سنسي پکيڙڻ وارو رجحان ۽ صحافتي ذميواري ؛نسيم بخاري

مان جڏهن پورهيت ۽ فرض شناس صحافين جي زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلن، المين، محرومين ۽ خطرن بابت سوچيندو آهيان ته ڏاڍو اداس ٿي ويندو آهيان. اسان وٽ هڪڙا دوست وڏن ٺٺن ۾ آهن. ڏاڍيون شاهاڻيون زندگيون پيا گهارن، انهن جي اهڙين آسائشن ۽ سکن وارين حياتين تي ڪنهن تبصري جي ضرورت ناهي. انهن جي تعلقاتن ۽ طاقتن توڙي حيثيت تي ڪو به حوال نه ٿا ڪٽيون پر هڪڙا اهي انسان آهن، جيڪي خاص ڪري سنڌي صحافت ۾ نور نچوئي، عمريون ڳاري مشهور اديب علي بابا جيان جيون گهارن پيا. اُهي پنهنجي فڪر، سوچ، اندازي ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي حوالي سان دنيا جي زماني سازي واري مزاج کان مختلف آهن. اهي ڪنڊ ۾ ويهي فقط پنهنجي ضمير جي تسلي ۽ خدا جي خوشنوديءَ لاءِ تتيءَ ٿڌيءَ ۾ پنهنجي وس ۽ وت آهر جاکوڙن پيا. اهي پورهيت صحافي سماج ۾ ساڃاهه جي سوجهري جي پکيڙ جي حوالي سان جيڪا جستجو ڪن ٿا، انهيءَ آڌار هنن ۾ هڪ اُميد پيدا ٿئي ٿي؛ اُها اُميد ته اڳتي هلي ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو، جهالت ۽ جبر مان خلق جي جند ڇُٽندي، ماڻهو پنهنجي راءِ جي اظهار کان هر قسم جي جائز حقن جي حاصلات تائين خودمختيار ۽ سرها هوندا. اهي حق کي حق ۽ ناحق کي ناحق چوڻ جي جرئت ڪندا، اهي براين ۽ بڇڙاين توڙي بدڪارين تي ڦٽڪار ڪندا. هر ڏاڍ کي ٽانڊا ڏيندا ۽ معاشري ۾ مثبت تبديلين جا امين ٿيندا. اها اُميد فرض شناس صحافين ۽ اديبن جي وڏي ڏڍ هوندي آهي ۽ اهو ڪمال ان ڏڍ جو ئي هوندو آهي، جو ڏاڍا ڏڪي ويندا آهن. اهو صحافي ۽ اديب جيڪو ڪمزور هئڻ باوجود ڏاڍن کي للڪاري ٿو، انهيءَ دليريءَ تي کيس ڪو داد ڏئي يا نه پر گهٽ ۾ گهٽ ان جي تاريخ ۾ اهميت وڌي ويندي آهي. ان جي لاءِ اهو احساس ئي وڏو سهارو هوندو آهي ته جيڪو ڪجهه جنهن سطح تي ۽ جهڙي ريت به ڪري رهيو آهي، اهو سماج ۾ سوجهري جو سبب بڻبو ۽ اونداهه گهٽبي. اهڙي پس منظر ۾ جيڪي ماڻهو همت نه ٿا هارن ۽ اجتماعي بهتريءَ جي حوالي سان جستجو ڪري رهيا آهن سي واقعي به جس لهن ٿا پر انهن لاءِ اصول پرستي، ايمانداري ۽ فرض شناسي جيڪي مسئلا جنمي ٿي انهن ۾ سڀ کان وڏو رخ آهي امڪاني خطرن جو.

اسان وٽ ٽاڪوڙا مچائڻ جي شوق ۾ هيل تائين ڪيترن ئي ادارن پنهنجا سرفروش صحافي قربان ڪرايا آهن، ادارن کي ته ”شهيد“ ميسر ٿيا آهن پر انهن ادارن پنهنجي طور تي پنهنجي شهيدن جي ٻارن ٻچن ۽ پونئيرن سان ڪيترو نڀايو ۽ ملهايو آهي سو وڏو سوال آهي.

جيئن ٽي وي چئنلز ۾ بريڪنگ نيوز جي حوالي سان هڪ ٻئي کان گوءِ کٽڻ جي ڊوڙ هوندي آهي، ائين اخبارون ۽ رسالا وري نت نئين خبر واري تعارف جي چڪر ۾ هوندا آهن، پوءِ اهڙي ”سورهيائي“ ۾ ان جي صحافيءَ جو سر وڃي ته وڃي. هاڻ ته ان کان به وڌيڪ خطرناڪ کيل شروع ٿي ويا آهن. فرض شناس صحافي کي ڪن نه جن ان سان منسوب خبرون ۽ رپورٽون هلي ٿيون وڃن. ان حوالي سان مان پنهنجي هڪ ذاتي تلخ تجربي جو حوال ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان.

شڪارپور ۾ 30 جنوري تي ڪربلا ۾ بم ڌماڪي کانپوءِ مون کان اها مسلسل پڇا ٿيندي رهي ته گرفتار دهشتگردن جو تعلق ڪهڙي مذهبي جماعت سان آهي. اهي ڪهڙي مدرسي جا خطابي آهن؟ انهن جا ڳوٺ ڪهڙي حال ۾ آهن، انهن جا هتي ڪير مددگار آهن. شڪارپور ۾ انهن جو ڪيترو اثر آهي، اهي سڀ جو سڀ اهڙا سوال آهن جن بابت مون کي ڪو به تسلي جوڳو جواب نه هو، ان ڪري مون پنهنجي لاچاري ڏيکاري.

چيو ويو ته ڀلا بيان ڪرڻ جي حد تائين جيڪو رپورٽ ڪري سگهجي ٿو لکي ڏيو. اهو به پڇيو ويو ته ڪيترا رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ مدرسا آهن. مون اهو ٻڌايو ته هتي رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ مدرسن جو تعداد ڇا آهي. اهي ڪهڙي مذهبي تنظيم جي جهنڊي هيٺ هلن ٿا ۽ سندن مهتمم ڪير آهن. ٿيو ائين ته ڪي تڪراري ۽ اعتراض جوڳيون سٽون لکي هيٺيان منهنجو نالو لکي ممڻ ۽ ٽاڪوڙو مچايو ويو.

نه مون کي اها پڪ آهي ته مدرسا دهشتگردي ڦهلائن ٿا نه ئي مون ائين لکيو آهي. مان جيڪا ڳالهه لکندو آهيان ذميداري سان لکندو آهيان پنهنجي 25 ساله صحافتي زندگي ۾ نه ڪنهن کي بليڪ ميل ڪيو آهي نه ڪنهن غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي.

انتهاپسندي خلاف مجموعي طور لکندو رهيو آهيان، اها ڪنهن جي به طرفان هجي ان جي نندا ڪئي آهي پر ڪنهن جي خلاف جيستائين ثبوت نه هجي، تيستائين ان فرد يا اداري جو نالو نٿو وٺي سگهجي ۽ نه ئي مون ڪو اهڙو ڪوجهو ڪم ڪيو آهي. مان ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ جيڪا سڃاڻپ رکان ٿو، تنهن بابت جيڪا ساک رکان ٿو، ان جا پڙهندڙ ساکي آهن.

اسان لکندڙن جي زندگي جڏهن هوندي ئي عوام لاءِ آهي ته پوءِ خلق کي پنهنجي ڏکن سکن ۾ ڇو نه ٿو ڀاڱي ڀائيوار بڻائي سگهجي؟ هڪ ليکڪ ۽ عوام جو پاڻ ۾ جيڪو تعلق هجي ٿو اهو اعتماد ۽ احساس وارو هوندو آهي. جهڙي ريت خلق جا ڏک سور هڪ قلمڪار بيان ڪري ٿو اهڙي ريت عوام کي به اهو پورو پورو حق آهي ته اهو به ليکڪن جي ڏکن سکن کان واقف ٿي. ان کي خبر هجي ته پاڻ وٽ ڪهڙي ڪهڙي سطح جون ٻه اکيايون ۽ ٺڳيون ٿي رهيون آهن، هتي ڪيئن مفادن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. مان سنڌ جي اديبن، ڪالم نگارن ۽ محققن کي گذارش ٿو ڪيان ته هتي جنهن رخ بابت مون ڪچا ڦڪا خيال سانڍيا آهن انهن بابت هو به پنهنجا تجزيا لکن ته جيئن ڪا گڏيل حڪمت عملي جڙي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *