ريڊ انڊين، سنڌ ۽ سنڌين جا اُلڪا ؛ عبدالله مورائي

                         سمجهه ۾ نٿو اچي ڪٿان کان لکڻ شروع ڪجي. آءٌ جنهن وقت ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سالياني ڪانفرنس ۾ وڃي رهيو هوس، عين ان وقت لنڊن جي آسمان مٿان ڪارا ڪڪر مينهن وسائي رهيا هئا. لنڊن ۾ وسندڙ ان مينهن منجهان مون کي ائين لڳو ڄڻ سنڌ امڙ پاڻ مٿان پنهنجن ۽ پراون طرفان ڪيل انيڪ زيادتين تي  روئندي هجي. جڳ مشهور آڪسفورڊ اسٽريٽ  لنڊن ۾ ريڊ انڊين به نظر اچن ٿا جيڪي مختلف ساز وڄائي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري، پيسا پني پيٽ گذر ڪن ٿا، ها سندن ملڪ تي هاڻي ٻيا قابض آهن ۽ کين ائين ڪرڻو پوي ٿو. هو پنهنجي ملڪ کي ڌارين هٿان قابض ٿيڻ کان بچائي نه سگهيا.هيءُ اڄڪلهه گمشده ماڻهن واري زندگي پيا گذارين، گمشده ماڻهو ته ٻڌاسين پر هي ريڊ انڊين ته لڳي ٿو گمشده قوم واري زندگي پيا گذارين. مالڪ نه ڪري اسان سنڌين جي اهڙي حالت ٿئي پر واقعي سنڌ مٿان ڏکيو وقت پيو هلي. جيڪا ڳالهه اتي ڪانفرنس ۾  موجود هر ماڻهوءَ ڪئي.  معنى اسان سڀ اها ڳالهه مڃون به ٿا ته اسان هاڻي نازڪ دؤر مان گذري رهيا آهيون. سنڌ مٿان ظلم ۽ ستم جا داستان ڏينهون ڏينهن وڃن ٿا وڌندا. ظاهر آ ان ۾ ڌارين سان گڏوگڏ پنهنجن جو به برابر جو ڪردار آهي. بلڪه مون کي لڳي ائين ٿو ته اسان سڀ جا سڀ سنڌي ان جا پاڻ ذميوار آهيون. سو سائين ڪنهن سياڻي جو چوڻ آهي ته زندگي ڪنهن اتفاقي حادثي  جي ڪري نه پر شعوري جدوجهد ڪرڻ  سان ئي تبديل  ۽  بهتر ٿي سگهي ٿي.

سنڌين جي هن سالياني گڏجاڻي ۾ يورپ، آمريڪا، ڪئناڊا، گڏيل عرب امارتن ۽ سنڌ کان آيل سنڌين شرڪت ڪئي. جيترا وات اوتريون ڳالهيون، ڪانفرنس ۾ موجود ڪن ماڻهن جو خيال هو ته سنڌ بين الاقوامي پراڪسي ويڙهه جي زد ۾ اچي چڪي آهي ۽ ايم ڪيو ايم بين الاقوامي طاقتن تي اهو ظاهر ڪرڻ چاهي ٿي ته اسان جو ڪراچيءَ  تي مڪمل  ڪنٽرول آهي ۽ جنهن کي به سينٽرل ايشيا جي ملڪن تائين پهچڻو آهي، انهن کي اسان سان ڳالهائڻو پوندو. انهيءَ جي تسلسل ۾ ئي مهاجر صوبي جا شوشا ڇڏيا پيا وڃن ۽ هٿرادو خانه جنگي ڪرائي پنجاب پنهنجن مفادن کي محفوظ ڪرڻ چاهي ٿو. دوستن واضح ڪيو ته ايم ڪيو ايم ۽ باقي ٻين مهاجرن ۾ فرق آهي ۽ هر مهاجر کي ايم ڪيو ايم سان ڳنڍڻ غلط ٿيندو. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ هو ته سنڌ اندر جيڪو انساني حقن جي لتاڙ جو زلزلو آيل آهي ان سان ڪنهن کي به اختلاف ناهي پر مسئلو اتي جو اتي بيٺو آهي ته ان جو حل ڪهڙو آهي ۽ ان زلزلي مان آخر ڪيئن ٿي جان آجي ڪرائي سگهجي. بحث دوران ڪنهن جو خيال هو ته فقط تعليم ئي اسان کي ان آيل زلزلي  مان  بچائي سگهي ٿي ۽ تعليم کانسواءِ انقلاب ممڪن ناهي ۽ ان لاءِ  اسان کي پنهنجي اگهور ننڊ ۾ ستل قوم کي جاڳائڻو پوندو ته جيئن هو اڳتي اچن ۽ پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارين.

ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ هڪ ليکڪا ٻڌايو ته ڪيئن ڏکڻ پنجاب، جيڪا صوفين جي ڌرتي هئي اتي بنياد پرستي کي هٿي وٺرائي وئي ۽ هاڻي اتي انهن بنياد پرستن جا ڳڙهه بڻجي چڪا آهن. هن جو خيال هو ته سنڌ ۾ به هن وقت اهڙي قسم جي راند کيڏي پئي وڃي ۽ سنڌ جي صوفيت واري مزاج کي انهن مان تمام وڌيڪ خطرو آهي. هن وڌيڪ ڇرڪائيندڙ خبر ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ جو نوجوان ان طرف مائل پيو ٿئي ۽ سنڌ جو وڏيرو ان عمل ۾  انهن جي سڌي توڙي اڻ سڌي طرح  مدد ڪري پيو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪلچر تبديل پيو ٿئي، جيڪو اڳتي هلي سنڌ ۽ سنڌين  لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو. هن مثال ڏيندي چيو ته گذريل ٻوڏن ۾ جيئن حڪومت ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ته اتي ڪجهه مذهبي ڌرين ماڻهن جي مدد ڪئي ۽ حقيقت ۾ هاڻي اتي هو ڄمي ويا. هن زور ڏيندي چيو ته ان کان پهريان جو صفا دير ٿي وڃي سڀني سنڌين کي اڳتي اچي سنڌ جي صوفيت واري سڃاڻپ کي بحال ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مشرف اسي هزار سنڌين کي فوج ۾ ڀرتي ڪرايو، اسي هزار فوجي معنى اسي هزار خاندان ۽ هاڻي انهن جون همدرديون شايد انهن سان هجن ۽ ٿي سگهي ٿو انهن جو رجحان به مذهبي ڌرين طرف ٿي ويو هجي.  هتي لنڊن ۾ رهندڙ  بلوچستان سان تعلق رکندڙ هڪ مفڪر جو خيال هو ته سنڌ ۾ قومپرست اڳواڻ  ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن ۽ اتي اڳواڻي جي شديد کوٽ محسوس ٿئي ٿي.

سوئٽزرلينڊ سان تعلق رکندڙ ۽ انٽرفيٿ انٽرنيشنل جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر چارلس جو خيال هو ته بنياد پرستي هر هنڌ موجود آهي ۽ آمريڪا ۾ به ذري گهٽ پنجويهه سيڪڙو ووٽ بنياد پرستن کي ملن ٿا، بنياد پرستي جو مقصد صرف ۽ صرف پنهنجو خيال زوريءَ  ٻئي مٿان ٿاڦڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. هن جو وڌيڪ خيال هو ته دنيا جي ڪابه قوم نڌڻڪين قومن کي نه وساريندي پر انهن کي پهريان پاڻ اڳتي اچڻو پوندو ۽ ان لاءِ اوهان کي نون رستن ۽ سٺن خيالن جي ضرورت پوندي. ڪانفرنس ۾ آيل نيشنس وڌائوٽ اسٽيٽ برطانيه جي گراهم وليمسنز جو خيال هو ته اوهان جا سنڌي جيڪي ٻاهرين دنيا ۾ رهن ٿا اهي اوهان جو سرمايو آهن ۽ اهي اوهان جي حقن لاءِ وڌ کان وڌ ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ توهان سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ ۾ وڏو ڪردا ر ادا ڪري سگهن ٿا ، ان لاءِ ٻاهر اچو ۽ دنيا کي ٻڌايو، دنيا توهان کي ٻڌندي.

سنڌ جي ڪنهن ٻئي ڏاهي جو چوڻ هو ته جيڪا مذهبي بنياد پرستي وڌي پئي اها نه صرف سنڌ پر دنيا لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي. سنڌين کي بنوريه ٽائون مان سنڌي نياڻين کي آزاد ڪرائڻو پوندو ۽ ڀوري ڀيل جهڙن هانءُ ڏاريندڙ واقعن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو نه ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن صلاح ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ هاڻي هندو سنڌي يا مسلمان سنڌي وارو تصور ختم ڪري رڳو سنڌي وارو تصور قائم ڪرڻ انتهائي اهم آهي.

ڪن دوستن جو چوڻ هو ته (جيڪا اسان پاڻ به ڏسون پيا) اوڻيهه سئو ستيتاليهن کان جيڪا سنڌ مان سنڌي هندن جي لڏ پلاڻ شروع ٿي هئي، اها اڃا هلي پئي رڪي ناهي، بلڪ ان ۾ اڃا تيزي پئي اچي ٻئي. طرف وري بلوچستان کانپوءِ سنڌ ۾ چچريل لاش اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل چئن سالن جي عرصي دؤران ڇويهه نوجوانن جا لاش ملي چڪا آهن ، جيڪا اسان سنڌين لاءِ وڏي فڪر جي ڳالهه آهي.  عدالتن کان مٿانهن قتلن تي ڳالهائيندي مڊل سڪس يونيورسٽي جي قانون واري پروفيسر ڪاسٽلينو چيو ته جيڪي به سنڌ ۾ عدالتن کان مٿانهان قتل ٿين ٿا انهن جو رڪارڊ رکندا وڃو، اڄ يا سڀاڻي يا ايندڙ وقت ۾ اها شئي اوهان کي ڏاڍو ڪم ڏيندي.

سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ دانشور جو خيال هو ته بنياد پرستي پاڪستان جي ڊي اين اي ۾ شامل آهي.  عالمي قوتن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته انهن کي   جي ايم سيد اوڻيهه سئو پنجاهه واري ڏهاڪي  ۾ آسٽريا جي گادي واري  شهر ويانا ۽ چين ۾ مغربي طاقتن کي خبردار ڪيو هو ته اهي انهن بنياد پرستن کي هٿي نه وٺرائن، نه ته اهي اسان سڀني جي ڳچيءَ ۾ پوندا، جيڪو هاڻي پاڻ ڏسون پيا ۽ ڀوڳيون پيا. سنڌ جي هن ڏاهي جو وڌيڪ  چوڻ هو ته دنيا کي انهن شين جي خبر نائين اليون کان پوءِ پئي.  هن وڌيڪ ٻڌايو ته ذوالفقار ڀُٽي ۽ بينظير ڀٽو پنهنجن اقتدارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انهن بنياد پرست قوتن کي پڻ هٿي وٺرائي. سندس چوڻ موجب ته جيئن اسلام آباد سنڌ سان ناانصافي ڪري ٿو تهڙي ساڳئي نموني سان سنڌ حڪومت چند ضلعن کي ڇڏي بقايه سنڌ سان ناانصافي ڪري ٿي ۽ ان لاءِ اسان سڀني کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ اسان پاڻ ئي پنهنجا مسئلا حل ڪيون، بجاءِ جو ڪنهن الهامي شيءِ جي مدد جي آسري رهجي وڃون ۽ گهڻي دير ٿي وڃي ۽ ائين نه ٿئي جو پاڻ وٽ به ڪراچي جي حالت موغاديشو جهڙي ٿئي.

سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ سياسي ڪارڪن جو چوڻ هو ته سنڌ اندر هن وقت هر ٽئين ماڻهو کي هيپاٽائيٽس آهي ۽ ٻئي طرف ڪراچي کان ٺٽي تائين مدرسن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. هن فڪر مند ٿيندي چيو ته اسان مختلف مسئلن ۾ گهيرجي چڪا آهيون. دوستن جو خيال هو ته جيستائين جي ايم سيد زنده هو تيستائين اسان ان مذهبي بنياد پرستي کي روڪڻ ۾ ڪامياب رهياسين، سندس وفات کانپوءِ قومپرست اڳواڻ ان بنياد پرستي کي روڪڻ ۾ ناڪام ويا آهن.

ڪانفرنس کي يورپين يونين جي ڏهن سالن تائين رهندڙ ميمبر ۽ هاڻوڪي سائوٿ ايشيا ڊيموڪريٽڪ فورم برسلز، بيلجيم  جي اڳواڻ پائلو ڪاساڪا سنڌ ۾ ٿيندڙ زيادتين تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ پاڻ سڀئي نوٽيس ورتائين. ڪانفرنس کي ڪردن جي قومي پارٽي  جي اڳواڻ جاويد ميلا ، يورپين ڪائونسل آف رليجيس ليڊرس جي ميمبر مس ٽيلر ۽ سبا سرواڪ يونين  برطانيه جي مس ڊورس جونز  پڻ خطاب ڪيو.

آخر ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرمين ڊاڪٽر لکو مل لوهاڻي جو چوڻ هو ته اسان جن ڳنڀير مسئلن مان گذرون پيا ان کان پهريان جو پاڻ ختم ٿي وڃون انهن کي حل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي هڪ غلام قوم جو تحفو ڏئي وينداسين. سائين جو وڌيڪ چوڻ هو ته  اسان جيڪڏهن اهو چاهيون ٿا ته دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايون ته پوءِ اسان کي ترقي يافته ملڪن جي قومن وانگر محنت ڪرڻي پوندي ۽ پاڻ رڳو الڳ ٿلڳ يا کوهه جي ڏيڏر واري زندگي نٿا گذاري سگهون. اسان کي وڏيرڪي سوچ کي پوئتي ڌڪڻو پوندو ۽ ان لاءِ اسان کي پنهنجن پنهنجن ننڍن گروپن کان ٻاهر اچي اتفاق ۽ قومي سلامتي لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو. لوهاڻي صاحب جو وڌيڪ چوڻ هو ته دنيا ۾ هر خاص وقت کانپوءِ تبديليون اينديون آهن ۽ هن وقت دنيا  انهيءَ دؤر مان گذري رهي آهي ۽ اسان کي انتهائي سوچ ويچار سان پنهنجي قوم لاءِ قدم کڻڻو پوندو،  جنهن لاءِ اسان کي تمام گهڻي  رٿابندي ۽ سوچ ويچار جي سخت ضرورت آهي. آخر ۾ چيئرمين صاحب جو به اهو ئي خيال هو ته اسان پاڻ پنهنجن مسئلن جا ذميوار آهيون ۽ اسان کي پاڻ ئي انهن مسئلن جو حل ڳولهڻو پوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *