وڌندڙ ڀارتي جنگي جنون ۽ اسرائيلي صدر جو ڀارتي دورو..!!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

جڏهن کان ڀارت خلاف ڪشمير اندر آزادي جي لهر گهُلي آهي ۽ تڏهن کان ڀارتي فوج ڪشمير اندر ڪرفيو نافض ڪيو آهي ۽ ان ڏينه کان وٺِي ڪشمير جا سمورا تعليمي ادار بند پيل آهن.نشي ۾ ڌت ڀارت فوجي مظلوم ڪشميرين تي ظلمن جا انبار ڪرائي رهيا  آهن. ڀارت جي ظلمن جي هڪ ڊگهي قطار جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي، جڏهن کان اڙي واقعي ٿيو آهي ان ڏينهن کان وٺي ڀارت آپي کان ٻاهر نڪري ويو آهي.  ۽ سندس مت وڃائجي چڪي آهي.پاڪستاني جي سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستاني سرحدن اندر ڳولا باري ڪرڻ سندس روز جو معمول بنجي چڪو آهي.سندس اهڙي رويي ۽ جنگي جنون واري ماحول اندر هڪ سوچ اها کائي رهي آهي ته ڀارت جو وڌندڙ جنگي جنون ڪٿي دنگ ٿيندو.ڇا ڀارت انهي جنگي جنون جي جنگ جي طرف ته نه کڻي ويندو.ڇو ته هڪ طرف اسلامي ملڪ آهن جيڪي پاڪستان جي سپورٽ ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي آمريڪا ۽ اسلائيل جهڙا جن هميشه دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي پناه ڏني آهي اهي انڊيا جي آڙ وٺي ڪري پاڪستان جي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا ڪالهه اسرائيلي صدر ايرون ايونس دنيا جي اٺ ڏينهن واري دوري تي انڊيا پهچي چڪو آهي.ميڊيا جي مطابق اهو چيو ويو آهي ته اسرائيلي صدر انڊيا جي اٺ ڏينهن واري دور تي تجارتي معاملن تي ڳاليهون ڪندو پر انڊيا ۽ اسلائيل جي وچ ۾ جيڪا کچڙِي رڌجي رهي آهي ڇو ته ڀارت جي جنگي ماحول اندر هميشه اسرائيل پناهه ڏنو آهي ۽ اهڙا سندس تعلقات به ڪنهن کان ڳجها ناهن.هن وقت پاڪستاني جي ايل او سي تي انڊيا نجا جواز فائرنگ ڪري ست فوجي جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي ٿو ته ڀارت ماحول جي جنگ جي طرف وٺي وڃي رهيو آهي ۽ هو چاهي ٿو ته پاڪستان انڊيا سان جنگ ڪري.انهي ڪري اسلائيل صدر انڊيا جو دور ڪيو هوندو جنهن اندر هوُ مارجي ويل ڀارتي فوجين جي ڏک ۾ شريڪ ٿي سگهي.پر خير پاڪستان تي انهي جوڪو به اثر پوڻ وارو ناهي پاڪستان پنهنجي ترقي جي راهه جي سفر تي روان دوان آهي.. ڪجهه ڏينهن پهرين انڊيا جي وزير اعظم مودي سرڪار بيان ڏنو  ته هنُ پاڪستان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي پر ڀارت کي اها خبر هجڻ گهرجي ته اڪيلو اهو هوندو آهي جنهن جو ڪو يار  دوست ناهي هوندو. جڏهن ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن سان هر ملڪ دوستي جو هٿ وڌائڻ ٿو چاهي.ڀارت هن وقت جهڙي ريت بيان ڏئي رهيو آهي انهن کي ڏسي ڪري  دنيا حيرت ۾  آهي ته کيس آخر ڇا ٿي ويو آهي، ڀارت بي گناهه ڪشميرن تي ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي،بي گناهه ڪشميرين کي هر روز ماريو پيو وڃي.جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي چڪو آهي ته ڀارت يقينن چريو پاڳل ٿي چڪو آهي،ڀارت اندر ايتري جنويت ڇو اچي وئي آهي.؟ سندس اندر جي باهه شعلا ٿي ڇو ڀڙڪي رهي آهي،؟ڇا مقبوضه ڪشمير اندر هن وقت آزادي جي تحريڪ زور وٺي وئي آهي انڪري.؟ڪشمير اندر جيڪا آزادي جي تحريڪ هلي رهي آهي اها پهرين به هلي رهي هئي. ها اها ڳالهه ضرور آهي ته انهي تحريڪ هاڻي زرو ورتو آهي، جنهن ڀارت جي فوجين کي رُڪ جا چڻا چِٻايا آهن،رهي ڳالهه ڀارت جي فوج مٿان حملي جو سوال.. ته اهي حملا پهرين کان ئي ٿيندا پيا اچن،جنهن ۾ ڀارت جا هزارين فوجي مارجي چڪا آهن،جنهن جا الزام ڀارت پهرين به پاڪستان تي ئي لڳائي چڪو آهي،ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي ته اهڙو ڊارمي باز ماڻهو آهي جيڪو پنهنجي مٿان پوندڙ دٻاءُ جي باري ۾ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو،جڏهن ته اها به ڳالهه سچ آهي ته اها ڊرامو هوُ ڀارت ۾ اڪثر ڪندو رهندو آهي پر جنهن وجهه جي ڪري مٿس وڏي ۾ وڏو اندورني دٻاءُ پئجي رهيو آهي. اهو دٻاءٌ پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو آهي،جنهن ۾ پاڪستان جي ترقي آهي جيڪا ڀارت کان ڏٺي ڪون ٿي ٿئي.ڇو ته جڏهن پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو مڪمل ٿيندو ته ڀارت پاڪستان جي اڳيان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي ويندو، ڀارت پاڪستان جي ڀيٽ اندر هڪ وڏو ملڪ ضرور هوندو پر اهيمت جي لحاظ کان هوُ ڀوٽان جي برابر به نه هوندو،جڏهن ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سان پاڪستان، چين ۽ روس طاقت ۽ ترقي جي لحاظ کان سڀني ملڪن کان اڳ ڀرا هوندا.هي اهي ملڪ هوندا جيڪي خطي جي معاملن تي ڳاليهون ڪندا،دنيا جي سموري تجارت پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي تحت ڪئي ويندي،انهي سموري معاملن اندر ڀارت هڪ تماشو ٿي ويندو،جيڪو صرف ۽ صرف ڏسندو رهندو جئين تيز هلندڙ ريل کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو اکيون کوڙي ڏسندا آهن ۽ ريل تيز رفتاري تان گذري ويندي آهي ۽ ڏسڻ وارو ڏسندو ئي رهجي ويندو آهي،۽ ڪجهه به ڪري نه سگهندو آهي.ڀارت وقت انهي پاڪستاني جي ترقي جي راهه اقتصادي راهداري منصوبي کي روڪڻ لاءِ هر قسم جو حربو هلائي رهيو آهي ۽ پر هر حربي ۾ ناڪام ئي ويو آهي کيس سندس پلي ۾ ڪجهه به پله نه پيو آهي.ضرب عضب آپريشن جتي پاڪستان اندر دهشتگردن جون ڪوششون ناڪام ڪري کين ختم ڪيو آهي اُتي پاڪستاني فوج ڀارت جي ڪيترن ئي سازشن کي پڻ ناڪام ڪيو آهي،جڏهن ته ڀارت پاڪستان اندر دهشتگردي کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري دنيا کي اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته پاڪستان امن پرست ملڪ ناهي جنهن اندر اقتصادي راهداري منصوبو به ٿو جڙي سگهي، جڏهن ته پاڪستان جي بهادر فوج ڀارت جي هر ڪوشش کي ناڪام ڪيو.جڏهن ته اتر وزيرستان اندر دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباه ڪري انهن علائقن اندر امن ڪرائي پاڪ چين منصوبي جو رستو آزاد ڪري ڇڏيو.جڏهن ته پاڪ افغانستان گيٽ کي تعمير ڪرائي ۽ ويزا سسٽم کي قائم ڪري دهشتگردن جي اچ وڃ کي به ملڪمل طور بند ڪري ڇڏيو،۽ دهشتگردي جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا .دهشگردن جي اچ وڃ به مڪمل طور بند ٿي ۽ جن جن ماڻهن جو اهو خيال آهي ته ڀارت پاڪستان سان جنگ ڪندو انهن لاءِ اهو عرض آهي ته انڊيا پاڪستان سان جنگ ته پري جي ڳالهه آهي انهي جو تصور به نه ڪندو،هي سندس خالي ڀڀڪيون آهن ٻيو ڪجهه به نه،پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي ڪاميابي انڊيا کان ڏٺي ڪون پئي ٿي ۽  ڀارت کي صرف ۽ صرف شڪت ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ٻيو ڪجهه به نه،جڏهن ته پاڪ چين  اقتصادي منصوبي کي روڪڻ لاءِ ڀارت ڪوششون ته تمام گهڻيون ڪري رهيو آهي پر سندس هر ڪوشش ناڪام ٿيندي پئي وڃي جنهن جي ڪري کيس پنهنجي ئي ناڪامي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جنهن جي ڪري هوُ پنهنجو مٿو پاڻ پٽي رهيو آهي،

******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *