لاهور ۾ داعش جي موجودگيءَ تي خاموشي ڇو؟!: وينگس

جڏهن سياست عوام جي جڳهه تي ذاتي مفادن لاءِ ٿيڻ لڳي، اتي سياسي ويڙهه جو ڏيک به ائين ئي هوندو آ، جيئن اڄڪلهه پاڪستان جي سياست ۾ ٿي رهيو آهي.

گذريل ڪالمن ۾ مان لکي چڪي هئس ته ڪراچي آپريشن جو اصل نشانو سنڌ حڪومت هوندي ۽ گورنر راڄ لڳي سگهي ٿو. حڪومت جنهن انداز سان ڪراچي آپريشن جي نالي تي مسئلن مٿان مسئلا پيدا ڪري پئي، اهي اڳتي هلي سياسي ڊيڊلاڪ پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ ان سياسي ڊيڊ لاڪ جو ڪريڊيٽ صرف چوڌري نثار ڏانهن ويندو.

چوڌري نثار، جنهن مسلسل ڪراچي آپريشن کي پهرين نمبر تي رکيو آهي ۽ ڪراچي ۾ ئي نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿيڻ گهرجي، پوءِ سوال ۽ خدشا حڪومت مٿان اُٿندا.

نيشنل ايڪشن پلان ڇا جي لاءِ جوڙيو ويو؟ پشاور اسڪول سانحي کان پوءِ 20 نقطن تي جوڙيل اين اي پي جوڙيو ويو ته جيئن دهشتگردي کي ختم ڪري سگهجي. حڪومت ٻڌائي ته انهن هينئر تائين 20 نقاطي ايجنڊا تي عمل ڪندي ملڪ جي ڪيترن حصن مان دهشتگردي کي ختم ڪرايو؟ چوڌري نثار کي خبر هوندي ته ملڪ ۾ تقريبن 212 ڌماڪا صرف 2015 سال دوران ٿيا، هيءُ انگ اين اي پي جي جوڙڻ کان پوءِ جو آهي.

حڪومت جي نڪ هيٺان اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهيو ته ايڏا ڌماڪا ٿيا؟ جڏهن ملڪ جون سموريون پارٽيون نيشنل ايڪشن پلان تي سهمت هيون، آخر ڪهڙا سبب هئا جو حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪرائي سگهي؟

نيشنل ايڪشن پلان صرف هڪ صوبي لاءِ ناهي، ان کي سڄي ملڪ ۾ لاڳو ٿيڻ گهرجي. چوڌري نثار گهرو وزير، اين اي پي مان صرف هڪ ايجنڊا ڪراچي آپريشن جو کنيو آهي، جو هر وقت ان تي ئي ڳالهائيندي نظر اچن ٿا. ان ئي ايجنڊا ۾ 19 ٻيا نقطا به آهن، جن تي عمل وفاقي حڪومت نه ڪندي ته پوءِ ٻيو ڪير ڪندو؟

گهرو وزير چوڌري نثار، پنجاب ۾ آپريشن بابت ڇا ٻڌائيندو؟ اتي موجود militancy  ۽ انهن جي سهولتڪارن جي لاءِ ڪيترا سخت قدم کنيا ويا آهن؟ حڪومت ملڪ ۾ سواءِ جماعت الدعوه جي ٻين جماعتن تي بندش لڳائي ڇڏي ۽ جماعت الدعوه کي نگراني هيٺ رکيو ويو.

وفاقي حڪومت ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿي پوءِ ڪنهن هڪ جماعت تي سمجهوتو ڪنهن جي لاءِ آهي؟ جڏهن سيالڪوٽ مان داعش جي لاءِ مدد ڪندڙ گروپ کي گرفتار ڪيو ويو ته ان جا ميمبر سندن پسنديده جماعت جا نڪتا، پر حڪومت قدم کڻندي نظر نه ٿي اچي.

پنجاب ۾ ان انداز سان آپريشن ناهي ٿي رهيو، جيئن ٿيڻ گهرجي ۽ جنهن جي لاءِ حڪومت ڳالهه ڪئي هئي ته اهي پنجاب ۾ ڪنهن به دهشتگرد کي سک سان ساهه کڻڻ نه ڏيندا، پر اطلاع آهن ته لاهور مان 20 عورتون، مرد ۽ ٻار داعش ۾ شموليت ڪرڻ لاءِ شام هليا ويا.

وفاقي حڪومت انڪار ڪندي نظر ٿي اچي ته داعش جي موجودگي ملڪ ۾ ناهي؛ سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر گهرو وزير  چوڌري نثار صاحب کي داعش جي موجودگي ۽ ان جي سهولتڪارن جي لاءِ اڃا ڪيترا ثبوت گهرجن؟

داعش جي موجودگي ۽ ان جا سهولتڪار ملڪ ۾ موجود آهن، ان حوالي سان ڪيترائي ڀيرا رپورٽون اڳيان اچي چڪيون آهن. جيڪڏهن ڪير مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته اهو چوڌري نثار خان ۽ سندس پارٽي مسلم ليگ ن آهي.  پنجاب ۾ آپريشن نه ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ان قسم جي اڳيان آيل خبرن کي ميڊيا تي بحث ۾ ناهي آندو ويو ۽ شين کي ڪارپيٽ هيٺيان لڪائڻ جي پوري ڪوشش ٿيندي رهي آهي.

حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي پنهنجي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي صرف ڪراچي تائين محدود نظر اچي ٿي. ڪنهن به صورت ۾ ڪرپشن ۽ سهولتڪارن کي بخش نه ڪندا، وفاقي حڪومت انتهائي جذباتي انداز اختيار ڪري ٿي، ڄڻ اهي واقعي ۾ ايترا ئي سنجيده آهن.

عمران خان لاهور شوڪت خانم اسپتال ۾ طالبان اڳواڻ جي علاج ڪرڻ جو پاڻ انڪشاف ڪيو صرف انڪشاف ئي نه ڪيو پر اُن جو اظهار ڪندي هُو خوش پڻ نظر آيو. عمران خان پاڻ طالبانن کي پنهنجو ڀاءُ چئي چڪو آهي، انهن جي لاءِ آفيس کولڻ به چاهي پيو، جيڪڏهن سندن حڪومت ٺهي ها ته شايد انهن کي آفيس کولي به ڏين ها پر پاڪستان جي خوشقسمتي چئبي جو عوام کين اهڙو مينڊيٽ نه ڏنو.

پر عمران خان شوڪت خانم اسپتال ۾ طالبان اڳواڻ کي علاج جي سهولت ضرور مهيا ڪري رهيو آهي. هاڻي هو اهو چئي ته ان کي خبر خط ذريعي پئي، اهو ممڪن نظر نه ٿو اچي. ڇاڪاڻ جو علاج ڪرائيندڙ طالبان اڳواڻ هو، يقينن ان جو پروفائيل هاءِ هوندو ۽ ان کان انتظاميا غير واقف هجي، ڳالهه ايتري سادي ناهي ۽ نه ئي عوام کي ايترو سادو سمجهڻ گهرجي.

افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هيءَ ڪهڙي سياست آهي، ڪهڙي حڪمراني آهي؟ سندن حڪومت ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي مردان اندر نادرا آفيس ۾ دهشتگردن ڌماڪو ڪيو ۽ 20 کان مٿي ماڻهو فوت  ۽ پشاور اسڪول ۾ 100 کان مٿي ٻار فوت ٿي ويا. عمران خان کي انهن مان ڪنهن جو به خيال نه آيو ته هو جنهن انداز سان بيان ڪري رهيو آهي، ان جو اثر متاثرين تي ڪهڙو پوندو؟ هڪ سياسي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ان کي ايترو احساس هجڻ گهرجي ته ڪٿي، ڪيئن ۽ ڪهڙي انداز سان ڳالهائڻ گهرجي؟

هُن پوري دنيا کي پيغام ڏنو ته هڪ اڳواڻ جي حيثيت سان هو طالبانن جي لاءِ ڪيتري حد تائين وڃي سگهي ٿو؟ سڀاڻي جيڪڏهن ملڪ جي واڳ کين ملي وئي، تصور ڪري سگهجي ٿو ته هو ملڪ کي ڪيڏانهن کڻي ويندو؟ ضياءَ جي ڪاري باب مان اڃان نڪري نه سگهيا آهيون، شايد هو ضياءَ جي اُن ڪاري باب کي وڌيڪ گهرو ڪندي ملڪ ۾ طالبانن کي سافٽ راهه ڏين.

عمران خان، شوڪت خانم اسپتال لاهور  جي هاڻي ڳالهه ڇو ڪئي؟ ڪٿي مسلم ليگ ن ته ان ڳالهه کي اڳيان کڻي اچڻ نه پئي چاهيو؟ ۽ عمران خان جلدي ۾ اِها ڳالهه پاڻ ڪري اُن جو اثر گهٽائڻ ٿي چاهيو. ڪجهه ته ضرور هو جو کيس اها ڳالهه ڪرڻي پئجي وئي.

ڪٿي اِهو سڀ فنڊنگ جي سلسلي جي ڪڙي ته ناهي!؟ ان جو پتو ته وفاقي حڪومت کي لڳائڻ گهرجي، جن جي هٿن ۾ نيشنل ايڪشن پلان آهي. جيتري همدردي هيءُ صاحب طالبانن لاءِ رکي ٿو اوتري ئي همدردي، مسلم ليگ ن وٽ پاڻ به آهي، جو انهن پنهنجي مخالف جي اهڙي اقرار ڪرڻ تي خاموشي اختيار ڪئي آهي، ڄڻ انهن سندس بيان ٻڌو ئي نه هجي.

ڪراچي ۾ آپريشن ۽ سهولتڪارن جي خلاف ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪندا …. پر شوڪت خانم اسپتال ۾ طالبان اڳواڻ جو علاج ٿئي ٿو، اهي خط لکي شڪريو ادا ڪن ٿا ۽ خود عمران خان خوشي جو اظهار ڪندي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائي ٿو، اتي سڀ خاموش آهن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو انداز ’مين نا جانون‘ جهڙو آهي.

ان رويي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ ان مان مطلب وفاقي حڪومت نيشنل ايڪشن پلان جي تلوار کي صرف پنهنجي مفادن جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي ۽ جڏهن خبر ضياءَ جي باقيات يا آمرن جي سپورٽ ڪندڙن جي خلاف اچي ٿي ته ميڊيا اکيون، ڪن ۽ وات تي هٿ رکي ويهي رهي ٿي.

ان انداز سان ملڪ جي ٻين صوبن ۾ تڪليف پيدا ٿيندي ته هڪ صوبي جي ننڍڙي خبر کي جبل جيڏي خبر بڻائي پيش ڪرڻ ۽ جمهوريت جو راڳ ڳائيندي نظر اچڻ ۽ ٻين تي خاموشي جو روزو رکڻ تي عوام ڪيترن اندازن سان سوچي سگهي ٿو؛ پوءِ اهو به سوچڻو پوندو ته ويڇا ڪير ۽ ڪيئن وڌائي رهيو آهي؟

واپس اچون ٿا وفاقي حڪومت ۽ چوڌري نثار خان تي، جنهن کي نيشنل ايڪشن پلان جي هڪ ئي ايجنڊا ۽ صوبو نظر پيو اچي. سياسي گهما گهمي مان منجهيل شيون واضح ٿي ويون آهن. ڪراچي آپريشن پٺيان سياسي مقصد ۽ انا آهي.

حڪومت جو چوڻ ته اهي دهشتگردن جي خلاف آهن، جيڪڏهن ائين ئي آهي ته پوءِ طالبان اڳواڻن جي علاج واري انڪشاف تي خاموشي ڇو آهي؟ اتي نيشنل ايڪشن پلان لاڳو ڇونه پيو ٿئي؟ پنجاب مان داعش جا سپورٽر ملن ٿا پر حڪومت اگنور ڪندي رهي ٿي.  اهڙن اندازن کان پوءِ اهو ڪيئن مڃي وٺجي ته حڪومت دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ برابريءَ وارو رويو اختيار ڪري پئي…!

اندازِ بيان ۽ اندازِ عمل ڪجهه ٻيو ٻڌائي رهيا آهن. هن ڀيري وري وفاق سنڌ جي سياسي اختيارن سان ڇيڙڇاڙ ڪري رهيو آهي ۽ ان حوالي سان ”اعتزاز احسن بهترين ماضي جو مثال ڏيندي نواز شريف کي ياد ڏياريو ته توهان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي طرفان هڪ پوليس آفيسر جي تبديلي تي پنجاب تي وار قرار ڏنو هو.“

هاڻي جڏهن وفاقي اختيار پاڻ وٽ رکي، سنڌ حڪومت کي حڪم صادر ڪرڻ چاهي پيو ته وفاق طرفان اهڙي رويي کي سنڌ صوبو ڪيئن ٿو قبول ڪري سگهي، جتي اڻبرابري هجي. جڏهن ته هيءَ ويڙهه سياسي پاور جي آهي پر ان ۾ ڪنهن به صوبي سان اڻبرابري نه ٿيڻ گهرجي ۽ سو به نيشنل ايڪشن پلان جي نالي تي قدم کڻي ٽارگيٽ ڪرڻ، اُن سان مسئلا وڌندا.

وفاقي حڪومت جو موڊ گورنر راڄ لڳائڻ جو آهي پر جيڪڏهن ائين ٿيو ته حڪومت پنهنجي اهڙي رويي سان هڪ وڏي سياسي غلطي ڪندي. ڇاڪاڻ جو ڪيترائي پاسا اڳيان اچي چڪا آهن، جن تي وفاقي حڪومت ۽ گهرو وزير اکيون بند ڪري ويٺا آهن پر انهن جي نظر صرف ڪراچي آپريشن تي آهي، جنهن سان مسئلا وڌيڪ وڌندا. حڪومت کي برابري جي سطح تي نيشنل ايڪشن پلان لاڳو ڪرڻ گهرجي. 19 نقطن تي خاموشي ۽ هڪ نقطي تي اچي گوڙ مچائي آپريشن ڪرڻ سان سياسي ماحول گرم ٿيندو ۽ ان ۾ گورنر راڄ لڳي سگهي ٿو ته پوءِ ڇا وفاقي حڪومت گورنر راڄ کان پوءِ رهي سگهندي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *