شام ۾ ٿيندڙ انسانيت جو قتل عام ۽ گڏيل قومن جي ذميواري: صاحب خان ڀٽي

ترڪي، روس، سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن پاران شام ۾ ٿيندڙ انسانيت جي قتل عام تي خاموشي سواليا نشانبڻجي وئي آهي، ترڪي ۽ روس پاران بار بار شام ۾ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، شامي حڪومت باغين کي ڪچلڻ لاءِ آبادي وارن علائقن کي نشانو بڻائي رهي آهي، جنهن سبب هن وقت تائين ڪيترائي ماڻهو پنهجيون حياتيون وڃائي ڇڪا آهن،جيتوڻيڪ گڏيل قومن پاران جنگ بندي جو اعلان ڪيو هو پر 30اڏينهن دوران جنگ بندي اثرائتي نه هئڻ سبب دمشق جي علائقي غوطا تي سرڪاري فوج جي بمباري ۽ هوائي حملن ۾ لڳ ڀڳ 600 مارجي ويا آهن، جيڪڏهن تباهه ٿيل عمارتن کي ڏسبو ته ان مان به اهو اندازو لڳائي سگهبو ته هي انگ اکر ته رڳو ميڊيا تي ايندڙ آهن پر مارجي ويلن جو انگ کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.  ڪجهه ڏينهن  اڳ  جڏهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو هو ته ان ۾ شام اندر جنگ بندي جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد باغين جي قبضي هيٺ علائقن خاص ڪري دمشق جي اوڀر واري علائقي غوطا ۾ ڦاٿل زخمين کي طبي امداد ڏيڻ ۽ متاثر علائقن ۾ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ هو پر ان جنگ بندي واري اعلان تي به ڪو خاص عمل نه ٿي سگهي هو.

گڏيل قومن جي انساني حقن بابت نائب سيڪريٽري جنرل مارڪ لوڪو جو چوڻ هو ته ٺهراءُ جي منظوري باوجود متاثر علائقن ۾ امداد پهچائڻ جو سلسلو شروع نه ٿي سگهيو آهي. شام ۾ وڌيڪ بمباري سبب ڪيترائي ماڻهو بک ۽ بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته زخمين کي به هن وقت تائين ڪا خاص طبي امداد نه ڏني وئي آهي.  هوڏانهن شامي صدر بشارالاسد چيو آهي ته شامي فوج جي ڪارروائي دهشتگردي خلاف آهي، جيڪي جاري رکيون وينديون. جيستائين باغي غوطا کي ڇڏي نٿا وڃن، تيستائين شامي فوج سندن خلاف ڪارروايون ڪندي رهندي. ٻئي طرف  شامي فوج باغين جي قبضي هيٺ آيل اوڀر علائي غوطا جو 10 سيڪڙو علائقي جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. جڏهن ته اها به دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته حڪومتي فورسز جي تازين ڪارروائين کانپوءِ اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ 4 علائقا ۽ 2 ايئربيس حڪومتي فورسز جي قبضي ۾ هليا ويا آهنجڏهن ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات شام کان اوڀر الغوطا ۾ شهرين خلاف تشدد بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ شام تي زور ڀريو ته هو تشدد روڪي انساني امداد کڻي وڃڻ جي اجازت ڏي ۽ بحران جي حل لاءِ سنجيدگي سان ڳالهين جو رستو اختيار ڪري.

گذريل مهيني شامي فوج غوطا واري علائقي تي چڙهائي شروع ڪئي هئي. جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا، هوڏانهن گڏيل قومن اوڀر غوطا ۾ تشدد کي نه قبولڻ جوڳو قرار ڏيندي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته 18 فيبروري کان جاري آپريشن ۾ هيل تائين 6 سئو ماڻهو مارجي ويا آهي ۽ لڳ ڀڳ ٻه هزار ماڻهو زخمي ٿيا آهن شامي فوج پاران غوطا ۾ ببماري کانپوءِ ڪيترائي ڪٽنب ۽ شهري لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. جيڪا خبر “سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائٽس” ڏني آهي، جنهن موجب هيل تائين 3 کان 4 سئو خاندانن جي لڏپلاڻ جا اطلاح آهن. اوڀر غوطا 2012ع کان باغين جي ڪنٽرول ۾ آهي،

جيتوڻيڪ گڏيل قومن شام جي شهر غوطه ۾ بشار الاسد حڪومت جي بمباري کي جنگي ڏوهه قرار ڏيندي عالمي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر نٿو لڳي ته ان سان ڪو شام، روس ۽ ٻين ملڪن تي ڪو اثر پوندو، ڇاڪاڻ ته  هن وقت تائين جيڪي به گڏيل قومن طرفان اعلان ڪيا ويا آهن، انهن تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، جنيوا ۾ انساني حقوق ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي زيد عه الحسين چيو هو ته اهي ڏوهه ڪندڙ جوابدار ٻُڌي ڇڏن ته سندس سڃاڻپ ٿي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ مٿن ڪيس هلائڻ لاءِ دستاويز تيار ڪيا پيا وڃن. جنگ بندي جي ٺهراءُ تي اتفاق باوجود غوطه ۾ عام شهرين تي مسلسل بمباري ۽ گوله باري ڪئي پئي وڃي. اسان سڄي صورتحال جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون شهرين کي سرنڊر ڪرڻ يا موت مان ڪنهن هڪ رستي جي چونڊ ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.

هوڏانهن روسي صدر ولاد مير پيوٽن اعلان ڪيو آهي ته روس انتهائي تباه ڪندڙ هٿيار تيار ڪري ورتا آهن. ۽ هو اهي جديد ترين ايٽمي ميزائل دنيا جي ڪنهن به حصي تي اُڇلي سگھي ٿو جڏهن ته آمريڪي بچاءُ وارو نظام به ان ميزائلن کي روڪي نٿو سگھي.اهڙي بيان کان پوءِ لڳي ٿو ته روس ۽ آمريڪا ۾ به ڇڪتاڻ وڌي سگهي ٿي، بهرحال ان تي بعد تبصرو ڪيو ويندو پر هن  وقت  شام جي صورتحال تي ڳالهائينداسين، ڇاڪاڻ ته شام ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي ۽ اڳ به شام ۾ اهڙيون انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿينديون رهيون آهن ۽ ماڻهن تي خطرناڪ هٿيار استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيندو رهيو آهي ۽ عرب ملڪ  به رڳو هڪ ٻئي خلاف بيان ڏيڻ ۾ پورو آهن، عراق جي صورتحال تي نظر ڦيرائينداسين ته اتي به اهڙي ئي صورتحال نظر ايندي،  ڪجهه علائقن ۾ دهشتگرد شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن ته ڪجهه  علائقن ۾ وري شامي حڪو،مت ۽ عرب اتحادي بمباري ڪري معصوم شهرين  جو قتل عام ڪري رهيا آهن.  جيتوڻيڪ  ڪنهن به ملڪ اهڙي ڪڌي عمل جي  سري عام مذمت نه ڪئي آهي پر گڏيل قومن مذمت ڪندي جنگ بندي جي  ٺهراءُ به منظور ڪيو پر ان تي ڌرين پاران عمل نه ٿيڻ سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون  حياتيون وڃائي ويٺا ، ان جو به ذميوار ٻيو ڪير نه شامي صدر بشارالاسد  ئي آهي، جيڪو پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ  آبادي وارن علائقن کي نشانو بڻائي رهيو آهي،

روس ۽ ترڪي جي مداخلت به شامي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهي آهي.  روزاني  مختلف چينلن تي خبرون نشر ٿي رهيون آهن ته شام ۾  بمباري  سبب هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، ايتري قدر جو سوشل ميڊيا تي به شام ۾ تباهي جا منظر   شيئر ڪيا پيا وڃن،جيڪي ماڻهو  تباهه ٿيل عمارتن ۾ ڦاٿل آهن، اهي به ويڊيو شيئر ٿي رهيون آهن ، ايتري قدر جون معصوم ٻارڙن جي لاشن جا ويڊيوز به  ماڻهن جو هانءُ ڦاڙي ٿا رکن.  هاڻ ڏسڻو آهي ته گڏيل قومن جو ادارو روايتي بيانن ۽ اعلانن کان ڪم وٺندو  يا شام ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻندو.

sahibalisindhi@yahoo.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *