سنڌ بجيٽ ۽ مخالف ڌر جو ردعمل؛محمد جاويد

ڪنهن به معاشري جي ترقي، اتي جي رهندڙ ماڻهن لاءِ صحت، تعليم، پيئڻ لاءِ پاڻي، تعليم، روڊ ۽ رستن جي تعمير اهم هوندي آهي، ڇو ته اها حڪومت ڪڏهن به ڪامياب نٿي مڃي سگهجي، جيڪا انهن بنيادي سهولتن کان عوام کي محروم رکي، وفاق ۽ پنجاب جي بجيٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي سالياني بجيٽ به پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ، تعليم، صحت ۽ ٻيون بنيادي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي اعلان ڪيا ويا آهن، گذريل سال به سنڌ حڪومت جيڪا بجيٽ پيش ڪئي، ان سان عوام جي زندگي جو معيار بهتر ڪرڻ ۾ ڪي قدم ڏسڻ وٽان نه مليا آهن، ساڳي طرح هن سال به صوبائي حڪومت پاران بجيٽ پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ مختلف اعلان ڪيا ويا آهن، اهي اعلان رڳو اعلان رهن ٿا يا اڳتي هلي ٺليون دعوائون سڏبيون، اها حقيقت تڏهن ٻڌائي سگهبي، جڏهن ساڳيو وقت ڦري ايندو. بهرحال، سنڌ سرڪار پاران نئين مالي سال 2015-16ع لاءِ 7 کرب 39 ارب 30 ڪروڙ 18 لک رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ خسارو 12 ارب 12 ڪروڙ 76 لک رپيا ڏيکاريو ويو آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ۽ ميڊيڪل الائونس ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ پوليس ۾ 10 هزار اهلڪار ڀرتي ڪرڻ سميت 24 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ پورهيت جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 13 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي، جنهن مان غريب جو گهر هلي نه سگهندو، جڏهن ته تعليم ۽ صحت کاتي کي خدمتن تي ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ ناڻي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌي ۽ اردو سان گڏ انگريزي ٻولي ۾ بجيٽ پيش ڪئي، مراد علي شاهه بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي جي نئين هال ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، بجيٽ تقرير ڪندي ناڻي واري صوبائي وزير موجب ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ جو ڪاٿو 7 کرب 39 ارب 30 ڪروڙ 18 لک رپيا لڳايو ويو آهي، وصولين جو ڪاٿو 6 کرب 38 ارب 24 ڪروڙ 73 لک رپيا لڳايو ويو آهي ۽ بجيٽ جو خسارو 12 ارب 12 ڪروڙ 76 لک رپيا هوندو، مراد علي شاهه موجب ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ۽ ميڊيڪل الائونس ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي ۽ هڪ کان پنجين گريڊ جي ملازمن کي پري ميچوئر ميڊيڪل انڪريمينٽ ڏني ويندي. ايندڙ مالي سال دوران پوليس کاتي ۾ 10 هزار نوان اهلڪار ڀرتي ڪيا ويندا، جڏهن ته ٻين کاتن ۾ 14 هزار 224 نيون نوڪريون ڏنيون وينديون، پورهيت جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 13 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. بجيٽ تقرير جي تفصيلن موجب ملازمن جي پگهارن لاءِ 2 کرب 32 ارب ۽ پينشن لاءِ 46 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾صوبي ۾ امن امان لاءِ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪري 64 ارب 45 ڪروڙ 80 لک رپيا رکيا ويا، ترقياتي رٿائن لاءِ 177 ارب، زراعت لاءِ 5 ارب 72 ڪروڙ. آبپاشي کاتي لاءِ 17 ارب 62 ڪروڙ، مڪاني حڪومتن لاءِ 52 ارب 3 ڪروڙ، نون روڊن جي تعمير لاءِ 22 ارب، تعيلم کاتي لاءِ 144ارب 76 ڪروڙ، صحت جي شعبي لاءِ 57 ارب 49 ڪروڙ رپيا، ڪراچي جي اهم ترقياتي ڪمن لاءِ 49 ارب 43 ڪروڙ، ڪراچي ماس ٽرانزٽ، سرڪلر ريلوي، بس ريپڊ ٽرانزٽ جا 5 ۽ ميٽرول ريل ٽرانزٽ جا 2 منصوبا بجيٽ ۾ شامل، حيدرآباد ڊويزن جي ترقياتي رٿائڻ لاءِ 37 ارب 56 ڪروڙ رپيا، سکر ڊويزن جي نون منصوبن لاءِ 27 ارب 34 ڪروڙ رکيا ويا آهن، جڏهن ته لاڙڪاڻي ڊويزن جي نون منصوبن لاءِ 33 ارب 58 ڪروڙ، ميرپور خاص ڊويزن لاءِ 34 ارب 58 ڪروڙ ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ نون منصوبن لاءِ 18 ارب 15 لک رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ تقرير ڪندي مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته تعليم جي بجيٽ ۾ 29 سيڪڙو واڌ ڪندي ڪل رقم 144 ارب 37 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي آهي. تعليم جي شعبي ۾ ترقياتي پروگرام لاءِ بجيٽ ۾ 13 ارب 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا، جڏهن ته تعليمي بورڊز ۽ يونيورسٽين لاءِ 2 ارب رپين جو اعلان ڪيو ويو. بجيٽ ۾ امن امان لاءِ 16-2015ع ۾ ڪل آمدني خرچ جو 13 سيڪڙو رکيو ويو آهي، امن امان لاءِ هلندڙ مالي سال جي 58 ارب 62 ڪروڙ 30 لکن مان وڌائي نئين مالي سال ۾ 64 ارب 45 ڪروڙ 80 لک رپيا رکيا ويا آهن، جيڪو 10 سيڪڙو واڌارو آهي. سنڌ پوليس جي بجيٽ 50 ارب رپين مان 61 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، ناڻي وزير اعلان ڪيو ته سنڌ پوليس جون پگهارون پنجاب پوليس برابر ڪيون وينديون، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مهاڙي وارا ويڙهاڪ آهن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان پوليس جي مجموعي بجيٽ 50 ارب 91 ڪروڙ رپين مان وڌائي 61 ارب 84 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي آهي. نئين مالي سال دوران سنڌ پوليس کي جديد اوزارن، سي سي ٽي وي ڪئمرامن لاءِ 6 ارب 23 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. سنڌ پوليس کي سگهارو بڻائڻ ۽ اهلڪارن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ 16-2015ع جي بجيٽ ۾ 10 هزار 30 آساميون پڻ پيدا ڪيون ويون آهن، جنهن لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن، ٽرانسپورٽ جي خريداري لاءِ 2 ارب، 2 سئو گاڏين جي بليٽ پروفنگ ۽ 100 پوليس گاڏين جي بم پروفنگ لاءِ 50 ڪروڙ رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ تعليم جي شعبي لاءِ هڪ کرب 44 ارب 67 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن. هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ نئين مالي سال ۾ تعليم جي بجيٽ ۾ 6 سيڪڙو واڌ ڪئي ويئي آهي. هلندڙ سال اها رقم هڪ کرب 34 ڪروڙ 37 لک رپيا هئي. تعليم جي شعبي لاءِ رکيل بجيٽ ۾ يونيورسٽيز ۽ تعليمي ادارن جي گرانٽس به شامل آهي. گرانٽس لاءِ هلندڙ سال 5 ارب 89 ڪروڙ رپيا رکيا ويا هئا، هن سال اها رقم وڌائي 6 ڪروڙ 12 لک ڪئي ويئي آهي. اسٽيوٽا لاءِ هڪ ارب رپيا ۽ اسپيشل ايجوڪيشن لاءِ 20 ڪروڙ رکيا ويا آهن. اي ڊي پي کانسواءِ تعليم کاتي جي پرڏيهي سهڪاري پروجيڪٽس لاءِ 2 ارب 61 ڪروڙ 60 لک رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جن ۾ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام لاءِ 2 ارب 11 ڪروڙ 30 لک (يو ايس ايڊ) ۽ ٻهراڙين ۾ پرائمري اسڪولن کي ايليمينٽري اسڪولن ۾ اپ گريڊنگ لاءِ 50 ڪروڙ رپيا (جي آءِ سي اي) شامل آهن. سنڌ اسڪول ايجوڪيشن اسٽينڊرڊ اينڊ ڪريڪيولم ايڪٽ 2014ع معياري نصاب کي يقيني بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام ذريعي اٽڪل هڪ لک نوجوانن کي پڙهائڻ، رياضي، انگريزي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ هنري سکيا ڏني ويندي.بجيٽ ۾ صحت جي شعبي لاءِ 57 ارب 49 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن. اسپتالن ۾ مشينري ۽ ٻئي سامان جي خريداري لاءِ 60 ڪروڙ مختص ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه جي بجيٽ تقرير موجب ته ميڊيڪل ايجوڪيشن جي هلندڙ مالي سال ۾ مختص ڪيل 48. 43 ارب رپين مان 32 سيڪڙو وڌائي نئين مالي سال ۾ 57 ارب 49 ارب رپيا رکيا ويا آهن. صحت جي شعبي لاءِ اي ڊي پي رقم جو ڪاٿو 13 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ هلندڙ رٿائن لاءِ 10 ارب رپيا ۽ نين رٿائن لاءِ 2 ارب 93 ڪروڙ 70 لک رپيا شامل آهن. صحت ۾ ورڪٽيڪل پروگرامز جهڙوڪ اي پي آءِ، ايم اين سي ايڇ، هيپاٽائيٽس ڪنٽرول، پروينشن اينڊ ڪنٽرول آف بلائينڊنيس، ٽي بي ۽ مليريا ڪنٽرول پروگرام لاءِ خرچ جو ڪاٿو هڪ ارب رپين کان وڌيڪ لڳايو ويو آهي. صحت کاتي جي پرڏيهي سهڪاري منصوبن لاءِ 2 ارب 38 ڪروڙ رکيا ويا آهن، جن مان نيوٽريشن سپورٽ پروگرام فار سنڌ لاءِ هڪ ارب 38 ڪروڙ 50 لک رپيا ۽ سکر ۾ چائلڊ هيلٿ ڪيئر انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ارب رپيا شامل آهن. سنڌ بجيٽ ۾ ڪاٺوڙ ڪراچي ۾ ايس آءِ يو ٽي ملٽي آرگن ٽرانسپلانت اينڊ بايولاجيڪل سينٽر قائم ڪرڻ، نيو ڪليئر انسٽيٽيوٽ آف ميڊيسن اينڊ ريڊيوٿراپي ڄامشورو جي اپ گريڊيشن، طالب الموليٰ ميڊيڪل ڪاليج اينڊ ٽيچنگ هاسپٽل هالا جي تعمير، سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ ڊويزنل ڊائريڪٽوريٽ آف هيلٿ سروسز قائم ڪرڻ، جي پي ايم سي ۾ 580 بسترن واري نئين سرجيڪل ڪامپليڪس ۾ اڪيوپمينٽ جي فراهمي لاءِ رقمون رکيون ويون آهن. نئين سال جي بجيٽ ۾ آبپاشي جي ترقياتي رٿائن لاءِ 12 ارب ۽ زراعت شعبي جي ترقياتي رٿائن لاءِ 4 ارب 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. بنيادي طور تي زرعي ملڪ هئڻ ڪري پاڻي اسان لاءِ زندگي آهي ۽ سنڌ حڪومت ان حقيقت کان چڱي ريت واقف آهي، انڪري آبپاشي جي پاڻي فراهمي واري نظام ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ سان گڏوگڏ وڌ ۾ وڌ مقدار ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن. آبپاشي جي ترقياتي رٿائن لاءِ 12 رپيا رکيا ويا آهن، جنهن مان 8 ارب 96 ڪروڙ 40 لک رپيا جاري ترقياتي منصوبن ۽ 3 ارب 35 لک رپيا نون منصوبن لاءِ رکيا پيا وڃن. روهڙي ڪئنال ۽ جمڙائو ڪئنال کي پڪو ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته رکيل 12 اربن کانسواءِ آبپاشي کاتي وٽ پرڏيهي مالي مدد جا 9 ارب 45 ڪروڙ 70 لک رپيا موجود هوندا، جيڪي گڊو بئراج جي بحالي ۽ جديد بڻائڻ، سنڌ واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پروجيڪٽ ۽ بنيادي ڍانچي جي سڌري لاءِ مشينري جي خريداري تي خرچ ڪيا ويندا. سنڌ ۾ 2 ڪروڙ ايڪڙ پوکي لائق ايراضي مان 13 ملين ايڪڙ سنڌ آبپاشي جي ڪمانڊ ايريا ۾ آهي، باقي رهيل 7 ملين ايراضي آبپاشي مقصدن خاطر استعمال ڪرڻ لاءِ 140 ننڍن جي اڏاوت لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي ڪئي ويئي آهي، جن مان 80 هنڌن کي ننڍا ڊئم تعمير ڪرڻ جي قابل قرار ڏنو ويو آهي. وفاقي ترقياتي پروگرام ذريعي ننڍن ڊئمن جي اڏاوت سان 3 لک ايڪڙ زمين پوکيءَ لائق ٿيندي.هوڏانهن زراعت شعبي جي ترقياتي پروگرام لاءِ سنڌ بجيٽ ۾ 4 ارب 50 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن، جن مان 3 ارب 97 ڪروڙ 20 لک جاري ترقياتي رٿائن ۽ 53 ڪروڙ 20 لک منصوبن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن. جي ڊي پي ۾ زراعت جو 23 سيڪڙو حصو آهي، سنڌ بجيٽ ۾ مڪاني حڪومتن ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي لاءِ 52 ارب 45 ڪروڙ 70 لک رپيا رکيا ويا آهن، جنهن ۾ لوڪل باڊيز لاءِ 47 ارب 30 ڪروڙ رپيا گرانٽ شامل آهي ۽ ان گرانٽ ۾ 4 ارب رپيا ڪارڪردگي گرانٽ شامل آهي، جيڪي ميونسپل خدمتن جي فراهمي لاءِ نوٽيفاءِ ٿيل ڪارڪردگي جي پئماني هيٺ لوڪل باڊيز ۾ ورهايا ويندا. ساڳئي طرح سالياني ترقياتي پروگرام ۾ 18 ارب 76 ڪروڙ رپيا لوڪل گورنمينٽ، ڳوٺاڻي ترقي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ ميونسپل سروس ڊليوري نظام ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ پرڏيهي مالي سهڪاري منصوبن ۾ 6 ارب 12 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ن)، فنڪشنل ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي چونڊيل ميمبرن سنڌ جي بجيٽ کي رد ڪري احتجاج ڪيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته ان بجيٽ ۾ عوام جي ڀلي لاءِ ڪجهه ناهي، رڳو حڪمرانن جي ڪميشن ۽ ڪرپشن جي لاءِ پيش ڪئي وئي آهي گذريل بجيٽ جا به اربين رپيا رڳو ڪاغذن ۾ ڏيکاريا ويا آهن، ميدان تي ڪاري وارا ڪک آهن، مخالف جي هنگامي جي نتيجي ۾ ناڻي واري وزير جي تقرير ۾ خلل پئجي ويو ۽ هو خاموش ٿي بيهي رهيو، ان دوران مخالف جي ميمبرن سخت نعريبازي ڪندي اسپيڪر جي روسٽرم اڳيان جمع ٿي ويا، گو گو، شيم، شيم، نامنظور نامنظور بجيٽ نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا مخالف ڌر جا ميمبرن جي ڪافي دير تائين نعريبازي ڪرڻ کانپوءِ ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. بجيٽ کي رد ڪرڻ ته هر ڪنهن جو حق آهي، چاهي اها سياسي جماعت ڇو نه هجي، پر ان سان گڏ ڪراچي جهڙي شهر ۾ هڙتال جو سڏ ڏئي دڪان ۽ ڪاروبار بند ڪرائڻ مان ڇا مراد آهي؟ ڇا ايم ڪيو ايم اهڙي وقت ۾ به پنهنجي طاقت ڏيکارڻ چاهي ٿي، جڏهن ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي،

دهشتگردي جي ڪري معيشت کي اڳ ئي وڏو ڌڪ رسيو آهي، ان موقعي تي اهڙي قسم جا اعلان ڪيا وڃن ٿا. ان ڪري سياسي جماعتن کي گهرجي ته هو وڌندڙ معيشت جي راهه ۾ رنڊڪ وجهڻ بدران حڪومتي ڪمن ۽ سرگرمين ۾ هٿ ونڊائين، ان سان ئي هي ملڪ ترقي ڪري سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *