سنڌي ٻولي تي آخري ختمو پڙهڻ جو اعلان؛مير اعظم علي ٽالپر

منهنجي پيدائش پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ ستن سالن بعد 18 اپريل (شب رات هئي) آچر فجر ويل ٿي هئي (خانداني لکت موجب) پر ڄمڻ وقت منهنجي آمد هن دنيا ۾ سڄي رات تڪليف ۾ گذارڻ بعد به نه ٿيڻ تي عيسائي نرس مجبور ٿي چيو ته ”او ماءِ گاڊ“ هاڻ اوهان پنهنجي ڪنهن پير، فقير يا اولياءُ کي ڏسو، ان بعد منهنجو مامو درگاهه جهانيان (سائين منظور نقوي) تان پاڻي کڻي آيو ته ان جي پيئڻ بعد راقم اڄ 60 سال کان مٿي جو آهي ۽ چون ٿا ته ان نرس منهنجي ڄمڻ تي هڪدم پنهنجي مذهبي عقيدي مطابق پنهنجا هٿ ساڄي ۽ کاٻي ڪلهن تي هڻي گلي ۾ عيسائي ’سليب‘ واري نشان تي هٿ رکي حضرت عيسيٰ عه جو شڪريو ادا ڪيو هو ۽ اها نرس منهنجي سانڀر ۾ به گهر ايندي هئي ۽ مڌر ٽريسا (ڪلڪته) جي تعريف ڪندي هئي، ان بعد اها شهر واري سرڪاري اسپتال اسڪول بڻجي ويو ۽ صدر ايوب جي زماني ۾ وزير مواصلات محمد خان جوڻيجو هيلٿ سينٽر جو بنياد رکي ويو هو، جيڪا پوءِ پڪي واري اسپتال طور مشهور ٿي ۽ ان کانپوءِ هاڻ اهو اسڪول به نه رهيو آهي، جتي ڇوڪريون پڙهڻ لاءِ ڍڳي گاڏي ۾ چڙهي اينديون هيون ۽ هر سال اداڪار مشتاق چنگيزي جيستائين شهر ۾ هو جنم ڏينهن تي راقم جو يادگار طور فوٽو ڪڍندو هو. هي مذهب ۽ عقيدي جون ڳالهيون ان ڪري ياد پيون آهن، جو ڪالهه عبرت ۾ پهرين صفحي مٿان هڪ ٽن ڪالمن واري خبر ميانمار (برما) جي روهنگيا مسلمانن جي دربدر هئڻ واري خبر ۽ وفاقي سرڪار پاران کين مسلمان هئڻ ڪري ۽ پاڪستان خالص اسلامي ملڪ (دنيا ۾) هئڻ تي پاڪستان، پر خاص سنڌ سو به ڪراچي ۾ خيمه بستيون ٺاهي آباد ڪرڻ لاءِ چوڌري نثار علي، سرتاج عزيز ۽ طارق فاطمي شريڪ ٿي پي سي ون تيار ڪري رهيا آهن. ان کانسواءِ هن ڪم لاءِ مختلف جماعتون ۽ واپاري (ڪانگ کي لُڙ ۾ مزو) به مدد ڪندا. ڇو ته برما ۾ ٻُڌَ مذهب وارا سج ۽ چنڊ کي سلام ڪندڙ (پر نام) مذهبي (بَڪُشو) مارين ٿا. انهن لاءِ برما جي جمهوريت پسند آنگ سان سُوچي به چپ آهي. ڪجهه سال اڳ آئون شاهه بندر (سمنڊ) کان چوهڙ مالي وڃي رهيو هئس ته مڇي جو شڪار ڪندڙ نوجوان گاڏي کي هٿ ڏئي چڙهيو ۽ ٻڌايو ته هو برما جو آهي ۽ خاندان سان ڪراچي ۾ رهي ٿو. جيڪڏهن برما جا لکين پناهه گير مسلماني ”آساني“ جي نالي ۾ سنڌ ۾ آيا ته هي يتيم خانو ته اڳ ئي آهي ۽ سندس ڏيوالو به سياستدانن ڪڍي ڇڏيو آهي، نئين برما جي لُوڌ ته ڪجهه نه ڇڏيندي. ڇو ته پهرين بهاري آيا، جيتوڻيڪ ماٽيجا ڀاءُ بنگالي هتان گهڻا بنگلاديش هليا ويا، پوءِ به اڄڪلهه سپر هاءِ وي ڪوئيٽا درٻار هوٽل طرف جيڪي به پولٽري فارم آهن، انهن جا پورهيت رهجي ويل بنگالي آهن. سنڌ ۾ بهاري ۽ پوءِ طالبان اهلن وسهلن ۽ هاڻ روهنگيا ايندا ته آخر سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ ڇو ته غلام حيدر وائين (پنجاب جي سابق وزير اعليٰ) بهاري گهرائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي هئي (وائين)!! حيدرآباد گاڏي کاتي ۾ هڪ ڌوٻي وٽ هڪ بهاري ملازم بيٺو ته هن راقم جو ڊگهو مٿو، منهن ۽ رنگ ڏسي بهاري سمجهيو هو، پر کيس ٻڌايم ته هزارين سالن جو سنڌي پوءِ مسلمان ۽ پاڪستاني آهيان، هُن ٻڌايو هو ته اسان پيٽرول بم ٺاهڻ جا ماهر هئاسين ۽ پاڪستان جو ساٿ ڏنوسين، هاڻي خاندان محمدپور ڪئمپ ۾ آهي (ڍاڪا) رزاق ڀائي ۽ نسيم ڀائي آڻڻ جي ڪوشش ڪن پيا.

هن خبر سان هڪ ٻي خبر اخبارن مغز جا چارئي خانا چٽ ڪندڙ ڏني آهي ته، ”عالمي بئنڪ جي پاليسي تحت (جيڪا سنڌ تعليم کاتي کي اسپانسر ڪندڙ آهي) سنڌ سرڪار تعليم کاتي مان پرائمري استادن جي آسامين کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي (نه رهي بانس نه بجي بانسري) هاڻ سڀ استاد جونيئر ايليمينٽري ٽيچر هوندا، جيڪي اٺون ڪلاس پڙهائيندا، ان ۾ سائنس، انگريزي ۽ رياض هوندي، ان اعلان جو واضح مطلب اهو آهي ته سابق صدر ايوب خان ان بعد پرائيويٽ اسڪول ۽ هاڻ خود حڪومت سنڌ سرڪاري پرائمري اسڪولن مان سنڌي پرائمري ماسترن جون آساميون ختم ڪري سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي تي آخري ختمو پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اخلاق کان ڪريل يا اُن پارليامينٽ (لفظ) اکر لکڻ کان بچندي اهو لکي سگهجي ٿو ته ”ناچ ميري بُل بُل ڪي پئسا مليگا“ ڇو ته چيو ويندو آهي ته ’پئسا بولتا هي، پئسا ڦينڪو تماشا ديکو‘ ڇاڪاڻ ته جيڪو به خرچ ڪندو ۽ رقم ڏيندو ان جو حڪم به تسليم ڪرڻو پوندو. خدانخواسته آئينده عالمي بئنڪ پنهنجي پاليسي مطابق سنڌ حڪومت کي اهو چئي ته گرلس اسڪولن ۾ وڏي کڙي وارو سينڊل ۽ مني اسڪرٽ پائي اچو ته ڇا اهو قبول هوندو؟ جيڪڏهن ورلڊ بئنڪ جي فرمائش پوري ڪرڻي آهي ته برو ۽ ڀلو ڏسڻو نه آهي، بس ڏوڪڙن کي ڏسي ’سيڻ‘ تبديل ڪرڻا آهن، ڇو ته منهنجو پوٽو هڪ اسڪول (پرائيوٽ) جو شاگرد آهي ۽ پنهنجي منهن اسپيلون ياد ڪري رهيو هو ۽ چيائين (RABBIT) ’ريبٽ‘ مون پڇيو اهو ريبٽ سنڌي ۾ ڇا آهي؟ چيائين ڏاڏا خبر نه آهي. وري پڙهڻ لڳو Parrot ’پروٽ‘ وري چيم ڀلا اهو ڇا آهي، ان لاءِ چيائين، ڏاڏا گارڊن ۾ گرين برڊ آهي، ان بعد هڪ ٻي اسپيل ياد ڪيائين Crow ’ڪرو‘ پڇيم ابا اهو ڪهڙو پکي آهي، چيائين ڏاڏا اهو مُورنگ ۾ بليڪ ڪلر وارو پنهنجي گهر تي ويهندو آهي، ان بعد مون پوٽي کي چيو ته ”بابا صورتخطي لک ۽ لک منڌاڻي‘ سنڌي ۾ هن چيو ڏاڏا اهو جانور آهي يا پکي؟ اهو ٻڌي مون کي روئڻ اچي ويو، فجر ويل ناني جهڻ وُلوڙيندي هئي ته منڌاڻي جي آواز تي مون کي ننڊ ايندي هئي ۽ ان بعد هن کي چيم ته ابا ’نهيلو‘ ڇا آهي؟ چيائين ’واٽ از نهيلو‘ آئون منهن مٿو نراڙ پٽي ويهي رهيس. ڇو ته وفاقي سرڪار امداد لاءِ سعودي عرب جو رخ ڪندي آهي ته سنڌ سرڪار عالمي بئنڪ ڏانهن نهاريندي آهي. ٻنهي حڪومتن جي چپن تي هوندو آهي.

”حبيبِ حيا حيا“ ڏسجي ته اهو ڪيترو وقت ائين حال رهندو؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *