کڏڙو ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ياد ۾ آل سنڌ نائيٽ والي بال ٽورنامينٽ، ٺري مير واهه ٽيم ميدان ماري وئي

کڏڙو(اسپورٽس نيوز)کڏڙو جي مين سانگهڙ_نوابشاهه روڊ سامهون پهريون شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جي ياد ۾ آل سنڌ نائيٽ والي بال ٽورنامينٽ ٿي گذريو، جنهن ۾ سموري سنڌ جي شھرن نواب شاھ، خيرپور، ٺري مير واهه، سڪرنڊ، قاضي احمد، ڪرونڊي ۽ ٻين شھرن جي بهترين رانديگرن جي ٽيمن حصو ورتو، وڏي جدوجهد ۽ مقابلي کانپوءِ ٺري ميرواهه جي ٽيم کڏڙو شھر جي حمير فقير اسٽار کي ملھ ماري ٽورنامينٽ جو پهريون نمبر حاصل ڪري ڪپ پنهنجي نالي ڪري ورتو ۽ روق ويھ هزار انعام پڻ حاصل ڪيو. جڏهن ته هن ٽورنامينٽ جا مهمان خاص شير محمد ڏيرو، پ پ نوابشاھ ضلعي جنرل سيڪريٽري امير بخش عمراڻي، حاجي وارث رند، عبدلغفار عمراڻي ۽ ضلعي سانگهڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي وائيس چيئرمين حاجي جمالالدين آرائين خصوصي شرڪت ڪري ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگرن ۾ انعام پڻ تقسيم ڪيا. ٽورنامينٽ جي آرگرنائيزر مير ڌڻي بخش ٽالپر سموري سنڌ جي آيل ٽيمن جي رانديگرن ۽ مهمان کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا. هوڏانهن ٽورنامينٽ کان اڳ شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ سندس روح کي ايثا وثواب لاءِ خيرات جو لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *