ناانصافين جي  گهاڻي ۾پيڙجندڙ  غريب  عوام  جي  ڪير  ٻڌندو: اصغر ملاح

هو  ڏينهن  خالي نه آهي  هر  روز اسان  جي  سنڌ جي  عوام  جو  ڪرپشن ۽ پاڻ سان ٿيندڙ  ناانصافين  خلاف  احتجاج  نه  ٿيو  هجي جيئن  ته قدرتي وسيلن تيل گئس ڪوئلو ۽ ٻين  معدنيات سان ملا مال سنڌ جي  هزارين  عوام بک  ۽  بي  زورگاري  جو  شڪار آهن سنڌ جيڪا ماضي ۾ خوشحالي  سخاوت ۽ سونهن  سبب دنيا ۾ مشهور هئي، سو هاڻ  دردن جو  ديس بڻجي وئي آهي جنهن جي سڃاڻپ  هان  ڏکن  ۽ سورن  جي ڌرتي  طور  ٿيندي پئي وڃي هونئن ته عوام کي  تحفظ ڏيڻ وقت جي حڪومت جي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو. سنڌ حڪومت جي بي ڌياني  بي حسي ۽  لاپرواهي  عوام  کان بنيادي  سهولتون بر وقت انصاف  پري ڪري ڇڏيو آهي سنڌ  واسين لاءِ ننڍا شهر  هجن توڙي  وڏا  شهر هجن بجلي. گئس پاڻي  تي غريبن  لاءِ ڄڻ اڻ لڀ  ٿي ويا  آهن ٻئي طرف واپڊا عملدارن بجلي  جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري  ماڻهن جو جئيڻ  جنجال  ڪري ڇڏيو آهي سنڌ جي  ٻين  ضلعن جيان دادو ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشينگ جاري آهي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪرڻ واپڊا کاتي جي عادت بڻجي وئي آهي راشي عملدارڪلاڪن جا ڪلاڪ ناجائز لوڊشيڊنگ ڪري ڪرپشن  جي بازار گرم ڪئي آهي واپڊا جي ايس ڊي اوز ۽ لائين سپرنٽينڊنٽس ڪرپشن ذريعي مال ميڙن جا نوان طريقا ڳولهي ورتا آهن ۽ صارفين کي  ڳرا بل موڪلي ڳجهه ڳوهه ۾ لکين  رپيا رشوت  وٺي غير قانوني  ڪنيڪشن ڏئي بجلي وڪرو ڪرڻ جا الزام لڳاندا رهيا آهن مقرر ٿيل ڪامورن ۽ واپڊا جي عملي جي مهربانين سان سالن کان لاتعداد غير قانوني ڪنيڪشن آهن جن ۾ سوين ڪاروباري ڪنيڪشن ايئرڪنڊيشن جا ڪنيڪشن مختلف ٽيوب ويل جا غير قانوني ڪنيڪشن ڏئي مقرر ٿيل عملو هر ماهه غير قانوني لکين روپيه بنا ڪنهن ڊپ ڊاءِ جي وصول ڪرڻ  جا  الزام  لڳندا رهيا آهن جڏهن ته غير قانوني ڪنيڪشن تي صرف ٿيندڙ يونٽن جو پوراءُ ڪرڻ لاءِ شهر سميت آس پاس جي ڳوٺن ۾ روزانو هٿرادو غير قانوني لوڊشيڊنگ معمول بڻيل آهي سنڌ جا  اڪثر  غريب  ماڻهو  هڪ  ويلو  ماني  جا   پئسا   ڪمائڻ  لاءِ  پريشان  هوندا  آهن ٻيو  بجلي  لڀي ئي نه.  ته  پوءِ اهي واري  مهانگائي واري  دور ۾  بجلي  جا بل ڪيئن  ادا ڪن. سنڌ  ۾ اغوا  هڪ انذسٽري  بڻيل رهي آهي.

هڪ  اهڙو  منافعي بخش  ڪاروبار  رهيو آهي  جنهن  کي  هلائڻ  وارا هٿ وڏا  باثر  هٿ  آهن سنڌ ۾ ماڻهن کي  اغوا ڪرڻ  جون  وارداتون سالن کان ٿينديون  رهيون آهن  ڌاڙيلن پاران ماڻهن  کي  اغوا  ڪرڻ  ۽  پوليس  پاران  ٽيا ڪري ڪري  مغوي  بازياب  ڪرائڻ  جا  واقعا  به اليڪٽرانڪ  ۽ پرنٽ ميڊيا سامهون ايندا رهيا آهن  هر روز اخبارن ۾ پڙهون ٿا ٽي وي تي ڏسون ٿا. سنڌ  ۾  جيڪي  ماڻهو  هن  وقت  اغوا  ٿيل  آهن انهن  جي  گهرن ۾ماتم  متل  رهي ٿو ٺل  جي  فضلا سرڪي  کي  پنهنجي  والدين  کان  وڇڙي 8  سالن کان  مٿي  عرصو  گذري  چڪو  آهي  پر  ان جي  باوجود  نياڻي  جو  پتو  پئجي  ناهي  سگهيو  توڙي  جو ان  ماءِ  ۽ پيءِ  پنهنجي  جگر  جي  نڪري  جي  بازيابي لاءِ  ڪيئي  ڀيرا پاڪ  ڪتاب کڻي وقت جي  حڪمرانن  اڳيان  دانهون  ڪو ڪو ڪري انصاف  لاءِ  ٻڪاري ٻڪاري  ٿڪجي پئي آهي  پروريو ڪجه به نه آهي سنڌ  جي  اصل  رهواسين  سان  نانصافي  آهي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته سنڌ  رهندڙ  اقليتي  ماڻهو  جن  ۾  اڪثريت  هندو سنڌين  جي  آهي  سي عدم  تحفظ ۽  عدم  سلامتي  جو  شڪار. آهن  جنهن  ڪري   سنڌ  ۾ اقلتين  جي  حقن  جي  تحفظ   جي  سخت  ضرورت  آهي سنڌ   اسيمبلي   مان  بل  منظور ٿيڻ  کانپوءِ  زوري  مذهب  مٽائڻ  زوري  شادين ڪرائڻ  سميت  ٻيا به  کوڙ سارا  اقليتي  برداري جا مسئلا  حل ٿيندا جلد  کان  جلد  هن  بل  کي اسمبلي  مان  پاس  ڪرايو  وڃي سنڌ جو عوام پنهنجو امن ۽  خوشحالي  وارو  پيغام  برقرار رکي  سگهي هڪ طرف سنڌ جي عوام ۾ بک  بي روزگاري غربت بيماري غريب عوام جو ڄڻ مقدر بڻيل آهي ٻئي  طرف سنڌ  جو  ماڻهو  ڏينهون ڏينهن غريب  ته  غريب  تر  ٿيندو پيو وڃي عوام کي  چوندي ڏٺو ويو آهي.انهي  جو  هڪ  وڏو  سبب  ملڪ  ۾  شين  جي  اگهن  تي  چيڪ  اينڊ بئلنس  جو  هجڻ  نه آهي روز مرهه  جي  شين  جا  اگهه  رات   جي پيٽ  ۾  وڌي  وڃن  ٿا جن  غريب  ماڻهن  جي  دردن  کي  وڌيڪ  سوايو  ڪري  ڇڏيو  آهي. انهن  وڏو  نفعو  ڪمائيندڙن  واپارين  کي  ڪو  به  پڪڙڻ  وارو  ڪونهي. وفاقي  حڪومت  پاران  پئٽروليم  منصوعات  جا  اگهه  گهٽايا وڃن ٿا  پر حقيقت ۾ ته  تيل  جا  گهٽ  ٿيندڙ  اگهه  سنڌ  جي   غريب  عوام  لاءِ  بي  لاڀ  بڻيل  آهي ان  ڪري وفاقي  حڪومت  توڙي  صوبائي  حڪومت  کي  فوري  طور  تي  پئٽروليم  مصنوعات  جي حوالي  سان  گهٽ  ٿيل  اگهن  جو  فائدو  سنڌ جي  عوام  کي  ڏيارڻ  لاءِ  ڪي  اهڙا  اپاءِ  وٺن  گهرجن  جنهن  سان  غريب  عوام کي  کاڌي پئتي جي روزمره  جي  شين  جي  اگهن ۽  ٽرانسپورٽ ڀاڙن  ۾  ٿيندڙ واڌ  جو بار  گهٽجي  سگهي  ۽  سنڌ جو  غربت  عوام جمهوري حڪومت ۾  به  ڪو  سک  جو  ساهه  کڻي  سگهي عوام کي چوندي  ڏٺو ويو آهي ته. دنيا  ۾ سياست  ۽  حڪومت  ملڪ  جي  ترقي ۽ انسان  جي  ڀلائي  بهتري  لاءِ  ڪئي  ويندي  آهي وقت به وقت پرنٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اڳيان سنڌ  جي عوام عوامي ميڙن ۾ چوندي ڏٺو ويو آهي ته  ملڪ جي تاريخ ۾ وڏو عرصو ملڪ ۾ آمريت رهي آهي عوام جو چوڻ آهي ته آمريت کان سو ڀيرا جمهوريت بهتر آهي ان کان  عوام  کي  انڪار  نه آهي عوام  کي  افسوس  ان  ڳالهه تي  آهي  اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه خاندان عوام تي حڪومت  ڪرڻ  پنهنجو فرض سمجهن  ٿا  اليڪشن ۾  عوامي  جلسن  ۾ سياستدانن  دعوائون  ڪيو  هيو ۽ سندن  اليڪشن ۾ منشور رهيو ۽ عوام  کي  چيو  ويو ته عوام جي  ووٽن  تي  ڪامياب ٿي  سنڌ  خلاف  ٿيندڙ  ناانصافين جو ازالو  ڪندا بنا  فرق جي تعليم  يافت  نوجوانن  کي  نبا فرق  جي روزگار  عوام  کي  بنيادي  سهولتون  تعليم  صحت  امن ۽  عزت ۽ درن  تي  انصاف فراهم  ڪندا هر وقت جا حڪمران  هر دور وانگر اقتداري جا سال مهينا ڏينهن، پنهنجو سفر طئي ڪري وري ڪنهن ٻي اليڪشن تائين پهچي ويندا آهن عوام اتي جو اتي رهجي ويندو آهي سنڌ جي عوام  سالن  کان  انصاف  جي  اوسيئڙي ۾ لاتعداد قربانيون  ڏيون   آهن

دنيا  جي عظيم  شخصيت  شهيد  محترمه  بينظير  ڀٽو  جي  عظيم  قرباني  سميت  ملڪ  جي  عوام  جي  لاتعداد  قربانيون ڏنيون  آهن  تڏهن ملڪ ۾ 8 سالن کان جمهوريت قائم آهي سرڪار  پنهنجي  شروعاتي  دور ۾  جنهن  ڳالهه  تي  زور  ڏنو هو  اهو  ته  هو عوام کي درن تي  انصاف ۽  بيروگار،  تعليم  يافته  نوجوانن  کي  بنا  فرق جي روزگار  ڏيڻ  جون  ڳالهيون ڪيون  هيون  ۽ روزگار  ڏنو به  آهي سنڌ  جي عوام  لکين  اميدون  هيون  جن  مان اهي  اميدون  پوريون  نه ٿيون  جائز مسئلن  جي حل  لاءِ  بيروزگارن  کي  بنبا  فرق  روزگار تعليم  صحت  بنيادي  سهولتن عام ماڻهو جي  بروقت انصاف جي حاصلات  لاءِ  جيڪي  ڪوششون وٺڻ گهرجن ۽  بروقت  سندن جائز  مسئلا  حل ڪرڻ  گهرجن  اهي نه ٿيا  آهن جيڪي ٿيڻ  گهرجن ها اسان جي ملڪ جو سياسي ماحول  ڪڏهن سٺو رهيو  آهي  ته ڪڏهن خراب هميشه  سياسي صورتحال مان فاندو سياستدانن ۽ ڪامورا  شاهي کي پيو آهي ۽ نقصان سدائين هر دور ۾ عوام کي پيو  آهي گذريل ڏهن سالن  ۾ هن پسند  ڪامورن سرڪاري  فنڊن سان  جيڪي ڪلور ڪيا  آهن اهو  عوام  کان  هاڻي  ڳجها نه  رهيا آهن. ترقياتي ڪمن جي سرڪاري فنڊن مان ڪميشن هيٺان کان مٿي تائين حق بڻجي وڃي ته عوام جي مسئلن جو ڪو حل نه ٿو نڪري عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته اٽي لٽي ۽  اجهو جو نعرو  هڻندڙ پاڪستان  پيپلز پارٽي جي  حڪومت کي  وفاق  ۽ سنڌ ۾ اٺون  سال  هلي  رهيو  آهي  پر سنڌ  جي اڪثريتي  عوام  جنهن  پ پ  کي  ووٽ  ڏئي   اقتدار  تي  پهچايو  ان جي   پيٽ گذر  لاءِ  اٽو  ميسر  آهي  انگ  تي  نه  لٽو آهي  ۽  نه ئي  رهڻ  لاءِ  اجهو آهي   پر ان  جي  ابتڙ آهي  وزير  مشير  ايم  پي ايز ايم  اين ايز جيڪي  اڳ  ئي وڏي ٺٺ سان رهندا  هئا  انهن  جي  بئنڪ  بئلنس  ۽ ملڪيتن  ۾ چئوڻو  پنجوڻو  واڌارو  ٿي  ويو  آهي عوام  کي  چوندي ڏٺو ويو آهي ته  عوام لاءِ بنيادي سهولتون ۽ درن تي انصاف هڪ خواب بڻجي وڃي ناانصافين جو سلسلو تيز هجي اُن وقت ماڻهن جي قوت برداشت جواب ڏئي وڃي ٿي ڪرپشن ملڪ  جو وچڙندڙ  مرض بڻجي  چڪو  آهي  جيڪو  پهريان  سرڪاري  سطح  ۽  پاليسي ماهرن  توڙي عالمي   ادارن  طرفان  تسليم  نه  ڪيو  ويندو  هو  ۽  نه  ئي  ترقياتي  سڌارن۾ ڪرپشن  جي  خاتمي کي  ترجيح  ڏني  ويندي  هئي  هاڻي  عالمي  ادارن  تسليم   ڪري  ورتو آهي  ته  ڪرپشن  سڀ  کان  وڏو  مسئلو اهڙو  انڪشاف  فيڊرل   بورڊ  آف رينيو طرفان جاري  ڪيل  سالياني  رپورٽ ۾ پڌرو  ڪيو  ويو  آهي  دنيا  ۾  هاڻي  ڪرپشن کي وڏي  ۽ اهم  مسئلي  طور  تسليم  ڪيو  ويو  آهي. ڪرپشن  جي خاتمي  ۾  وڌندڙ  دلچسپي  جا مختلف  ڪارڻ  آهن  جنهن  جو  پهريون  ڪارڻ  هاڻي عالمي مالياتي  ادارن  طرفان  سڀ  کان  وڌيڪ  ڌيان  ترقياتي  امداد ۽  قرض  غربت  جي  خاتمي جي  حڪمت   عملي  ۽  پروگرامن تي  ڌيان آهي افسوس انهي  تي  آهي ته عوام جي رت  ۽ پگهر جي پورهئيمان پگهارون  کڻندڙ ۽ مراعتو  حاصل  ڪندڙن حڪمرانن ۽ سرڪاري ملازمن  ڪڏهن  به  پاڻ  کي عوام  جو خادم نه  پر حاڪم سمجهيو آهي جتي حاڪم ۽ محڪوم جو سوال اچي ٿو ۽  ٻين کي زير ڪرڻ  ۽ پاڻ  کي زبردست سمجهڻ  جي  ورايت جوڳ  خاتمو نه  آندو ويندو  تيستائين نه  سنڌ ترقي  ڪندي  نه وري سنڌ جو عوام خوشحال ٿيندو نه  ئي حقيقي  جمهوريت  قائم ٿي سگهندي عوام سمجهي ٿو ته هن  ملڪ ۾  عوامي پئسي سان  جيڪا راند  ٿيندي  رهي  آهي  ان جي رستا روڪ  تمام  ضروري  آهي ان لاءِ  اهڙي  اداري جو  هجڻ  لازمي  آهي  جيڪو  بنا فرق جي اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي  ڪري  جيڪي بي  قائدگين  ۾ ملوث  آهن  اها  ڳالهه  بلڪل  نه هجڻ  گهرجي ته جن  جي  حڪومت  اهي  پڇاڻن  کان  آجا  هجن  ۽  رڳو  خلق خدا حساب  ڪتاب  ڏيڻ  جي پابند  هجي پاڪستان صرف مراعتون حاصل ڪندڙ طبقي جي لاء ئي نه ٺهيو آهي پر پاڪستان کي انهي غريب عوام ٺاهيون آهي پر مراعتون حاصل ڪندڙ طبقو غريب عوام تي حڪومت ڪري رهيو ايندڙ  اليڪشن ۾ سنڌ جي عوام  پاڻ  سان  ٿيل  ذيادتين  جو  سوال  ضرور پڇندو

Email mallahasghar@gmail.com

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *