لاهور قلندرز کي جھٽڪو، آل رائونڊر ڪيمرون ڊيلپورٽ جي اوچتو وطن واپسي

 

 

شارجه (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ 3 ۾ مسلسل پنج ميچن ۾ شڪست کائيندڙ ٽيم لاهور قلندرز کي هڪ ٻيو جھٽڪو، ڏکڻ آفريقي آل رائونڊر ڪيمرون ڊيلپورٽ جي اوچتو وطن واپسي ٿي رهي آهي. ڪيمرپن ڊيلپورٽ جي ماءُ ڏکڻ آفريقا ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي جنهن جي ڪري جو ٽورنامنٽ ڇڏي فوري طور وطن واپسي روانو ٿي رهيو آهي. ڏکڻ آفريقي آل رائونڊر شارجه مان ڊربن ويندو جتي هو پنهنجي ماءُ جون آخري رسمون ادا ڪندو. في الحال اهو واضح ناهي ٿيو ته ڪيمرون ڪڏهن واپس ايندو ۽ ٽورنامنٽ جو حصو ٿيندو ان ڪري هو ايندڙ ڪُجھه ميچن لاءِ لاهور قلندرز جو حصو نه هوندو. ان حوالي سان لاهور قلندرز جي چيف آپريٽنگ آفيسر ۽ مينيجر ثمين راڻا ڏُک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انتهائي ڏُک سان اسان سڀ کي آگاهه ڪري رهيا آهيون ته ڪيمرون ڊيلپورٽ جي ماءُ فوت ٿي وئي آهي، اسان جون همدرديون  ڊيلپورٽ ۽ سندس گھر وارن سان گڏ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *