پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ مئچن جي سيريز جو پهريون مئچ سڀاڻي کان کيڏيو ويندو

لاهور (اسپورٽس نيوزِ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ مئچن جي سيريز جو پهريون مئچ سڀاڻي خميس 17 نومبر کان ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيو ويندو ٻنهي تيمن ۾ ٻن سالن کان پوءِ ٽيسٽ مئچ کيڏيو پيو وڃي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ 1985 کان پوءِ نيوزيلينڊ ۾ ٽيسٽ سيريز ۾ ڪڏهن به شڪست جو منهن ڏسڻو ناهي پيو نيوزيلينڊ پنهنجي هوم گرائونڊ ۾ پاڪستان جي خلاف واحد ٽيسٽ سيريز 1985 ۾ کٽيو گذريل 15 سالن ۾ نيوزيلينڊ پنهنجي ميدانن تي پاڪستان جي خلاف صرف ٻن ٽيسٽ مئچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ 1955 کان 26 نومبر 2014 تي 53 ٽيسٽ مئچ کيڏيا ويا جن مان 24 مئچ پاڪستان کٽيا 8 مئچ نيوزيلينڊ کٽيا ۽ 21 مئچ ڊرا ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *