هوبارٽ ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا  اڳيان بيوس

هوبارٽ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽِيسٽ ميچ ۾  ويسٽ انڊيز ٽيم براوو جي ناٽ آئوٽ 94 رنسن کانپوءِ به ميچ ۾ مشڪلاتن جو شڪار.هڪ موقعي تي ويسٽ انڊيز ٽيم جا 6 رانديگر 116رنسن تي پوئتي موٽي ويا هئا،پر ان کانپوءِ ڊيرن براوو شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي ٽيم جو اسڪور 207 رنسن تائين پهچايو،ان وقت ديرن براوو 94 ۽ ڪيمروچ 31 رنسن تي بيٺا هئا.ان کان پهريان  آسٽريليا  3 وڪيٽن جي نقصان تي 438 رنسن تان پنهنجي اننگ ٻيهر شروع ڪئي،ته واگ 174 ۽ شان مارش 139 رنسن  تي ناٽ آئوٽ هئا،جڏهن اسڪور 583 تي پهتو ته آسٽريليا اننگ ڊڪليئر ڪئي.واگ پنهنجي ڪيريئر جي بهترين راند کيڏي ۽ 269 ناٽ آئوٽ رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مارش 182 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.ويسٽ انڊيز پاران ويريڪن 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *