شرميلا ٽئگور کان سنگيتا بجلاڻي ۽ رنڪل کان انجلي تائين ؛ مير اعظم علي ٽالپر

دنيا ۾ پهريون خون شادي جي مسئلي تي ٿيو هو، جڏهن ’ڏاڍي‘ هڪ ’هيڻي‘ کي قتل ڪيو، يعني ڏاڏي آدم جي ٻن پٽن هابيل ۽ قابيل سڱ تان پاڻ ۾ وڙهيا هئا، پر جتي شادي ۾ محبت جو ’مَلمُ‘ لڳي وڃي پر ان ۾ ’مذهب‘ جي پت اچي وڃي ته انتهائي ڏکيو ڪم آهي.پر هابيل ۽ قابيل جو مشن اڄ به جاري آهي ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ زور شور سان هلندڙ آهي، ان لاءِ مذهب جي ديوار کي ڊاهڻ ۾ ڪا دير نه ٿي لڳي. حالانڪه اڳ چوندا هئا ته ’مٽيارين جو پنڌ ويندي جي وريم“ آهي، پر هاڻي اهو پنڌ بلڪل آسان ٿي ويو آهي.سنڌ ۾ اتر طرف تترن جون ٻوليون ٻولائيندڙ سائين شاديون به ڪرائين ٿا ته واهه جو مذهبي درس به ڏين ٿا ۽ ٻئي طرف ”گل و گلزار“ ۾ به ساڳيو مذهب جي مٽا سٽا ٿئي ٿي. اڄڪلهه سنڌ ۾ اهو مذهب مٽائي شادي جو رجحان تيزي ۾ آهي. حالانڪه بابا مرحوم جي زماني ۾ ٿڌڙي جا ’مٺا لولا‘ گهر آڻيندڙ مائي سوني يا ورهاڱي وقت اُوڌي مل جون نياڻيون گهرن ۾ اينديون هيون، پر هن وقت جهڙو لقاءُ نه هوندو هو، هاڻ ته ’چٽ منگني پٽ بياهه‘ لڳو پيو آهي. پاڪستان ۾ ’اقليت‘ معنيٰ غير مسلمان ۽ اهي معنيٰ ’هندو‘ ۽ سي به سنڌ ۾ گهڻا آهن ۽ وري هندستان ۾ اقليت معنيٰ ’مسلمان‘ جيڪي هتان جي مسلمانن کان وڌيڪ آهن. ڪجهه مهينا اڳ اتر پرديش جي مظفر نگر ۾ هڪ مسلمان ڇوڪري هڪ سک ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي ته سڄو مسلمانن جو علائقو سکن لڏائي ڇڏيو ۽ آبادي ڪئمپن ۾ رهڻ لڳي. حالانڪه اڄ کان گهڻا سال پهرين بي بي سي لنڊن جي انائونسر عالي حسن جي گهر واري غير مسلم هئي، اڄڪلهه مشهور هندستاني اداڪار سيف علي خان ڪير آهي؟ هندستان جي مشهور ڪرڪيٽ ڪپتان نواب منصور علي خان ٽيودي جو پٽ آهي، ان جي زال به ته هڪ غير مسلم آهي، يعني سيف علي خان فلم اسٽار جي والده ماجده مشهور اداڪاره شرميلا ٽئگور آهي. ان کانسواءِ هڪٻئي هندستاني ڪرڪيٽ ڪپتان محمد اظهرالدين جي ٻي زال به هڪ غير مسلم هندو مذهب واري سنڌي ڇوڪري سنگيتا بجلاڻي آهي. جڏهن ته دهلي جي سابق وزيراعليٰ شيلا ڊڪشٽ جو ناٺي هندستاني ڪشمير جو وزيراعليٰ عمر فاروق (فاروق عبدالله) جو پٽ آهي. اهڙي طرح ظهير عباس جي گهرواري آهي. مطلب ته  سنڌ جي رنڪل کان انجلي تائين جو داستان پنهنجي جاءِ تي پر شرميلا ٽئگور کان سنگيتا بجلاڻي جو مثال به سامهون آهي پر سنڌ ۾ جيڪو فلم آهي سو اصل ۾ ڇوڪرين جي گهٽ عمر جو آهي. ان کانسواءِ ’ٻڪر ٻوُساٽ‘ ڪري کڻي وڃڻ ۽ ان بعد فٽافٽ ۽ هڻ وٺ ڪري اهو ظاهر ڪرڻ ته ڇوڪري پنهنجو مذهب ڇا بدلايو مرڳو ”برقعو“ بدلايو. حالانڪه ائين ڪرڻ بدران ڇوڪريءَ جي مائٽن کي طلب ڪري کين صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ پوءِ ڀلي پيار جو پرڻو ڪيو وڃي. جهڙي ريت هي مسئلو سنڌ ۾ حل نٿو ٿئي بلڪل ان جيان راقم جو به هڪ مسئلو جيڪو حقيقت ۾ بنيادي مسئلو آهي، اڄ ڏينهن تائين حل نه ٿي سگهيو آهي. گهڻا سال اڳ اسان جي شهر ۾ اداڪار مشتاق چنگيزي جي فوٽوگرافي جو دڪان هو سو ان کان هڪ فوٽو اخبار ۾ مضمون سان ڇاپڻ لاءِ ڪڍايم پر فوٽو پسند نه آيو سو ان کي ڇڏي روڊ تي رکيل ڪئميرا واري چاچي دينو ڪئميرا مين کان فوٽو ڇڪرايم هتي ”ڇڪرايم“ ان ڪري لکڻو پيو، جو روڊ تي چاچي دينو جي ڪئميرا ۾ وڏو ڪپڙو لڳل هوندو هو ۽ هٿ اندر وجهي تصوير ڪڍبي هئي ۽ چاچي دينو وارن ساهه اصل ”تُم“ ڪري ويهڻ جو چيو ۽ رستي تان هر ڪو لنگهڻ وارو مون کي غور سان گهوريندو ڏسندو پئي ويو ۽ نيٺ چاچي دينو فوٽو ڪڍي، جڏهن مون کي هٿ ۾ ڏنو ته اهو ڏسي مون کي ائين لڳو ته فوٽو ۾ منهنجي شڪل ته ٺهيو پر ڪنهن انسان بدران راڻي باغ ۾ رهندڙ ڀُولڙي جو هجي، سو اهو ڏسي فوٽوگرافر چاچو دينو کي چيم ”چاچا هي فوٽو منهنجو آهي.“ چيائين جي، ها سورنهن آنه اوهان جو ڪڍيو اٿم.**************(جاري)

اوهان ته ڪئمرا جي اڳيان ويٺا هئا ليڪن اهو فوٽو مون کي بلڪل پسند ته ٺهيو پر سمجهه ۾ به نه آيو. ان ڪري وري واپس مشتاق چنگيزي جيڪو اڃا (اداڪار) نه ٿيو هو کي چيم يار ڏس هي به ڪو فوٽو تو واري پٽي ڀائي روڊ تي ويٺل چاچي دينو ڪڍيو آهي. مشتاق چنگيزي اهو فوٽو ڏسي چيو جهڙو هوندين تهڙو تصوير ۾ نظر ايندين. انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي. بهرحال مشتاق چنگيزي گذاري ويو. چاچي دينو جي ڪئميرا جو دور ختم ٿي ويو پر منهنجي فوٽو جو بنيادي مسئلو حل نه ٿيو جيئن ڪشميرين جو بنيادي مسئلو (آهي ته الائي ڪهڙو) حل نه ٿيو. ان ڪري ريڊيو پاڪستان تي سُئي رکي خبرون ٻڌندو آهيان ته خبرون پڙهڻ وارو چوندو آهي ته ”اڄ سيالڪوٽ جي علائقي ۾ هندستان جي ڪافر فوجين بيگناهه خوامخواهه جو فائرنگ ڪئي، جنهن ڪري هڪ ويچاري ڳوٺاڻي عوت ڇيڻا ٿڦيندي زخمي ٿي پئي ته ٻه ڄڻا گهر ويندي شهيد ٿي ويا. اها سئي گهمائي آل انڊيا ريڊيو (آڪاشواڻي) تي رکبي آهي ته خبرون پڙهندڙ چئي رهيو هوندو آهي ته ”اڄ هڪ دفعو وري پاڪستان جي ناپاڪ علائقي مان فائرنگ ٿيڻ سبب اٽي ڏڪر راند کيڏندڙ هڪ ٻار زخمي ٿي پيو ته مال چاريندڙ ٻه ڄڻا شهيد ٿي ويا. هاڻ اصل ۾ سٺ سالن کان اهو مسئلو ائين هلندو آيو آهي پر اها خبر نه آهي ته پهرين گولي ڪنهن هلائي پر آهن ٻنهي طرفن کان ”بيگناهه“ گناهگار ته رڳو ٻڌندڙ آهن.

بهرحال راقم جي تصوير جو مسئلو، ڪشمير جو مسئلو ۽ مذهبي شاهين جو مسئلو سڀ ڳنڀير آهي پر ڇا ڪجي ڪيئن حل ڪجي؟ عقل وارا ۽ اڪابر ڪاش ان تي غور ڪن ته ڪو کڙتيل نڪري، باقي حال ڪونهي، جيئن اهو هٿ سنڌ ۾ مذهب جي تبديلي ڪرائي رهيو آهي، تيئن اهو ڪشمير ۾ به ويڙهائي رهيو آهي ۽ اهو ساڳيو ئي هٿ راقم جي هڪ سٺي تصوير ڪڍڻ ۾ به سازش ڪندڙ آهي، خدارا انهيءَ هٿ کي روڪبو ته انساني ڀلائي جو ڪم ٿئي ورنه اهو شرميلا ٽئگور ۽ سنگيتا بجلاڻي کان رنڪل ۽ انجلي جي ڪهاڻي جو داستان هڪ تاريخ بڻجي ويندو، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪونهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *