهو سنڌ جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي.

khaskheli.mansoor17@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *