نفس تي ضابطو رکڻ جو مهينو: ساگرسنديلو

رمضان جو مهينو شروع ٿي چڪو آهي ۽ سموري دنيا ۾ اربين مسلمان ان مهيني جو وڌ کان وڌ لاڀ پرائڻ لاءِ تيارآهن. سموري دنيا جي مسلمان ملڪن ۾ اهو رواج آهي ته رمضان المبارڪ دوران شين جا اگهه گهٽ ٿيو وڃن، ماڻهو تقويٰ ۽ پرهيزگاري جو دڳ وٺن، نيڪي جو ڪو موقعو هٿان نه وڃائين، پر پاڻ وٽ دستور الٽوآهي.

پاڻ وٽ رمضان جي مهيني کي ڪمائي جو مهينو ڪري تصور ڪيو ويندو آهي، خاص ڪري واپاري طبقو هن مهيني ۾ خوب پنهنجون تجوريون ڀريندو رهيو آهي ۽ اهو سلسلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي. جيڪي کائڻ پيئڻ جون شيون هينئر 10 روپيا ڪلو هجن سي رمضان دوران وڃي 50 روپيا ڪلو تي پهچن، ويتر عام واپارين دڪاندارن جي حالت اڃا خراب. ماڻهو جهڙو بلڊ پريشر جا مريض ٿيو وڃن ڳاله ڳالهه تي هڪ ٻئي مٿان لٺيون اڀيون ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا. خدا ترسي غائب ٿيو وڃي، جيڪا رشوت ٻين مهينن ۾ هٿو هٿ وصول ڪئي ويندي آهي سا هن مهيني ۾ وري راشي ڪرپٽ ڪامورن جي کيسن ۾ وجهڻي پوندي آهي جو هو هن مهيني ۾ هٿ ۾ ڪا رشوت جي شيءَ کڻڻ پسند نه ڪندا آهن. هڪ پاسي کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيو وڃن ته ٻئي پاسي وري لٽو ڪپڙو به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندو آهي، اڃا اتي ئي بس ٿئي ها ته ٿئي ها پوليس جا ٻئي سرشتا ڪاري وردي وارا ۽ اڇي وردي وارا هن مهيني ۾ ڪنهن وٽ پنج روپيا به وٺڻ کان عار محسوس نه ڪندا آهن جو کين عيدي کپندي آهي. حڪومت مختلف شين تي ايتري سبسڊي ڏيندي آهي جو سبسڊي کي به شرم محسوس ٿيندو آهي. ايتري ۾ غريب غربي جي حالت اهڙي ٿيو وڃي جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر.

جئين مون مٿي بيان ڪيو ته دنيا جي خاص مسلمان ملڪن جهڙوڪ انڊونيشيا ملائيشيا، سعودي عرب، ايران، خليجي ملڪ وغيره هن مهيني ۾ خاص رعايتون ڏيندا آهن ايتري تائين جو ون گيٽ ون فري جهڙيون اسڪيمون متعارف ڪرائيندا آهن ، پر اسان وٽ اهڙي صورتحال نه ٿيندي آهي.

ان کان پُوءِ جيڪو سڀ کان وڏو غلط رجحان پاڻ وٽ پرائيويٽ چينلن جي ڪري پيدا ٿيو آهي سو آهي رمضان جي فل ڊي نشريات جنهن ۾ صبح جو 12 کان ويندي شام جو افطاري تائين توهان کي مختلف قسمن جا پڪوان چينلن تي شيف تيار ڪندي ملندا ۽ اهڙي ريت سڄو ڏينهن روزائت جي نفس کي کاڌي ڏانهن راغب ڪرڻ جهڙو گناهه ڪندا رهندا آهن. ان سان گڏ مختلف مشروبات جي اشتهارن ۾ توهان ٻڌندئو ته فلاڻو يا   ٽيرو مٽيرو مشروب استعمال ڪرڻ سان توهان کي روزي جي اڃ محسوس ئي نه ٿيندي. ۽ اهڙا اشتهار جوڙڻ وقت ان ڳالهه کي پوري ريت نظر انداز ڪيو ويندوآ هي ته آخر روزي جو مقصد ڪهڙو آهي؟ جڏهن روزي جو مقصد ئي بک ۽ اڃ جي شدت کي محسوس ڪرڻ آهي ته پوءِ ان شدت کي گهٽائڻ وارا بهانا ڇا لاءِ جوڙيا ويندا آهن؟

سو ضرورت ان ڳالهه جي رهي ٿي ته حڪومت رمضان دوران مختلف شين جا اگهه گهٽائي عوام کي ترت رليف فراهم ڪري، ان سان گڏ   ملٽي نيشنل ڪمپنيون روزي جي افاديت کي گهٽائڻ وارن هٿ ڪنڊن کان پرهيز اختيار ڪن، ٽيون ماڻهو پنهنجي نفس کي قابو ۾ ڪندي پاڻ به نيڪي جي حقيقي طلب کي پهچن ۽ نيڪي کي نيڪي ئي سمجهن نه ڪي ٿورو ڪندي نظر اچن. خاص ڪري هيٺين ڪلاس جي ماڻهن کي ان مهيني دوران وڌ کان وڌ ا مداد ڪئي وڃي ته جئين خدا جي مخلوق به ڪجهه حاصل ڪري سگجهي. پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ تي هر ممڪن ضابطو رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي . پيسن جي لالچ ۾ اهڙن پروگرامن کي سڄو ڏينهن نه هلايو وڃي جيڪي نفس کي ورغلائڻ جا مرتڪب ٿيندا هجن ۽ جن سان روزي جي افاديت کي نقصان رسڻ جو امڪان ٿيندو هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *