ننڍي کنڊڏانهن وڌندڙ ڪاراڪڪر

ڍاڪا هلندڙ سال جي شروعات ۾ مارجي ويل الحادحامي ليکڪ اويجيت راءِ جي ڪتابن کي ڇاپيندڙ پبلشر فيصل عارفين عمر 43 سال کي ڇنڇر (31 آڪٽوبر ڏيهاڙي ڪات ۽ خنجرن جي مدد سان سندس آفيس ۾ قتل ڪيو ويو وقعي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ شهر جي ٻئي حصي ۾ سيڪيولر انٽرنيٽ بلاگر ۽ ناشر سميت ٽن ڄڻن تي حملو ڪري کين سخت زخمي ڪيو ويو واردات جي ذميواري بندش پيل اسلامي مذهبي گروپ مٿان مڙهي پئي وڃي ياد رهي ته ڪافي وقت کان بنگلاديش ۾ لبرل سوچ رکندڙ اديب ساڳئي انداز ۾ ڪات ۽ خنجر وسيلي ماريا پيا وڃن سندن آفيس ۾ داخل ٿي هنن کي رت ۾ وهنجاري ٻاهران تالو بند ڪري واقعي کي عبر تناڪ بڻايو ٿو وڃي عارفين جي معاملي ۾ نڙگهٽ تي ڪاتي ڦيرائي ٻين کي سبق ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي فيبروري 2015 ع ۾ اويجيت را۽ کي اجل جو راهي ڪرڻ کان پوءِ قاتل گروهه لڳاتار هن جي مواد کي شايع ڪندڙ پبلشر همراهن پٺيان لڳو رهيو ساڻس واسطو رکندڙ ۽ ٻين سميت هيل تائين پنج ڄڻن جون سسيون وڍجي چڪيون آهن پوليس موجب ڇنڇر ڏينهن منجهند ٽي وڳي هٿياربند ڪتابن جي خريداري بهاني شڌ سوار پبلشنگ هائوس ۾ داخل ٿيا اندر اچي اڳ ڪٺل آزاد خيال لکاري جو مواد ڇا پيندڙ احمد رشيد توتول سيڪيولر بلاگر راڻا ديپام باسو۽ نوجوان شاعر طارق رحيم مٿان خنجرن ۽ ڪات سان انڌاڌنڌ وار شروع ڪري ڏنائون رحيم کي گولي پڻ لڳي آفيس کي ٻاهران بند ڪري حملو ڪندڙ روانا ٿي ويا زخمين کي پوليس وارن دروزو ٽوڙي اسپتال پڄايو ٽئي شخص علاج هيٺ آهن منجهائن هڪ جي حالت نازڪ ٻڌائي ٿي وڃي ڪنهن گروپ ٻنهي واقعن جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي وارداتن ۾سرڪار جڏهن ته اسٽيٽ اندر اهڙي ڪنهن گروپ جي موجود گيءَ کان مسلسل انڪاري آهي مٿي ڄاڻايل احوال خابرواداري اي ايف پي پاران 31 آڪٽوبر تي فلئش ڪيل نيوز اسٽوري جو مختصر تر جمو آهي بنگلا ڏاهپ پوءِ وارين تاريخن ۾ شديد ردعمل ڏيکاريندي رهي آهي اتان جي گورنمينٽ جي مجر ماڻي چپ سندن چڙ ۾ وڌيڪ اضافو آڻيندي ساڳيءَ ريت پر هندو شدت پر ستن هٿان انڊيا ڌار ٻريل آهي ليکڪن تي حملا اديبن پاران رواداري جي اڻهوند سندي وايو منڊل خلاف سرڪاري سندن جي واپسي مظاهرا ۽ ٻيا مامرا شوسينا جون ڪارروايون هاڻ مودي ۽ ساٿارين جي مٿي جو سور آهن نانءَ ڪٺيي هندو نيشنلزم کي بيگناهه شهرين جو رت پياري خود وڏو ڪيائون.

بي جي پي جي همراهن واتان سرڪار ٿيڻ بعد سهپ جي ڳالهه ۽ سا به ڌرمي تفاوتن وچ ۾ سڻي گهڻن کي حيرت وڪوڙي وئي آهي هندوستاني حڪومت طرفان آرايس ايس جي خوني ڇاڙتن کي ڇوٽ ڇڏڻ دردناڪ بي حسي جو نظارو پيش ٿو ڪري سمورو انڊين سماج ۽ خاص طور تي اتان جو سيڪيولر مزاج مسلم ٿورائي سخت دٻاءَ هيٺ آهن مودي جهڙي ٽه پتائي سياست واري کي اڃا ٻيا ڪجهه سال مليا ته دنيا جي مهان جمهوريت سڏرائيندڙ ان ملڪ جو ٻيڙو ٻڏل ڄاڻو هر قسم جي ضابطي قانون کان آجي پاڪستان جي تونگري امير ماڻهو ذاتي ڪچهرين ۾ داعش جا لياڪا نهاري رهيا آهن ميڊيا کان پرڀرو ٻه اکر پڙهيل آدمي سندن آمد اجهو ڪي پروڙي ٿو سلمان تاثير جي قتل وقت صدر زرداري جي نودپائي سڀني کي ککي ٿي پوءِ جي واقعن ۾ پنجاب جي هوم منسٽر سميت اديب رضا رومي ۽ سماجي ورڪر سبين ڪيترن ئي وڪيلن ڊاڪٽر نوع جي پروفيشنلز مٿان قاتلاڻا حملا سواءِ رومي جي ڪنهن جو به بچي نه سگهڻ شيعن عيسائين پويان رڻ ٻارڻ هزارين عام شهرين جو ٻليدان چڙهڻ ۽سيڪيور ٽي ادارن کي تارگيٽ ٺاهڻ ٻڌائين ٿا ته ڪات ڪهارا کڻي ايندڙ ايترو ڏور به نه آهن گمان سي پڻ سڻجن ته هو پنهنجا پير حساس ڊپار ٽمينٽس م کوڙي ويا هجن عجب ڪيئن وٺي صفوران ڳوٺ ڀرسان 45 اسماعيلي مسافرن کي هڪڙو ڌڪ ڪندڙ جاهل ڄٽ پٺاڻ مه هئا آءِ بي اي مان تعليم ورتي هئائون رتوڇاڻ جي ايجنڊا سانڍيندڙ نهايت علم پرايل ٽيڪنيڪل واگهه آهن اهڙي صورتحال هتان جي اٽڪل هر رهواسي کي وردي پهريل لبرل انگ جي ويجهو پهچائي چڪي آهي ٻه مهينا پهريائين 6 سيپٽمبر جي جشن کي ياد ڪجي بنگلاديش هجي يا انڊيا اسين پاڻ سياست سان واسطو رکندڙن کان سرس دانش ۽ ادب سان لاڳاپيل فردنشاني تي آهن هن ليک جي شروعاتي حصي ۾ ڍاڪا ۾ پيش ايندڙ وارداتن جي ذڪر ڪرڻ جو مقصد پڙهندڙ کي اها واٽ ڏيکارڻ ڄاڻجي رڳو ننڊ ۾ نه شام عراق افغانستان جي ساڳي وارتا سڻجي پاميرا جي مها آرڪيالوجسٽ کان وٺي قندوز جي اليڪٽرانڪ اينڪ عورتن تائين هو هر ان انسان جي رت جا پياسا آهن جيڪو روشني جاڳرتا جي ڳالهه ٿو ڪري .

انتهاپسند مسلمان يا هندو هجي هنن جي ارادي جي هڪجهڙائي ڀوائتو لقاءُ پسجي جن ٽن چئن رياستن ۾ اڄ اسان رهون ٿا انڊيشو آهي ته اهي ايندڙ سمئه وڏي مانڏاڻ ۾ هونديون لبرل ازم ۽ سيڪيولر سوچ جو تصور به ڪاريهر مٿان ٻرانگهه برابر نتيجا ڏيندي ملندو نالي ۾ نهال لبرل سيڪيولر نيشنلسٽ ۽ ٻين غير دينياتي نان ٿيو سافيڪل لاڙن جي پالنا ڪندڙ صاحبن کي اي ايف پي جي مٿي ترجمو ڪيل نيوز اسٽوري ۾ پنهنجو انجام چٽيءَ ريت ڏسڻ کپي راوي خود کي کانئن جدا صفا نه ٿو ليکي عام خلق جو فڪر اجايو آهي هوءَواءَ جي رخ سان ڊوڙڻ شروع ڪندي منجهن لڪل بگهڙ نڪري نروار ٿي بيهندو توهان تي ۽ پڻ مون مٿان سو پاڙيوارو ڪات اٿوڪرڻ ۾ دير نه لڳائيندو جنهن کي آرام پهچائڻ خاطر اسين زور ڏيندا رهيا آهيون رات الاهي ٻاٽ ٿي چڪي تدارڪ ڪوئي نه آهي لبرل سيڪيولر ۽ هانيشنلسٽ همراهه پنهنجا ڪيتا ڏيندا غور ڪبو ڳوڙهو ويچاربو ته داعش ۽ شوسينا سندا راڪاس هنن جي ناڪامي جا اهڃاڻ آهن صدمو برابر ٿئي ٿو پر بنگلاديش ۽ سندس پاڙيسري ملڪن ۾ آزاد خيال ارواح جنهن عتاب هيٺ آهن اهو هڪ طرح سان لبرل سيڪيولر ۽ نيشنلسٽ ويندي مار ڪسي ڏاهپ جي ڪڌائپ تي مبني ڪرتوتن جو منطقي انجام آهي لوڪ کي مذهب آڌاريل فڪر ۽ اخلاقيات تان هٿ کڻڻ جو چوندا رهيا هنن سامهون متبادل سماجي قدرن جا هاڪاري مثال ڪين ٿي بيٺا البت بشري ڪمزوريون کاٻي ڌر جي سڃاڻپ رهيون سوسائٽي ڪاڻ آدرشي انصاف جو قسم نامو ڪلهي کڻي گهمندڙ پنهنجي ڪنهن هڪ ويجهي رشتي سان نياءُ شايد ئي ڪري سگهيا هجن پوءِ پڻ منجهائن هر هڪ بغاءَ روشني جو مينار ڄاڻجي ڪک پن ٿي اڪيلا مارجي رهيا آهن افسوس ته جيڪي سلامت آهن انهن جو وارو ايندي دير ڪانه لڳندي اسلامي ويڙهاڪ يا هندو سفاڪ ننڍو کنڊ تاريخ جي اونداهي موڙ طرف وڌي رهيو آهي کيس روڪڻ هاڻ ممڪن نه ٻوجهو ترياق ڪوئي ناهي.

پبلڪ اوهان سان ڇا لاءِ بيهي عوام ڏنڊي بردار ٽولي جا گڻ ڳائيندو ملي سدائين هونءِ به نئين دهلي جي پارليامينٽ بلڊنگ آڏو ڪانگريس جي مک قيادت کي ڌرمي ڪروڌ مخالف مظاهري ۾ نهاري ڪاوڙ کان سواءِ ٻيو ڪواحساس نه جاڳي ورهين تائين هو انڊيا جي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ رهيا اقتدار ملڻ شرط ڏوڪڙ ميڙڻ سندن پهرين ۽ آخري ترجيح رهي نعرو سوشل جسٽس جو ٿي لڳايائون ۽ مصروف ڀڀ ڀرڻ ۾ رهيا ڀارت اندر سهپ ڀري ماحول جي غير موجودگي جا سڀ کان وڏا ذميوار اتان جا سيڪيولر ۽ لبرل عنصر آهن ساڳي ڳالهه بنگلا عوامي ليگ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ افغانستان سميت علائقي جي مڙني ملڪن جي مارڪسوادي ڌرين لاءِ لکجي ٿي جن کي پاڻ غير مذهبي نيشنلسٽ تنظيمون ٿا ڪوٺيون انهن ساڻ هٿياربند ڏوهاري گروپ سلهاڙيل پسجن جنهن خلا کي اڄ الهام جي جهنڊي هيٺ انتهاپسندي پر ڪري رهي آهي سو سچ به ته الحاد جي حامي فڪر جي پوئلڳي ڪندڙن پاران ڇڏيل پروڙجي ڏکڻ ايشيا ۾کاٻي ڌر چورائيندڙ وري ڪنڌ کڻي نه سگهندا رليجن جي سهاري ڪات ڪهاڙا کڻي ايندڙ ڪاهيندا اچن هر طرح جي نتيجي سان منهن سامهون ٿيڻ واسطي تياري وٺجي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *