حدون اورانگهڻ وارومعاملو ۽ سنڌ جا مفاد:پنهل ساريو

ڪجھه ڏينهن ڊي جي رينجرز جي بيان تي ٺاپر کانپوءِ پياري پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي اسلام آباد ۾ ڪيل تقرير تي سياسي طوفان برپا ٿي ويو ۽ هر طرف ملڪ جي ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهڻ جي ڳالھه ڪندڙ آصف زرداري سان رٿيل ملاقاتون ملتوي ڪيون ويون سياستدانن حدون اورانگهيندڙ ادارن جي حمايت ۾ ۽ زرداري صاحب جي بيان جي مزمت ڪندي اٺ جي آنڍي جيڏا بيان جاري ڪيا ڪنهن نوابشاھ بند نه هجڻ ته ڪنهن لاڙڪاڻي ۾ هڙتال نه ٿيڻ جون دعوائون ڪيون اهڙي ريت ملڪ جو سياسي منظرنامو تبديل ٿيندي نظر آيو ۽ سياسي گرمي پد نوابشاھ ۽ جيڪب آباد کان به وڌيڪ گرم ٿي ويو، بنيادي طور سوال اهو ناهي ته آصف علي زرداري اهڙو بيان رينجرز جي الزام تراشين کانپوءِ اشتعال ۾ اچي ڏنو يا وري سندس بيان جي پسمنظر ۾ ڪراچي ۾ ٿيل چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف طرفان سنڌ حڪومت تي الزام تراشيون ڪرڻ کانپوءِ ملڪ جي اڳوڻي صدر کي ڳالهائڻ جي حق کان به محروم ڪرڻ هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ملڪ ۾ پهرين ڏينهن کان اهميت ۽ عزت ڏنڊي بردار قوتن جي رهي آهي .

جڏهن به عوام جي نمائيندگيءَ جي دعوا ڪندڙن جمهوريت جي ڳالھه ڪئي آهي تڏهن عسڪري قوتن وري نظريه ضرورت جي ڳالھه ڪئي آهي هي سلسلو 11 آگسٽ 1947 کان شروع ٿيو آهي جڏهن محمد علي جناح ملڪ جا بنياد رکڻ لاءِ ورهاڱي کان اڳ جيڪا تقرير ڪئي ملڪ جي اصل حڪمران طبقن ملڪ کي هلائڻ لاءِ ان تقرير توڙي 1940 جي قرارداد کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلي دراصل قرارداد مقاصد ۽ نظريه ضرورت کي اهميت ڏني نتيجي ۾ هي ملڪ جوڙجڪ کان پهريان ئي رياستي معاملن ۾ مذهب لاءِ ميدان بڻجي ويو ۽ پوءِ هر ڏهاڪي کانپوءِ لانگ بوٽن جي هت اهڙي ته لتاڙ ڪئي وئي جو عوام هر آمر ۽ جابر توڙي ڊڪٽيٽر ، جنرل جي حڪمن تي چٿبو ۽ ڇيڀاٽجندو رهيو. دهشت وحشت ۽ خوف لامارا ڏيڻ شروع ڪيا ماڻهن جي خوشي ۽ خريد تي راتاها هنيا ويا قومن جا نه فقط حق غضب ڪيا ويا پر قومي جبر وسيلي مظلوم قومن جي سياسي ساڃاھ کي انتهائي بيدرديءَ سان ڇٽيو ويو ۽ وسيلن جي ڦر لٽ ڪئي وئي نه رڳو اهو پر هن ملڪ جو مقصد پنجاب جي ٽن ضلعن مان خاص اداري ۾ ڀرتي ٿيندڙن جي مفادن کي پورو ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت مظلوم قومن ڄاڻي ورتو ته هي جيڪو جبر ۽ ظلم ٿئي ٿو

سو اصل حڪمران طبقن طرفان ئي ٿي رهيو آهي انهيءَ ڪري جڏهن اهڙي طرز جي ادارن جي اورانگهڻ تي ملڪ جو اڳوڻو صدر آصف علي زرداري دانهون ڪرڻ لڳي ٿو تڏهن محسوس ٿئي ٿو ته هي تڪرار ڪرپشن ڪندڙ ۽ ڪرپشن تي ضابطو آڻيندڙن جي وچ ۾ ناهي پر هي تڪرار ته سنڌ جون زمينون ڦٻائيندڙ سنڌ کي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪندڙ سنڌي ماڻهن کي ڪوڙا هڻندڙ ۽ سنڌ جي ڳوٺن تي بمباري ڪندڙ توڙي جمهوريت تي راتاها هڻندڙن جو ۽ سنڌ ۾ ووٽ جو مينڊيٽ رکندڙن جي وچ ۾ جيهڙو آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ هن ملڪ جا مقتدر ماڻهو گورنر هائوس ۾ ويهي سنڌ جي وڏي وزير يا حڪمران پارٽي آڏو مطالبا رکندا ۽ پوءِ پريشر وڌائڻ لاءِ الزام تراشيون ڪندا بعد ۾ وري 230 ارب ڦٻائڻ جا طعنا ڏيندا تڏهن لازمي طور تي ڌرتي ڄاوا اهڙا ماڻهو جيڪي ڀل گناهن جي گوھ مان ٽٻي هڻي آيا هجن پر انهن کي خبر هوندي آهي ته جيڪي ماڻهو طعنا ڏئي، سنڌ جي زمين معدنيات ۽ اختيار حاصل ڪرڻ گهرن ٿا اهي اسانکان وڌ گناھ گار آهن.

حالانڪ هتي سوال گهٽ يا وڌ ڏوهي جو ناهي هتي بنيادي سوال آهي منهنجي سنڌ جي لٽ ڦر جو ڇاڪاڻ ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي زمين جي والار انهن مقتدر قوتن ڪئي آهي جيڪا رقم هزارها ارب روپين کان مٿي آهي. سنڌ جو پئٽرول، گيس، ڪوئلو، سون ۽ چاندي ، گرينائيٽ ۽ سنڌي سمنڊ جا بي پناھ وسيلا ۽ معدنيات اربين ڊالرن کان مٿي آهي جنهن تي حدون اورانگهيندڙ ادارن جو ڪنٽرول آهي نه رڳو اهو پر سنڌو درياءَ کي بند ٻڌي اهڙو ئي سوڙهو ڪيو ويو جهڙو اڄ حدون اورانگهيندڙ ادارن سنڌ حڪومت کي آڻي بند گهٽي ۾ بيهاريو آهي انهيءَ ڪري مان سمجهان ٿو ته نواز شريف جڏهن رٿيل ملاقات زرداري صاحب جي بيان کانپوءِ ملتوي ڪئي ۽ سڀني سياستدانن توڙي اڪثر سنڌ جي قومپرستن آصف جي بيان جي مذمت ڪري حدون اورانگهيندڙ مقتدر قوتن جي اڻ سڌي طرح حمايت ڪئي آهي اسانکي سائين جي ايم سيد جي فڪر توڙي جهموريت جي سوين ڪتابن مان اهو درس ملي ٿو ته ڌرتيءَ جي بقا خاطر آمر جابر ۽ مارشلائي قوتن سان ويڙھ جاري رکڻ کپي. هتي سوال پ پ جي  منظم يا غير منظم هجڻ جو ناهي پر بنيادي سوال ارڙهين ترميم کانپوءِ سنڌ جي اختيارن تي لڳندڙ راتاهن جو آهي. اسان مڃون ٿا ته گذريل عرصي ۾ حڪومتي سطح تي زبردست ڪرپشن ٿي آهي پر ان کان وڌيڪ هر سطح تي سنڌ کي پنجاب ڦريندو ۽ لٽيندو رهيو آهي. هن ملڪ جي اڌ عمر کان مٿي مارشلائي قوتن جو راڄ رهيو آهي. انهيءَ ڪري اڄ جيڪڏهن اسانجا قومپرست يا پارليامينٽ جو شوق رکندڙ سنڌ دوست ۽ وفاق پرست سياستدان جيڪڏهن فوج سان گڏ بيهن ٿا ته هو عوام سان گڏ بيهڻ کان انڪار ڪن ٿا،  اڄ جيڪڏهن بليڪ ميلنگ ۾ اچي سنڌ حڪومت سنڌ جي 9 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين حدون اورانگهيندڙ ادارن جي شهيدن جي وارثن جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته اها سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام سان ويساھ گهاتي ٿيندي ڇاڪاڻ ته اڳ ئي لکين ايڪڙ زمين بلڪه پاڪستان جي هڪ ڪروڙ 10 لک ايڪڙ زمين اهڙن ادارن حوالي آهي جڏهن ته فقط 70 لک ايڪڙ زمين ملڪ جي جاگيردارن، چوڌرين، وڏيرن، خانن ۽ سردارن وٽ آهي. انهيءِ ڪري سنڌ جي زمين سنڌ جي ماڻهن جو حق هجڻ کپي. ڪشمير ۽ دبئي وانگر زمين تي حق فقط انڊيجنئس سنڌ جو هجڻ کپي. پاڪستان پپلز پارٽيءَ کي گهرجي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي پارليامينٽ وانگر سنڌ اسيمبلي مان اهڙو بل پاس ڪرائي بحرحال صورتحال انهتائي ڳنڀير نظر اچي رهي آهي. آصف علي زرداري سياسي شطرنج جو ماهر رانديگر آهيءَ انهيءَ ڪري ايئن نه ٿئي ته مقتدر قوتن کي انهيءَ زمين ڏيڻ بعد راضي ڪري وڃي. بحرحال مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي مفادن ڪاڻ ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ سياسي قوتن کي آمرن پويان ڊوڙون پائڻ نه گهرجن عوام جي ترقي خوشحالي ۽ بقا لاءِ جدوجهد جي واحد واٽ سياسي جدوجهد ۾ آهي

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *