عمران خان جوڊيشل ڪميشن کي خط لکي هار قبولي ورتي : پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي سڌ سماءُ واري وزير پرويز رشيد چيو آهي ته تحريڪ انصاف پاران جڊيشل ڪميشن کي لکيل خط جو مطلب ته هنن مات مڃي ڇڏي آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  پرويز رشيد جو چوڻ هو ته امڪاني ڌانڌلي جي ٻڌڻي ڪرڻ واري جڊيشل ڪميشن جي اڳيان تحريڪ انصاف ڌانڌلي جي حوالي سان دستاويز ، ثبوت ۽ گواهه پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ۽ هاڻي جڊيشنل ڪميشن کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ رٽرننگ آفيسرن کي گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جيڪو عمران خان جو يو ٽرن ۽ تڪرار آهي. وفاقي سڌ سماءَ واري وزير جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ملڪي ترقي ۾ رڪاوٽون وجهڻ ٿو چاهي ۽ جڊيشل ڪميشن ۾ ان جو مطالبو ان ڪري آهي ته جيئن ترقي لاءِ طئي ڪيل مقصد حاصل نه  ٿي سگهن ان ڪري حڪومت اهڙن مطالبن کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *