اسان خيالي دنيا جا بادشاهه آهيون !!: سعيد احمد مڱريو

خيال پرستي ۾ رهي هڪ  خوبصورت دنيا جو نقشو تيار ڪرڻ اسان جي هڪ عادت بڻجي چڪي آ اسان جا خيال وڏا  هوندا آهن وقت جي اچڻ کان پهريان اسان هڪ پنهنجي لاءِ محل تيار ڪندا آهيون ته جڏهن اينئن ٿيو ته ايئن ڪندس . اهڙا وقت پوءِ ڪي ئي گذري ويندا آهن  اسان اوهڙي جا اوهڙا ، اسان جڏهن پنهنجيون  اکيون بند ڪندا آهيون ته اتي اسان  جي خيالن ۾ جڙيل هڪ دنيا ڏاڍي خوبصورت ملندي آ جتي بهارون، محلاتون ، محبوب جا ٽهڪ ، پکين جو سريلو آواز  ، بارش جون بوندا بازي محبوب جو گڏ هجڻ پيو محسوس ٿيندو آ لڳندو ايئن آهي ته اسان جي زندگي  جا مقصد هاڻي سڀ پورا ٿي چڪا آهن هاڻي آرام واري وادي ۾ رهي ڪري ڪا سکون جي ننڊ ڪيون ،   پر جڏهن اک کلندي آهي ته پوءِ اسان هڪ نئين  دنيا ۾  جنم وٺهندا آهيون جتي اڻپوريون اڌوريون اميدون نطر اينديون آهن ، هيڪلائي پئي محسوس ٿيندي ، انڌهيرو پيو نظر ايندو ، زندگي جو وجود هڪ بند پنڃري ۾ ڪنهن پکي جيئان پئي لڳندو جتي هر شي جو ذائقو اڻوڙندڙ لڳندو . وري جڏهن بيداري جي اهڙي حال ۾ هوندا آهيون ته پوءِ عاشق بڻيا وک وک تي مجنون ٿيا گهمداسين هر گهٽي هر پاڙي ۾ ليلا پئي نظر ايندي . عشق جا قصيدا پڙهندا رهندا سين ادِي کي جن نه ڪن ادي کي عشق انڌو ڪري ڇڏيندو آهي .  رومانويت ۾ رهڻ اسان جي فطرت آ. اهڙي فطرت کي هاڻي  تبديل ڪرڻون پوندو جيئن خيالن کان نڪري اک کلندي آ ۽ ان وقت پنهنجي حال تي نظر پوڻ سان ئي پنهنجو وجود هڪ قيدي جيئان لڳندو آهي. اهڙي حال کان پوءِ جيڪڏهن پنهنجي حقيقت تي به ٿوري نظر ڦيري ڏسون ته اسان سماجي ، معاشرتي ۽ انفراسٽڪچر جي حساب سان  ٻين قومن کان گهڻو ئي پوئتي آهيون . ان پوئتي رهڻ جو سبب اهو آهي جو اسان جي دنيا اڃا خيالن ۾ ئي جڙيل آ ڪڏهن حقيقت ڏانهن قدم نه رکيو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ايهو محسوس تو ٿي ته اسان جو عڪس موجود آ پر اسان جي اميدن جو آئينو ٽٽل پيو نظر اچي . ۽ ها ايها  به حقيقت آهي ته هتي ڏکن ۽ سکن، راحتن، اميدن ۽ نا اميدن، خوابن ۽ تعبيرن جون سوچون هڪ انساني فطرت آهن جيڪي زندگي جو پڻ هڪ حصو آهن . پر جڏهن اسان شعوري زندگي ۾ ايندا آهيون ته پوءِ به جيڪڏهن اهڙي خيالن واري دنيا ۾ رهڻ پسند ڪندا سين ته پوءِ ڪڏهن به اسان جي خوابن جي تعبير ممڪن نه ٿي سگهندي .  ڇو ته سوچن جي ڌرياءَ ۾ رهڻ کان بهتر ايهو آهي ته اسان ترڻ جي ڪوشش ڪيون ته جيئن اسان پنهنجا ڏکيا رستا پار ڪري ڪنهن سکي رستي تي اچي سگهون. اميدن جي دنيا هميشه هڪ سٺي ڪم تي جوڙڻ کپي جيئن ايندڙ وقت اسان جو سٺو گذري  ۽ هر ڪم جي لاءِ ايهو لازمي هوندو آهي ته ان کي ڏنل مدي ۾ ئي  پورو ڪجي جيئن اڳلي ڪم جي شروعات آساني سان ٿي ۽ ڪامياب ٿيڻ جي راهه هموار ٿي سگهي.

خيال اسانجي سوچ جي پيداوار آهي ان جي لاءِ اسان دنيا ۾ جيڪو ڪجه ڏسندا آهيون اها سڀ حقيقت نه هوندي آهي.  ڇو ته اسان جي نظر به ڪڏهن ڪڏهن ڌوڪو کائيندي آهي. ايها حقيقت آهي ته وقت سان گڏو گڏ اسان جي عقل به ترقي ڪئي آ عقل جي ترقي سان هن دنيا جي شين به ترقي ڪئي آ اهڙي ترقي ۾ رهي ڪري اسان جون نظرون به ڌوڪو جلد کائي سگهن ٿيون. خوبصورت دنيا کي ڏسي اسان جون سوچون به هميشه خوبصورت هونديون آهن. جيڪي شيون اسان گهرندا آهيون اهي سڀ هتي ڪون ٿيون ملن انهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هميشه شارٽ ڪٽ رستا پيا سوچيندا سين ته اسان پنهنجي اميدن يا خواهشن کي ڪيئن پورو ڪيون  جيئن اسان جي زندگي جون سڀ آراهائشون مڪمل ٿي وڃن . ان جو مطلب ايهو نه آهي ته اسان پنهنجي سڪون جي تلاش ۾ ٻين جون خوشيون تباه ڪيون ؟. ڪنهن جون خوشيون تباه ڪرڻ کان بهتر آهي ته بک مري وڃجي . هوائي خيالن ۾ رهڻ کان بهتر آ ٽهڪندڙ اس کي منهن ڏئي پنهنجا مقصد پورا ڪجن . خيالي پلائن جون ڌيڳيون چاڙهڻ کان بهتر آهي ته ڪجهه ڪيون رونمانوي دنيا مان نڪري ڪري هڪ حقيقت جي طرف قدم کڻون  ته جيئن اسان کي ڪو ڪاهل سست نه چوي . پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هميشه ڪنهن ٻئي جو محتاج نه رهڻ کپي جيڪڏهن اهڙي قسم جو سوچينداسين ته ڪو ٻيو ماڻهون منهنجي لاءِ هي ڪم ڪندو يا ڪري  ڏيندو ايها غلط فهمي آهي . اسان جو ڪم ڪو ٻيو مڪمل ڪري ڏيندو ايهو خيال رکڻ زندگي جي ناممڪن ڪمن مان هڪ نامڪمل خيال آهي ته اسان پنهنجا ڪم ٻين جي لاءِ رکون ته اسان کي ڪوئي ڪري ڏيندو . وقت اسان جو ڪڏهن به محتاج نه آهي ته اهو اسان جي لاءِ روڪجي وڃي ايستائين جو اسان جا ڪم پورا ٿين . وقت جا اسان محتاج رهندا آهيون ايهو اسان جي مٿان آهي   ته هن قيمتي وقت کي  هوٽلن ۾ ويهي ڪري پنهنجي مردانگي جا قصا ٻڌائيندي گذاريون  يا خيالن جي اندر رهي ڪري ! بحراحال سنڌ جون حالتون تبديل ڪري پنهنجي ڌرتي، وسيلن ۽ ماڻهن جي مالڪي ڪرڻ جو وچن پاڻ سان  ڪيون ، مايوسي ۽ پريشانين واري ڪيفيتن مان نڪري پرعزم ٿي سنڌ ۾ هر شعبن ۾ عملي ميدان ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيون. پنهنجي معاشري کي بدنام ٿيڻ کان بچايون  اسان جي هڪ ماڻهون جو سستي ۾ رهڻ پوري سنڌ  بدنامي جو سبب بڻجي سگهي ٿي . خيال پرستي مان نڪري ڪري حقيقت ڏانهن قدم کڻون ته جيئن زندگي هڪ مقصد سان گذري .

Email: saeed@hho.org.pk

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *