انگلينڊ جو نوجوان ڪرڪيٽر ميٿيو هوبدين لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جو نوجوان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر ميٿو هوبڊين لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر 22 سال هئي. هو سيڪس ڪائونٽي ڪلب جي نمائندگي ڪندو هو. سيسڪس ڪائونٽي ڪلب ميٿيو هوبڊين جي اوچتو موت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪلب طرفان جاري ڪيل بيان موجب هو گهڻو باصلاحيت ڪرڪيٽر هو ۽ سندس مستقبل روشن هو. هن 2014ع   ۾ فرسٽ ڪلاس ڊيبيو ڪيو ۽ ٽنهي فارميٽن جي ڪرڪيٽ ۾ زبردست ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. سسيڪس ڪلب ڪرڪيٽر جي اوچتو فوت ٿي وڃڻ سبب ڪٽنب سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪلب لاءِ سندس جون خدمتون ڪڏهن وساري نه سگهبيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *