دهشتگردن سان منهن ڏيڻ لاءِ سموري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو

 

سينيٽ ڪراچي سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو. ميمبرن چيو آهي ته دهشت گرد رياست کان طاقتور ناهن. دهشت گردن جو خاتمو ضروري آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ ۾ ڪراچي ۾ دهشت گردي جي واقعي تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر طاهر حسين مشهدي چيو ته ڪراچي ۾ 45 پاڪستانين ۽ مسلمانن جو رت وهايو ويو آهي جنهن تي افسوس ٿيو آهي. هن چيو ته ڪوئيٽا سانحي کانپوءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو ڪارو داغ آهي جيڪو ڪڏهن به ميساري نه ٿو سگهجي. هن معاملي ۾ سياست کي دفن ڪري ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته جن تنظيمن تي پابندي آهي اهي ڪراچي ۾ جلسا ڪري رهيون آهن، اسان هر شيءِ کي سياست جو رنگ ڏيون ٿا، هڪ ايس ايڇ او ۽ هڪ ڊي ايس پي کي معطل ڪري چيو وڃي ٿو ته اسان سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽر ڪريم خواجه چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جو واقعو مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته ان جو ٻج آمريت جي دور ۾ڇٽيو ويو، جنهن جي ڪري هي واقعا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اسماعيلي برادري جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. سينيٽر عتيق شيخ چيوته اسماعيلي برادري امن پسند برادري آهي ان کي نشانو بنائڻ مذمت جوڳو قدم آهي. هن چيو ته دهشت گرد عنصرن خلاف اسان کي اٿي بيهڻو پوندو. هن چيو ته دهشتگرد رياستي ادارن کان ڏاڍا نه آهن. سينيٽر خوش بخت شجاعت چيو ته دهشت گرد معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، ڪراچي ۾ 45 بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو.. سينيٽر سليم ضياءَ چيو ته ڪراچي ۾ وحشياڻي دهشت گردي جي اسان مذمت ڪريون ٿا، ڪراچي ۾ دهشتگردي جا واقعا ته پهرين به ٿيندا رهيا آهن پر هينئر هڪ پرامن برادري ان جو نشانو بڻي آهي. هن چيو ته ان واقعي جو مقصد شهر جون حالتون خراب ڪرڻ آهي. سينيٽر شاهي سيد چيو ته ڪراچي ۾ دهشت گردي جي واقعي تي بحث سان گڏوگڏ اسان کي ان صورتحال جو حل به ڳولڻو پوندو. هن چيو ته اسان 7، 8 سالن کان چئي رهيا آهيون ته ڪراچي ۾ اسلحي جو ڍير آهي پر ان تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، هن چيو ته ڪراچي ۾ امن جي لاءِ ڪرائي جي قاتلن بدران ماسٽر مائينڊن کي جهلڻو پوندو، سينيٽر سسئي پليجو چيو ته ڪڏهن ڪراچي امن جو ڳڙهه هو پر اتي اڄ رت جي هولي کيڏي پئي وڃي. پاڪستان جي عوام دهشت گردي جي خاتمي لاءِ قرباني ڏئي رهي آهي ۽ ملڪ مان جلد ان جو خاتمو اچي ويندو. سينيٽر نهال هاشمي چيو ته ڪراچي ملڪ جو واپاري مرڪز آهي. هن چيو ته 1985ع کان ويندي هيستائين ڪراچي ۾ دهشت گردي جي واقعن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ڪميشن ٺاهي وڃي. سينيٽر راحيلا مگسي چيو ته دهشت گردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج جا جوان عظيم قربانيون ڏئي رهيا آهن. سينيٽر خالده پروين چيو ته ڪراچي ۾ دهشت گردي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي. سينيٽ ڪراچي ۾ دهشت گردي جي واقعي خلاف مذمتي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجه قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڪراچي ۾ بيگناهه ۽ معصوم شهرين کي دهشتگردي جي واقعي ۾ نشانو بڻائڻ جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دهشتگردن خلاف سموري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو ۽ اڻوڻندڙ واقعي سان منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت چوڪس رهڻو پوندو ان سان گڏوگڏ هر ان شخص تي جيڪو شڪي لڳندو هجي نظر رکڻ گهرجي ته جيئن حڪومت ۽ پاڪ آرمي سان گڏ عام ماڻهو به دهشتگردن جي هر سازش کي ناڪام بڻائي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *