سڄي ملڪ ۾ موٽروي جو ڄار وڇايو ويندو، لوڊشيڊنگ 2017 تائين ختم ٿي ويندي: نواز شريف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان آڏو 3 وڏا چئلينجز دهشتگردي، توانائي ۽ معاشي بحرانن کي منهن ڏيڻ حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي اهو ڏينهن ويجهو آهي جڏهن ملڪ مان دهشتگردي ختم ٿي ويندي ۽ حڪومتي قدمن سبب پاڪستان کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪنداسين 2017 تائين ملڪ مان بجلي جو بحران ختم ٿي ويندو سڄي ملڪ ۾ موٽر وي جو ڄار وڇائي ڇڏينداسين ڪراچي لاهور موٽر وي کان علاوه خنجراب کان گوادر تائين ۽ پشاور کان ڪابل تائين موٽر وي تعمير ڪئي ويندي موٽر ويز کي وش ايشيائي ملڪن سان جوڙينداسين ان سان نه صرف ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيد اٿيندا پر غربت گهٽجي ويندي جلد تعليمي بجيٽ 2 سيڪڙو مان وڌائي 4 سيڪڙو ڪئي ويندي اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع تي سپر هاءِ وي تي ڪراچي کان لاهور موٽر وي جي پهرين مرحلي تحت ڪراچي کان حيدرآباد موٽر وي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي گورنر ڊاڪٽر عشرت العابد خان وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو چيئرمين شاهد اشرف تارڙ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن جو ڊائريڪٽر جنرل ميجر محمد افضل ۽ ٻيا به موجود هئا ان موقعي تي اين ايڇ اي ۽ ايف ڊبليو او ۾ ايم نائين منصوبي جي تعمير جي حوالي سان معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون ايم نائين موٽر وي تي سڪس لائينز هوندي جيڪا ڪراچي کان حيدرآباد وچ ۾ 139 ڪلومير تائين اڏي ويندي هي رٿا 36 ارب جي لاڳت سان 30 مهينن ۾ مڪمل ڪئي ويندي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته مان هن عظيم رٿا جو پيڙهه جو پٿر رکي رهيو آهيان منهنجي دلي خواهش هئي ته ڪراچي کان لاهرو تائين موٽر وي اڏجي هن رٿا جو پهريون مرحلو ڪراچي کان حيدرآباد تائين هوندو ٻيو مرحلو حيدرآباد کان سکر، ٽيون مرحلو سکر مان ملتان ۽ آخري مرحلو ملتان کان لاهور تائين هوندو هن چيو ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي ترقي جو راز اهو آهي ته اتي انفرااسٽريڪچر هجون سهولتون موجود آهن ۽ جديد شاهرائون انهن ملڪن ۾ تعمير ڪيون ويون آهن هن چيو ته 1991 ۾ پاڪستان ۾ موٽر وي جي اڏاوت جي شروعات ڪئي ويئي پشاور کان اسلام آباد ۽ اسلام آباد کان لاهور تائين موٽر وي تعمير ڪئي ويئي 1997 ۾ ڇا ٿيو هي سڀ ڄاڻن ٿا اسان جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ هي رٿا اڌ ۾ رهجي ويئي اڄ اسان سان هلندڙ ملڪ اسان کان اڳتي نڪري ويا آهن اڄ به اسان اتي ئي بيٺا آهيون جتي اسان 20 سال اڳ هئاسين ڪجهه منصوبن جي مڪمل ٿيڻ تي تسلسل برقرار ناهي رهي سگهيو جنهن سبب اسان ڪيترائي سال پوئتي هليا ويا آهيون هن چيو ته پاڪستان جي آبادي اٽڪل 18 ڪروڙ آهي هتي نوجوانن جو وڏو انگ موجود آهي اسان جا نوجوان هنرمند آهن جيڪي ٻين ملڪن ۾ وڃي انهن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن اسان کي پنهنجي نوجوان نسل جي صلاحيتن کان فائدو وٺڻو پوندو ۽ نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. ڪراچي کان حيدرآباد موٽر وي جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو پيو وڃي هن رٿا سان اسان ملير ايڪسپريس وي به تعمير ڪنداسين هي 42 ڪلوميٽر ڊگهو روڊ هوندو هي شاهراهه پورٽ کان ايم نائين تائين جوڙي ويندي هن جي اڏاوت جو مقصد اهو آهي ته ڪارگو ٽرانسپورٽ شهر ۾ داخل ٿيڻ کان سواءِ سڌي طرح ان ڪوريڊور ذريعي ايم نائين سان ملي وڃي ۽ تيز رفتاري سان تجارتي سامان جي هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين چرپر سولائي سان ٿي سگهي وزيراعظم چيو ته حيدرآباد کان سکر تائين موٽر جي جي اڏاوت لاءِ وسيلن جا انتظام ڪري رهيا آهيون سکر کان ملتان تائين موٽر وي پاڪ چين اقتصادي راهداري جي منصوبي تحت تعمير ٿيندي ملتان کان لاهور تائين مور وي جي اڏاوت ايف ڊبليو او ڪندي هن چيو ته هزاره موٽر وي جي اڏاوت جو ڪم به جاري آهي جڏهن ته خنجراب کان گوادر تائين موٽر جي اڏاوت به جلد شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سنڌ ۾ موٽر وي جي اڏاوت دوران صنعتي زون به قائم ڪري وفاق ان حوالي سان هر ممڪن مدد ڪندو هن چيو ته تعليم جي بجيٽ کي 2 سيڪڙو مان وڌائي 4 سيڪڙو ڪيو ويندو هن چيو ته تعليم صحت ۽ سماجي بهبود جي رٿائن تي خاص توجهه ڏني پئي وڇي جنهن سان نه صرف روزگار وڌندي پر غربت به ختم ٿيندي هن چيو ته اسان ملڪي رٿائن کي پنهنجن وسيلن سان مڪمل ڪنداسين ۽ پاسڪتان کي ترقيافته ملڪن ۾ شامل ڪنداسين هن ايف ڊبليو او کي هدايت ڪئي ته هن منصوبي کي 24 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ڪراچي حيدرآباد موٽر وي خاص ڪري سنڌ ۾ موٽر وي جي تعمير سان معاشي سرگرميون وڌنديون ۽ ان سان نه صرف حادثا گهٽجي ويندا پر صوبو به ترقي ڪندو هن موٽر وي رٿا جي شروعات تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو ان موقعي تي ايف ڊبليو او جي ڊي جي ميجر جنرل محمد افضل چيو ته ايم نائين موٽر وي سڪس لائينز هوندي موٽر وي جي آسپاس سروس لين به تعمير ڪئي ويندي جڏهن ته مسافرن جي سروس ۽ حادثن کي منهن ڏيڻ لاءِ طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ٻه ٽراما سينٽر به قائم ڪيا ويندا هن چيو ته هي منصوبو مقامي بئنڪن جي تعاون ڪيو ويندو ۽ ٽول پلازه ۾ آمدني ٿيندڙ قرض ادا ڪيو ويندو هن چيو ته ايم نائين رٿا جديد سهولتن سان تيار ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *