کيرٿر جون چوٽيون لڙڪ پيون لاڙين..!!: عبدالغفار چانڊيو/خيرپور ناٿن شاهه

ڪاڇي جا ڏکايل ماروئڙا لڏپلاڻ ڪري بئراجي علائقن جو رخ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڪجهه ماروئڙا اڃا پنهنجي ڀٽن تي ويٺل آهن، ۽ پنهنجو داستان ڪجهه هن طرح ٻڌائن ٿا ته جڏهن تل ترائين ۽ کيرٿر جبل جي لڪن تي حرڻ ڦُاڙها قطارون ڪري پنهنجي اڃ اجهائڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا، جتي ڪوئل ۽ ٻين پکين جون مٺڙيون ٻوليون ٻڌي دل کي فرحت ملندي هئي، اتي اڄ جانورن جي لاشن جا ڍانچا، مري ويل جانورن جون سُڪل ڄنگهيون ۽ وکريل کنڀ نظر اچي رهيا آهن، ساوڪ ڀرين پٽين تي خوفنڪاڪ هوائن جون لهرون رات جي اونداهي ۾ بيمار ۽ بکايل ماروئڙا ڏٻريل جانورن ۽ پکين جيان سڪي ۽ سڙي رهيا آهن، پر ڪو  به هن دردوندن جو دارون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اڄ کيرٿر جون چوٽيون پنهنجي عظمت تي فخر ڪرڻ بدران پنهنجي بدحالي تي لڙڪ لاڙي رهيون آهن،

اڄ ڪاڇي امڙين جون دليون بکين ۾ پاهه پنهنجي جگر جي ٽڪڙن جو زندهه لاش ڏسي پاڻ به لاش ۾ تبديل ٿي ويون آهن، هڪ طرف موت جو فرشتو ڪاڇي جهر جهنگ ۾ ڪاهي پيو آهي، ته ٻئي طرف ڪاڇي جي جبلن مان نڪرندڙ قدرتي ۽ مهنگي گئس ۽ تيل جي مالڪي ڄمائڻ اقتداري ڀوتارن جا محل پيا ٺهن، جتي ڪُتن، گهوڙن ۽ اٺن جي ناشتي لاءِ لکين روپيا خرچ ٿي رهيا آهن، اتي ڊسپرين ٽڪيون نه ملڻ سبب ڪاڇي جي امڙين جي هنجن ۾ انهن جا معصوم ٻچڙا سڏڪي سڏڪي مري رهيا آهن،

اسان جي سنڌ سرڪار ۽ خيرپور ناٿن شاهه جا چونڊيل نمائنده بک ۾ پاهه مظلوم ماروئڙن تي ڏک ۽ افسوس ڪرڻ بدران اهيو چئي رهيا آهن ته ڪاڇي ۾ ڪنهن به قسم جو ڏڪار ناهي، سوال اهيو ٿو اٿي ته ڇا ڪاڇو پاڪستان ۾ شامل ناهي يا اتي ماڻهو مرگه نه ٿا رهن، ڇا انهن جي جسم ۾ روح ناهن؟؟ نه يقينن ائين نه هجي ها ته سنڌ سرڪار ۽ خيرپور ناٿن شاهه جا چونڊيل نمائنده، خيرپور ناٿن شاهه جو والي وارث سڏرائيندڙ ڪوڙن بيانن، ڪوڙن دلاسن کان هٽي ڪري عملي طور انهن بيوس ۽ لاچار ماروئڙن جي مالي توڙي اخلاقي ۽ سماجي خدمتن لاءِ اڳتي اچن ها، سنڌ حڪومت خيرپور ناٿن شاهه جي ڪاڇي جي 24 ديهن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ۽ مالڪي جي دعويٰ ڪئي، اهي دعوائون ڪيڏانهن ويون؟؟ شايد حڪومت ۾ ويٺل ۽ خيرپور ناٿن شاهه وڏيرا ايترا ته غريب آهن جو اهي ماروئڙن لاءِ ايندڙ امدادي ڪڻڪ ۽ مال جو چارو به سياست ۾ ڪم آڻين ٿا انهن تي وڏيرن کي راضي ڪن ٿا، ڀوتارن ۽ ڪمدارن ۽ چونڊيل نمائندن جا پيٽ شايد شگر مل جي بوائلرن کان به وڏا آهن، جيڪي ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندا، ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته جنهن جو جيترو پيٽ، اوتري بک وڏي… ڪاڇي واسين کي سنڌ حڪومت ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي چونڊيل نمائندن جيڪي پٽڪا ٻڌرايا، اهي ڪنهن کان به لڪيل ناهن، اهو وقت جلد ئي ايندو، جڏهن اقتداري جنون ۾ مست حڪمرانن کي انهن رٿين اڳيان وڃڻو پوندو، ۽ انهن ڪاڇي جي ماروئڙن جي دلين پڄرندڙ ڪاوڙ ۽ نفرت کان بچڻ گهرجي، جڏهن اها ڪاوڙ ڪروڌ بڻجي آتش فِشا جيان ڦاٽندي ته ان غضب کان وڏيرا بچي نه سگهندا،

`ڪاڇي واسين جو سپريم ڪورٽ ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي گذارش آهي ته ڪاڇي جي مسئلن بابت پنهنجين اکين تان ڪاريون پٽيون لاهن ۽ پنهنجي پاور جو صحيح استعمال ڪندي پنهنجي فرض کي نڀائيندي اسان سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر جو انصاف ڪن، ته جيئن اڄ جي انسان کي انسانيت کان شرمندو نه ٿيڻو پوي..شل ڪاڇو سلامت رهي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *