ذوالفقار مرزا ۽ زرداري دوست مان دشمن، آخر ڇو؟؛مسرورسيال

چاليھه کان پنجيتاليھه سالن جي دوستي اوچتو دشمني ۾ مٽجي  وڃڻ کان پوءِ ڇا اِها چوڻي هتي ٺهڪي ٿي ته سياست ۾ دوستي ۽ دشمني نه هوندي آهي … ڪالھه جا جگري دوست اڄ جا ويري دشمن نظر اچن ته پوءِ اهو به نه چئجي ته هي سياست ناهي ……. جي سياست ناهي ته پوءِ هن کي ڪهڙو نالو ڏجي ……. جي چئجي ته سياست آهي ته پوءِ ڇا هي دشمني وري اڳتي هلي دوستي ۾ مٽجي سگھي ٿي، جيڪڏهن ائين نه ٿي سگھي ته ان جو مطلب اِهو ٿيندو ته پوءِ هي سياست ناهي ، هاڻ هي ذاتي دشمني آهي ۽ سياست ۾ جي ذاتي دشمنين جنم وٺڻ شروع ڪيو ته اهو انتهائي خطرناڪ عمل هوندو ۽ اهو هر سياستدان کي پنهنجي گھيري ۾ آڻي سگھي ٿو ، هتي سوال اهو آهي آخرڪار ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اهڙي انتهائي قدم کڻڻ تي ڇو مجبور ٿيو آهي يا ڪنهن جي چوڻ تي اِهو سڀ ڪجھه ڪري رهيو آهي؟ جئين پ پ قيادت هاڻ چئي رهي آهي ته مرزا مخالفن جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي ، اڳ جڏهن مرزا الزام پي هنيا ته جيالا خاموش هئا ۽ کانئن جڏهن مرزا بابت پڇيو ويندو هو ته جواب ۾ چيو ويندو هو ته مرزا جي ايتري حيثيت ناهي جو کيس جواب ڏجي.

…… پر ڪجھه ڏينهن کان وري نه رڳو جيالا ايم پي ايز پر جيالڻيون ايم پي ايز به ٽولن جي صورت ۾ پريس ڪانفرنس ڪري جواب ڏيندي نظر اچي رهيون آهن، جنهن مان اِهو لڳي رهيو آهي ته مرزا جي هاڻ ڪا حيثيت جڙي وئي آهي ، مرزا جي حيثيت جڙي يا نه جڙي پر اِها ڳالھه واضع ٿي چڪي آهي ته مرزا ۽ ذرداري ۾ اختلاف  ڪي معمولي ناهن ….. جيڪي به آهن اهي وڏا وزنائتا آهن ، اهو ئي سبب آهي جو پ پ هاڻ انتقام تي لهي آئي آهي. بدين ۾ سندس حامين کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ، جنهن تي مرزا پنهنجين حامين جي گرفتارين خلاف احتجاج ڪندي ٿاڻي تي پهتو جتي ڊي ايس پي سان منهن ماري ٿيڻ واري ماحول مان پڻ اهو لڳي رهيو آهي ته بدين ۾ مرزا جي عوامي سگھه آهي، ان کان پوءِ مٿس دهشتگردي ڪورٽ ۾ ٽي ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ کيس گرفتار ڪرڻ جي لاءِ رٿابندي تي غور ٿي رهيو هو ته مرزا جو بيان سامهون آيو جيڪڏهن کيس ايس پي بدين خالد ڪورائي يا امڪاني ايس پي راءِ انوار گرفتار ڪرڻ آيا ته هو بندوق کڻي ساڻن مقابلو ڪندو،  هن چيو ته هو ايماندار پوليس آفيسرن ڊي آئي جي حيدرآباد ثناالله عباسي ، ايس پي حيدرآباد عرفان بلوچ کي گرفتاري ڏيڻ جو حق ڏئي سگھي ٿو، ان لاءِ هن ثناالله عباسي سان رابطو پڻ ڪيو  هوڏانهن وري مرزا فارم هائوس جو گھيراءُ پڻ ڪيو ويو آهي،  جتي سڄو ڏينهن ڳڻتي واري صورتحال رهي ..

هن قت جيڪا به صورتحال بيٺي آهي، ان مان اِهو چٽو ٿي ويو آهي ته مرزا ۽ زرداري ويڙھه سياست نه پر ذاتي اختلافن جو منظر نظر اچي رهيو آهي  ، هتي اِها ڳڻتي ضرور آهي ته جيڪڏهن سياست هاڻ ذاتي دشمنين جي ور چڙهڻ لڳيون ته پوءِ سياست جيڪا اڳ ئي پنهنجي معنيٰ مطلب وڃائيندي نظر اچي ٿي، اها بگاڙ جي صورت اختيار ڪري وٺندي، جنهن سان سياست به دشمني جو ٻيو نانءُ بڻجي ويندي ،  سنڌ جو ماڻهو جيڪو اڳ ئي غير ذميوار سياستدانن جي سياست  جي حملن جو شڪار رهيو آهي ۽ سياسي زخمي رهيو آهي، اهو ويتر بنا مسيحا جي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي اچي بيهندو  … سياسي اختلاف اتي ٿيندا آهن جتي سياست هجي اسان وٽ ته سياست ذاتي مفادن ، رنجشن ۽ انتقامن جي لاءِ استعمال ٿئي ٿي جنهن سان مٿي کان هيٺ تائين نفرتن جو ڄار وڇايل آهن. اسين جتي اڳ ڪيترن ئي مسئلن جي ورچڙهيل آهيون برادرين جا جھيڙا ، ڪرپشن جا پهاڙ، بک بد حالي ، بدامني ، بد انتظامي ، بيروزگاري ، سماج دشمنن جون سرگرميون جيڪي نواجوان نسل کي تيزي سان تباھه ڪري رهيا هجن اتي معاشري کي بهتر ڪرڻ بدران اهڙا عمل ڪيا وڃن،

جنهن سان ويترغير يقيني وارو ماحول جنم وٺندو هجي، اها سنڌ جي ڪهڙي خدمت چئبي …..!  اسان جي حڪمرانن جي ڪرپشن ڪنهن کان ڳجھي نه آهي، خاص ڪري گذريل 5 سالن واري حڪومت ۽ هاڻ هلندڙ حڪومت ته رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، اسان جي ڪرپشن جي تعريف جا قصا ته هاڻ ٻين ملڪن جون  انٽرنيشنل تنظيمون پڻ ڪري رهيون آهن ، امڪان آهي ته سنڌ حڪومت جا ڪجھه وزير پڻ ڪرپشن جي الزام ۾ قانون جي پڪڙ ۾ اچي وڃن ، هن وقت پ پ لاءِ انا جو مسئلو بڻيل آهي ته سندن  جي دعويٰ آهي ته  هنن سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، جڏهن ته عوام کي سندن اهڙي دعويٰ تي اچرچ آهي روڊ، رستا اهي ئي  اکڙيل آهن ، ٿاڻا ،  تعلقه ميونسپل، اسپتالن سميت هر اداري جون سڻڀيون پوسٽن جون ٻوليون لڳي رهيون آهن، هر طرح سان عوام پيڙهجي رهيو آهي اتي اِها دعويٰ عوام کي اچرچ نه ڏيندي ته ڇا خوشي ڏيندي …….. بدين هن وقت حڪومت جي ائين نشاني تي آهي ، جئين اڳ مشرف دور ۾ ڊيرا بگٽي نشاني تي هو عجب آهي مرزا فارم جو ائين گھيرو ڪيو ويو آهي، جو ٽينڪر بيهاري رستا بند ڪيا ويا آهن، جئين ڪو وڏو آپريش ٿيڻ وارو هجي، سنڌ حڪومت جي اهڙي حڪمت عملي ڪا چڱي نه چئبي ، ان جا اثر سياسي طور پ پ کي ڪمزور ڪندا ، هنن لاءِ ضرري آهي ته مسئلي کي سياسي انداز۾ حل ڪن، تنقيد هر ڪنهن جو جهموري  حق آهي ، جي تنقيد جو جواب اهڙي انداز ڏنا ويا ته پوءِ جمهوري سوچ ۽ آمراڻي سوچ ۾ ڪهڙو فرق رهجي وڃي ٿو ….. جتي ذالفقار مرزا جي اندازِ اختلاف سان سهمت نٿي ڪري سگھجي اتي وري حڪمرانن ۽ پ پ پ جيالن جي جوابي انداز کي چڱو نٿو چئي سگھجي ، سنڌ جي عوام جيڪو اڳ ئي اعصابي تشدد سان منهن ڏئي رهيو آهي اتي ذميوار سياسي فردن جي ذاتي ويڙھه کي برداشت نٿي ڪري سگھي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *