نبيل گبول جي واپسي پ پ لاءِ سٺو قدم ثابت ٿيندي .؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان جي سياست اندر اليڪشن جو وقت جئين جئين ويجهو اچي رهيو آهي،تئين تئين سياسي پارٽين جا ڪارڪنن جو هڪ کان ٻئي پارٽي ۾ اچڻ ۽  وڃڻ جو سلسلو به شروع ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته هن وقت پ پ اندر سياسي اڳواڻن جي اچڻ جو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي،پاڪستان پيپلز پارٽِي کي الواع ڪندي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت ڪندڙ نبيل گبول هڪ دفعو ٻيهر يوٽرن ڪندي ايم ڪيو ايم کي ڇڏي ڪري واپس پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري چڪو آهي.ايم ڪيو ايم ۾ شموليت ڪندڙ نبيل گبول کي ڪو وڏو عرصو به نه ٿيو هو جو هن پ پ کي ڇڏي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت ڪئي وئي پر آخرڪار هن جي زبان مان سچ نڪري ويو ته ايم ڪيو ايم اندر کيس جان مان خطرو آهي،پر هڪ اهو به سوال آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي پرڪارن جي نبيل گبول کي خبر به هئي ته پوءِ هنُ پ پ ڇو ڇڏي ڏني هئي ۽ انهي پارٽي ۾ ڇو شموليت ڪئي جنهن مان کيس جان کي خطرو آهي،پر خير جڏهن ڪو ڪارڪنن کان ڳواڻ پارٽي ڇڏيندو آهي ته انهي پارٽي ڇڏڻ جو ڪو ڪارڻ ضرور ٻڌائيندو آهي انڪري شايد بنيل گبول پنهنجي زبان مان سچ ٻاهر ڪڍي ڪري اصل ڪارڻ ٻڌايو ته کيس ايم ڪيو ايم مان جان جو خطرو آهي،پر خير هو ڪيتري عرصي کان ايم ڪيو ايم کان به ڪنارو ڪري چڪو هوُ،پر هاڻ اها ايم ڪيو ايم به ناهي رهي جيڪا پوري ڪراچي تي حڪمراني ڪندي هئي،جنهن جا ليڊر لکين ووٽرن جي ليڊ کان پولينگن تان اليڪشن کٽيندا هئا،۽ 25 کان 30هزار ووٽ ته هوُ گهر کان کڻي نڪرندا هئا،پر هاڻ انهي پارٽي جي عهديدارن جو چڱو خاصو حصو جن ۾ ايم پي اي ، ايم اين اي،سينٽر ۽ هاڻ بلدياتي اليڪشن اندر منتخف ٿيندڙ عهديدارن آهن، جيڪي هن وقت فاروق ستار جي قيادت ۾ ڪم ڪري رهيا آهن،پر انهن جو به اهو ئي چوڻ آهي ته اصل ايم ڪيو ايم اها ئي آهي جيڪا پاڪستان سڏرائي ٿي،جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو هڪ وڏو ڌڙو پڻ ايم ڪيو ايم کان ٽٽي ڪري پاڪ سرزمين پارٽِي ۾ شامل ٿي ويو آهي،جن نه رڳو ايم ڪيو ايم پارٽِي ڇڏي به پنهنجن عهدن تان استفي ڏني ۽ اليڪشن ۾ به حصو به ورتو شايد هوُ اڳين اچڻ واري اليڪشن جي تياري ۾ آهن،

جڏهن ته پاڪ سرزمين پارٽِي به اچڻ واري اليڪشن تي تياري ۾ آهي،جڏهن ته گذريل پاڪ سرزمين پارٽي جو اڳواڻ مصطفي ڪمال ۽ فاروق ستار ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيڻ واري اجلاس اندر گڏ اچي رهيا هئا.جڏهن ته اها گڏ آيل تصوير وڏي بحث جو مرڪز بڻي هئي،پر ائين به ناهي سياسي پارٽين جي اڳواڻن جا اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن ته هوُ ڪنهن پارٽِي يا اجلاس ۾ ملندا آهن ته سندس رنجشون شايد ختم ٿي وينديون آهن،پر مصطفي ڪمال ۽ فاروق ستار ٻئي ڄڻا هڪ ئي پارٽي سان تعلق رکندڙ هئا جنهن پارٽِي جو نالو ايم ڪيو ايم هو پر فاروق ستار اڃان به ايم ڪيو ايم مان اميدون رکيو اچي ۽ مصطفي ڪمال پنهنجي پارٽي پاڪ سرزمين پارٽي ٺاهي ڇڏي آهي، ۽ ٻنهي ڄڻن جي بلدياتي الڪيشن کٽڻ ڪري ڪراچي جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملي چڪو آهي،فاروق ستار ڪراچي جو ميئر ٿيو ته وري مصطفي ڪمال جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ڪراچي جو ناظم ٿيو،۽ اهو به وقت هو جڏهن لاهور جي ڪنهن جلسي اندر ٻنهي ڄڻن کي گڏ ويٺل ڏيکاريو ويو هو،ان وقت ايم ڪيو ايم لاهور اندر پنهنجو هڪ سينٽر کولڻ آئي هئي ۽ ان وقت لاهور اندر اهو لطيفو به عام ٿي ويو ته پنجاب اندر ايم ڪيو ايم نه هلندي وجهه اها ٻڌائي وئي ته ماڻهو پارٽِي ڇڏيندا رهندا آهن ۽ ٻين پارٽين ۾ شموليت ڪندا رهندا آهن،جڏهن ايم ڪيو ايم جو هڪ نعرو عام هو ته(جيڪو ليڊر جو غدار آهي اهو موت جو حقدار آهي،انڪري شايد ان وقت پراڻي دور اندر شايد اهڙا حالات هجن جو ليڊر جي غدار کي موت مليو هجي پر مان سمجهان ٿو ته هاڻ وقت گهڻو بدلجي چڪو آهي،جڏهن وقت بدليو ته مصطفي ڪمال لنڊن ۾ وڃِي ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن تي اڄ به هوُ قائم آهي،جنهن پريس ڪانفرنس اندر هن نه رڳو ايم ڪيو ايم کي الواع چيو ته پر پنهنجي هڪ پارٽِي به ٺاهي جنهن جو نالو هن پاڪ سرزمين پارٽِي رکيو،ان وقت ايم ڪيو ايم آفاق احمد جي سربراهي ۾ پاڪستان اندر ڪم ڪري رهي هئي،جنهن کي سموريون هدايتون لنڊن مان ملي رهيون هنيون،پر هوُ پنهنجي محنت جو دعوي به ڪري رهيو هو،برحال اها ته هاڻي اڳئين اليڪشن ۾ ئي خبر پوندي ته ڪير ڪيتري محنت ڪري رهيو هوُ،برحال هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽِي جي الوادع ڪندڙ نبيل گبول هڪ دفعو ٻيهر پ پ ۾ اچي ويو آهي،جنهن مان اها ڳالهه ته صاف ٿي وئي آهي ته ايم ڪيو ايم هاڻي ايم ڪيو ايم ناهي رهي،جيڪي مهاجرين جي نالي تي ووٽ وٺندا هئا انهن جو هاڻي مڪمل زوال اچي چڪو آهي،۽ نبيل گبول کي به اها پڪ آهي ته ايم ڪيو ايم جو زوال آهي ۽ کيس لياري مان پ پ جو ٽڪيٽ ملڻ جي اميد آهي،انهي ڪري بنيل گبول پ پ ۾ واپسي ڪئي آهي،ڇو ته نبيل گبول کي اها به خبر آهي ته پ پ کانپواءِ ڪراچي ۾ ٻئي ڪا به اهڙي جماعت ناهي جيڪا لياري مان اليشڪن کٽي سگهي،ٻئي پاسي حنارباني کر جي باري ۾ اهو ئي ٻڌايو پيو وڃِي ته هوُ پ پ ڇڏي رهي آهي،۽ تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪري رهي آهي،جڏهن ته حنا رباني کر اڃان تائين ڪو به واضع بيان نه ڏنو آهي، باقي اهو چيو وڃِي پيو ته هوُ پنهنجي چاچي غلام مصطفي کر کانپوءِ شايد پ پ ڇڏي ڪري تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪري،جڏهن ته حنا رباني کر جيڪڏهن  تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪري ٿي ته پوءِ تحريڪ انصاف اندر ٻن سابق وزير خارجه جو اضافو ٿي ويندو،انکان پهرين شاهه محمود قريشي به تحريڪ انصاف ۾ آهي ۽ خورِشيد محمود قصوري به تحڙيڪ انصاف ۾ آهي ۽ غالبائن سردار آصف احمد به تحريڪ انصاف ۾ آهي،انڪري پوءِ چار سابق وزيرخارجه تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويندا ۽ گڏ هوندا،جيڪڏهن پارٽِي ڪنهن به وقت اقتدار ۾ آئي ته کين وزيرخارجه جي چونڊ ڪرڻ ۾  ڏکائي نه ٿيندي،برحال ڳالهه نبيل گبول جي هئي انڪري هن وقت نبيل گبول ايم ڪيو ايم ڇڏي ڪري پ پ ۾ شامل ٿيو آهي جنهن مان اها ڳالهه صاف ظاهر ٿي آهي ته پ پ هاڻي جيڪو به وقت اچي رهيو آهي شايد اهو وقت پ پ لاءِ سٺو ثابت ٿي،

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *